ڪو وقت هو جڏهن سياسي پارٽين ۾ سينيئر ۽ وفادار ڪارڪنن کي وڏي اهميت ڏني ويندي هئي، جڏهن سياسي پارٽين ۾ وڏي تعداد ۾ نظرياتي ڪارڪن ڪامياب ٿي ويندا هئا. سنڌ ۾ نظرياتي سياست جي تاريخ اهم حيثيت رکي ٿي، پاڪستان ٺهڻ کان پهرين ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ ۾ نظرياتي ليڊرن جي سٺي کيپ تيار ٿيندي رهي آهي، اڳي نظرياتي پارٽين ۾ فڪري سگھه مضبوط ڪرڻ لاءِ پارٽي اڳواڻ پاڻ نظرياتي موضوعن تي ڪتاب لکندا هئا، جيڪي ان پارٽي جو ڪيڊر هجڻ سان گڏ پارٽي موقف جي طور ڊاڪيومينٽ جو حصو هوندو هو، پر اڄ ملڪ ۾ نظرياتي سياسي ڪارڪن موجود ضرور آهن، پر سياسي پارٽين ۾ سندن حيثيت هاڻي ڪجهه به نه رهي آهي، موجوده سياست ۾ رڳو ٻن قسمن جا ماڻهو سياست ڪري سگهن ٿا، هڪ اهي جيڪي چمچاگيري جا ماهر هجن ۽ ٻيو اهي جن وٽ تمام گهڻو پئسو هجي. باقي فڪري يا سچي ماڻهوءَ کي رسوائيءَ کانسواءَ ڪجهه به حاصل نٿو ٿئي. جيڪڏهن سوشل ميڊيا تي نظر وجهجي ٿي ته هر سياسي پارٽي جو ڪارڪن پنهنجي ليڊر کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي، انهن مان ڪي ته پنهنجي ليڊر جي ساراهه ۾ اهڙيون ڊگهيون ڪهاڻيون لکن ٿا، جيڪي پڙهي توهان جي پيٽ ۾ درد ٿيڻ لڳي ٿو. اڪثر ائين ڏٺو ويو آهي ته اقتدار واري ماڻهوءَ جا گيت ڳايا وڃن ٿا، جيئن پي ٽي وي لاءِ مشهور آهي ته سرڪار جي حمايت کانسواءِ ڪابه خبر ناهي هلائڻي ان ڪري ائين چئجي ٿو ته جيڪڏهن بلڊپريشر کان بچڻو اٿوَ ته PTV ڏسو. ڇو ته خانگي چينل توهان کي مخالفن جون خبرون ٻڌائيندا۔ احتجاج به ڏيکاريندا. ڪرپشن، بدامني، بيروزگاري ۽ روز روڊن تي ٿيندڙ ايڪسيڊنٽن واريون خبرون ٻڌائي توهان کي وڌيڪ بيمار ڪندا آهن، ان ڪري سرڪار پيڪا قانون تحت انهن چينلز ۽ اخبارن تي پابندي هڻڻ جو قانون ٺاهي پاڻ کي شفاف جمهوريت جو دعويدار قرار ڏنو آهي، ڇو ته ملڪ جي سياستدانن کي غلط چوڻ گناهه ڪبيرا آهي. جيڪڏهن انهن جي علمي حيثيت ڏسون ته اسلامي ملڪ ۾ کين اسلام بابت ڪا ڄاڻ ڪانهي. شراب کي قانوني طور ماکي قرار ڏين ٿا. قومي خزاني جي لٽڻ کي جائز قرار ڏين ٿا. پئسن عيوض چونڊون کٽي وزارتون وٺي وري انهيءَ پئسي مان ٻيا پئسا ٺاهين ٿا، يعني سياست هن ملڪ جو بهترين ڪاروبار آهي.