بلاگنئون

نظرياتي سياست جي پڄاڻي ٿيندي پئي وڃي!

ڪو وقت هو جڏهن سياسي پارٽين ۾ سينيئر ۽ وفادار ڪارڪنن کي وڏي اهميت ڏني ويندي هئي، جڏهن سياسي پارٽين ۾ وڏي تعداد ۾ نظرياتي ڪارڪن ڪامياب ٿي ويندا هئا. سنڌ ۾ نظرياتي سياست جي تاريخ اهم حيثيت رکي ٿي، پاڪستان ٺهڻ کان پهرين ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ ۾ نظرياتي ليڊرن جي سٺي کيپ تيار ٿيندي رهي آهي، اڳي نظرياتي پارٽين ۾ فڪري سگھه مضبوط ڪرڻ لاءِ پارٽي اڳواڻ پاڻ نظرياتي موضوعن تي ڪتاب لکندا هئا، جيڪي ان پارٽي جو ڪيڊر هجڻ سان گڏ پارٽي موقف جي طور ڊاڪيومينٽ جو حصو هوندو هو، پر اڄ ملڪ ۾ نظرياتي سياسي ڪارڪن موجود ضرور آهن، پر سياسي پارٽين ۾ سندن حيثيت هاڻي ڪجهه به نه رهي آهي، موجوده سياست ۾ رڳو ٻن قسمن جا ماڻهو سياست ڪري سگهن ٿا، هڪ اهي جيڪي چمچاگيري جا ماهر هجن ۽ ٻيو اهي جن وٽ تمام گهڻو پئسو هجي. باقي فڪري يا سچي ماڻهوءَ کي رسوائيءَ کانسواءَ ڪجهه به حاصل نٿو ٿئي. جيڪڏهن سوشل ميڊيا تي نظر وجهجي ٿي ته هر سياسي پارٽي جو ڪارڪن پنهنجي ليڊر کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي، انهن مان ڪي ته پنهنجي ليڊر جي ساراهه ۾ اهڙيون ڊگهيون ڪهاڻيون لکن ٿا، جيڪي پڙهي توهان جي پيٽ ۾ درد ٿيڻ لڳي ٿو. اڪثر ائين ڏٺو ويو آهي ته اقتدار واري ماڻهوءَ جا گيت ڳايا وڃن ٿا، جيئن پي ٽي وي لاءِ مشهور آهي ته سرڪار جي حمايت کانسواءِ ڪابه خبر ناهي هلائڻي ان ڪري ائين چئجي ٿو ته جيڪڏهن بلڊپريشر کان بچڻو اٿوَ ته PTV ڏسو. ڇو ته خانگي چينل توهان کي مخالفن جون خبرون ٻڌائيندا۔ احتجاج به ڏيکاريندا. ڪرپشن، بدامني، بيروزگاري ۽ روز روڊن تي ٿيندڙ ايڪسيڊنٽن واريون خبرون ٻڌائي توهان کي وڌيڪ بيمار ڪندا آهن، ان ڪري سرڪار پيڪا قانون تحت انهن چينلز ۽ اخبارن تي پابندي هڻڻ جو قانون ٺاهي پاڻ کي شفاف جمهوريت جو دعويدار قرار ڏنو آهي، ڇو ته ملڪ جي سياستدانن کي غلط چوڻ گناهه ڪبيرا آهي. جيڪڏهن انهن جي علمي حيثيت ڏسون ته اسلامي ملڪ ۾ کين اسلام بابت ڪا ڄاڻ ڪانهي. شراب کي قانوني طور ماکي قرار ڏين ٿا. قومي خزاني جي لٽڻ کي جائز قرار ڏين ٿا. پئسن عيوض چونڊون کٽي وزارتون وٺي وري انهيءَ پئسي مان ٻيا پئسا ٺاهين ٿا، يعني سياست هن ملڪ جو بهترين ڪاروبار آهي.

هاڻي سوال اهو آهي ته سياسي ڪارڪنن چمچو فيڊنگ جو رستو ڇو اختيار ڪيو؟ شايد ان ڪري جو اڄ جا سياسي اڳواڻ به انهن سياسي ڪارڪنن کي ترجيح ڏين ٿا جيڪي انهن جي ساراهه ڪن ٿا ۽ شايد اهوئي سبب آهي جو سياسي چمچن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ان جو هڪ اهم سبب نظرياتي سياست جو خاتمو آهي. هاڻي اهو سوال ذهن ۾ اچي ٿو ته نظرياتي سياست ڪيئن ختم ٿي؟ ڪو وقت هو جڏهن سياسي پارٽين ۾ ڪارڪنن کي ڳالهائڻ جي اجازت هوندي هئي، سياسي ڪارڪن پنهنجو نقطهءِ نظر پيش ڪندا هئا، پارٽيءَ جي پاليسين سان اختلاف ۽ پنهنجي اڳواڻن سان اختلاف به ڪندا هئا ۽ اهڙن سياسي ڪارڪنن کي نظرياتي ورڪر چيو ويندو هو، جيڪي پنهنجي نفعي ۽ نقصان جو نه، پر پنهنجي قيادت ۽ پنهنجي سياسي پارٽيءَ جي فائدي ۽ نقصان جو سوچيندا هئا، پر هن وقت سياست ۾ شخصي چاهت وڌڻ سبب نظرياتي سياست جو خاتمو ٿيندو پيو وڃي جنهن ڪري اجتماعي مسئلا جنم وٺي رهيا آهن انفرادي مسئلا اهميت موجب حل ٿي رهيا آهن سياست عبادت مان نڪري ڪاروبار  ۽ ذاتي مفادن طرف گامزن آهي جنهن ڪري عوام به ان روش طرف هلي پيو آهي. هر شهر ڳوٺ تعلقو ضلعو پر پورو صوبو ئي ڌوڙ لڳو پيو آهي. موروثي سياست ۽ موروثي قومپرست اڳواڻيءَ سنڌ ۾ نظرياتي سياست جو خاتمو آندو. انھن ئي سنڌ جي حقن جي سوديبازي ۽ مرڪزي سياسي غلاميءَ جو ٻج پڻ پوکيو آهي.

