نئون

ٺٽي ضلعي اندر 27000 ٻار اسڪول کان ٻاهر: رپورٽ

ٺٽي ضلعي اندر ڪجهه سالن ۾ 27000 ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اسڪول ڇڏي چڪا آهن. جڏهن ته ضلعي جي 1461 اسڪولن مان 955 اسڪول ئي ڪم ڪري رهيا آهن. ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پاران جوڙيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ضلعي جا 522 اسڪول کلي نه سگهيا آهن جنهن جو سبب اسڪولن ۾ رپيئر جو هلندڙ ڪم يا اتي استادن جي گهٽتائي آهي. رپورٽ مطابق استادن جي گهٽتائي جو هڪ سبب اهو به آهي ته ضلعي اندر ڪيترن ئي استادن پاران نوڪري کان رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي آهي، جنهن جو سبب اهو آهي ته سرڪار پاران رٽائرمينٽ جون شرطون گهٽاون ويون آهن. جنهن کانپوءِ 1000 استادن پاران اوائلي طور رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي.  آهي رپورٽ مطابق 1461 اسڪولن ۾ 60238 انرولمينٽ آهي. جڏهن ته 1000 مان 350 استادن ته صرف ميرپورساڪرو مان رٽائرمينٽ ورتي آهي. رپورٽ مطابق اسڪولن جي عمارتن جي خراب حالت بابت به وقت بوقت اعليٰ اختيارين کي اطلاع ڏني ويندي آهي. ضلعي اندر پرائمري اسڪولن جي صورتحال جي خراب هئڻ جو سبب اهو آهي ته ضلعي اندر استادن جون 213 سيٽون، جنهن مان پرائمري استادن جون 99 ۽ 109 جونيئر اسڪول ٽيچرز جون سيٽون شامل آهن. ضلعي اندر سول سوسائٽي ۽ والدين پاران گهر ڪئي ويندي آهي ته ضلعي اندر تعليم جي حالت کي سڌاريو وڃي.