سنڌ هن وقت سراپا احتجاج بڻيل آهي ڇو ته وفاق سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ جي تيارين ۾ مصروف آهي. ان ڳالهه جي ورجاءُ جي ضرورت ته ناهي ته پاڪستان هڪ وفاق آهي، جنهن ۾ صوبا پنهنجي پنهنجي آئيني حقن جي مطابق پنهنجا وسيلا استعمال ڪن ٿا ۽ انهن جا وسيلا ۽ ذريعا ٻئي ڪنهن صوبي يا وفاق کي کڻڻ جي اجازت ناهي. آئين ۾ ادارن جون حدون به مقرر آهن ته انهن جو ذميداريون به آئين ۾ لکيل آهن، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان وفاق هوندي به جتي پنهنجو اڌ حصو 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي صورت ۾ وڃائي چڪو آهي، جيڪو هاڻي بنگلاديش بڻجي ويو آهي. ساڳئي ريت ناانصافيون جاري آهن ۽ مستقبل جي خطرن کان بي خبر ٻيهر اهڙا قدم کنيا پيا وڃن جيڪي وفاق کي مضبوط ڪرڻ جي بجاءِ ان کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. هن وقت پاڪستان کي اندروني خطرن ۾ سڀني کان وڏو خطرو پاڪستان جون پنهنجون اهي پاليسيون آهن جنهن سان صوبن کي پنهنجا حق نه ملي رهيا آهن، جنهن ۾ سنڌ جو عوام ڇهن ڪئنالن جي معاملن تي مسلسل پنهنجو آواز اٿاري طاقتور ڌرين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر ادارا سندن آواز ٻڌڻ بجاءِ ان تي “نو ڪمينٽس” چئي خاموش آهن.
هن وقت پاڪستان جو گرين انيشيئيٽو ڪامپريهينسو پروجيڪٽ جنهن ۾ ايگريڪلچر، ماحوليات، ڪارپوريٽ فارمنگ، لائيو اسٽاڪ ۽ واٽر مئنيجمينٽ جهڙا اهم منصوبا شامل آهن ڪم ڪيو پيو وڃي. وقت سان گڏ شين کي ضرور بهتر ٿيڻ کپي ۽ پنهنجي ملڪ جي وسيلن کي معاشي استحڪام جي لاءِ بهتر طريقي سان استعمال ڪري ان مان وڌيڪ ناڻو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، پر وقت ۽ حالتون جيڪڏهن ڪنهن به صوبي جي جاگرافيائي تبديلي جو سبب بڻجن يا ان جي قدرتي وسيلن جي لٽ مار جو سبب بڻجن ته اهڙن منصوبن کي شروع ٿيڻ کان پهرين ئي ختم ٿي وڃڻ گهرجي. هي منصوبو به ڪجهه اهڙو منصوبو آهي جنهن تي پوري پاڪستان جو عوام خوش ٿيڻ جي بجاءِ صرف هڪڙو صوبو پنجاب خوشيون ملهائي رهيو آهي، ڇو ته ان جو سڄو فائدو پنجاب کي حاصل ٿيندو ۽ سنڌ صوبو ان جي تباهڪارين کي منهن ڏيندو. 25 فيبروري 2025ع تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سي ايم هائوس ۾ هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت اهو واضح ڪري چڪي آهي ته نظام ۾ اضافي پاڻي آهي ئي ڪونه، ان ڪري ڪئنال نٿا ٺهي سگهن ۽ سنڌ حڪومت سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي رهي آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت پنهنجو ڪيس انگن اکرن سان وڙهندي. هن وقت سنڌ کي ملندڙ پاڻي چشما کان ماپيو ويندو آهي ۽ وڏي وزير چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ جي ماپ هاڻي گڊو بئراج تي ٿيندي. سنڌو تي نون ڪئنالن خلاف احتجاجن تي تنقيد ڪندي وڏي وزير چيو ته سندس موقف مڃرائڻ لاءِ کيس قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي ضرورت نه آهي، سندس چوڻ مطابق هو دليلن سان پنهنجو ڪيس مڃرائي سگهي ٿو ۽ سندس حڪومت کي ان مسئلي جي لاءِ روڊن رستن تي اچڻ جي ضرورت نه آهي، پر وڏي وزير کي ان ڳالهه جي خبر هجڻ گهرجي ته جتي پاڪستان پيپلز پارٽي هن وقت سنڌ صوبي جي حڪمران پارٽي آهي اتي ٻيون ڪيتريون ئي سياسي جماعتون پنهنجي پنهنجي جهنڊي هيٺ سياست ڪري عوام جي اندر پنهنجن حقن جي سجاڳي ۽ پنهنجن وسيلن تي پنهنجي اختيار جي باري ۾ ماڻهن جي اندر وڃي بيداري پيدا ڪري رهيون آهن.
25 فيبروري 2025 تي موري شهر جي باءِ پاس تي جسمم پنهنجو ڌرڻو هڻي سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڇهن ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان ڌرڻي جي مٿان سنڌ پوليس فائرنگ ڪري ماڻهن کي خوفزده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڇا هڪ سياسي پارٽيءَ کي پنهنجي ماڻهن ۾ پنهنجن وسيلن جي اختيار تي آگاهيءَ لاءِ ڪوبه احتجاج ڪرڻ جي اجازت ناهي. ڇا ملڪ ۾ مارشل لا لڳل آهي جو عوام رستن تي نٿو نڪري سگهي يا احتجاج نٿو ڪري سگهي؟ هن وقت سنڌ حڪومت هڪ فاشسٽ ڌر وارو ڪم ڪري رهي آهي. سندس موقف اهو آهي ته اها پاڻيءَ جي معاملي تي ڪنهن به قسم جو ڪمپرومائيز نه ڪندي ۽ پنهنجو حق وٺي رهندي، پر جڏهن اها ئي ساڳي ڳالهه هڪ سياسي جماعت پنهنجي عوامي احتجاج جي ذريعي ڪري ٿي ته ان جي مٿان گوليون هلائي ان جي مخالف عمل ڪري سنڌ حڪومت پنهنجي منافقت جو اظهار ڪري رهي آهي. ڪيترو نه سٺو ٿئي ها جو اهو گرين انيشيئيٽو وارو پروجيڪٽ سڀني صوبن ۾ انهن زمينن تي شروع ڪيو وڃي ها جيڪي هن وقت آباد ٿي سگهن ٿيون ۽ اتي پاڻي اڳ ۾ ئي موجود آهي يا ننڍا ننڍا واهه ڪڍي انهن زمينن تائين پاڻي پهچائڻ ڪو مسئلو ناهي، پر لڳي ٿو ته هن پروجيڪٽ جي پٺيان نيتن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪا کوٽ آهي جنهن سبب سنڌ جي عوام جي ڀرپور احتجاج کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، جيڪو هڪ غير آئيني عمل آهي.