نظرياتي سياست جي پڄاڻيءَ جو هڪ سبب اهو به آهي ته جڏهن سياسي ڪارڪنن پنهنجين سياسي پارٽين لاءِ جيل ڪاٽيا، قربانيون ڏنيون ۽ جانيون به ضايع ڪيون تڏهن به کين يا سندن خاندان کي عزت نه ملي ايتري تائين جو سندس خاندان جي پوئيواري ئي نه ڪئي وئي جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته “جنين ڪاڻ مئاس، سي ڪلهي ڪانڌي نه ٿيا” يعني جن قربانيون ڏيئي پارٽيءَ جي پيغام کي عام ماڻهن تائين پهچايو ان کي ڪا اهميت نه ڏنائون. ان لاءِ مان پنهنجو مثال ڏيڻ لازمي ٿو سمجهان. مان هڪ سياسي ۽ مذهبي جماعت جو ڪارڪن رهيو آهيان پوري ضلعي اندر مسلسل ست سال ڳوٺن توڙي شهرن تائين بيداري مهم هلائي ۽ پوري پاڪستان ۾ بهترين ڪارڪردگيءَ تي ايوارڊن سان نوازيو ويو. سنڌ ۾ منهنجي جستجو کي ساراهيو ويو، ڇو ته مان پارٽيءَ جي حڪم کي اکين تي رکي اڳتي وڌندو رهيس. ملڪ جون ايجنسيون ۽ ادارا مون تي نظر رکڻ لڳا، پر مان اهڙو ڪوبه غلط ڪم نه پئي ڪيو جو مون کي روڪي سگهن. سماجي ڪمن واري شعبي کي اهميت ڏيڻ منهنجو اصول رهيو. ان جي باوجود مون کي بنا ڪنهن ڏوهه جي مسلسل 10 سال زير عتاب رکيو ويو، پر پارٽيءَ جي ڪنهن فرد به نه پڇيو ته منهنجو حال ڪهڙو آهي منهنجو گهر ۽ اولاد ڪيئن پيو گذاري. سماجي تعلقات ڪيئن پيا هلن وغيره. مطلب ته انهن کي ايتري جرئت به نه ٿي ته منهنجي ڪيس ۾ منهنجي مدد ڪن. مون پنهنجو رت ست وقت ۽ پئسو ان پارٽيءَ جي دفاع توڙي واڌ ويجهه لاءِ وقف ڪيو، پر موٽ ۾ اڪيلي سر پنهنجو ڪيس وڙهي پار پهتس. هڪ غريب نظرياتي ورڪر پنهنجي زندگيءَ جا 30 سال پارٽيءَ کي ڏئي ٿو، پئسا خرچ ڪري ٿو، هر قسم جون قربانيون ڏئي ٿو، پر جڏهن کيس عزت ڏيڻ جو وقت اچي ٿو ته ان نظرياتي ورڪر کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو ۽ ترجيح ان امير زادي کي ڏني وڃي ٿي، جيڪو ڪجهه مهينا اڳ ٻي پارٽيءَ مان آيو هو، شايد اهوئي سياسي اڳواڻن جو نظرياتي سياست ڏانهن رويو آهي.  اهو سچ آهي ته هاڻي سياسي پارٽين ۾ پنهنجا پنهنجا نظريا ختم ڪيا پيا وڃن، موجوده سياستدانن جا رويا ڏسي نظرياتي سياست جو ڪنڌ جهڪي ويو آهي. هن وقت پاڪستان جي سياست ۾ پئسو وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪو آهي يا اهي جيڪي ليڊر جي گوبر کي سبز ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، منهنجي خيال ۾، جيستائين اهو رويو تبديل نه ٿيندو، تيستائين نظرياتي سياست ترقي نه ڪري سگهندي ۽ جيڪڏهن نظرياتي سياست ترقي نه ڪري سگهي ته پوءِ سياسي استحڪام هڪ خواب ئي رهندو ۽ اسٽيبلشمينٽ سامراجي سوچ راڄ مٿان غالب اچي ويندي. هن وقت فڪري علمي ۽ نظرياتي سھپ وارو ماحول پيدا ڪرڻ  جي  ضرورت آھي. سياست ۾ شخصيت پرستي زھر وانگر آھي جيڪا سنڌ کي پنھنجي پيرن تي بيهڻ نٿي ڏئي.