سنڌ ۾ ڪورونا وائرس تي ڪنٽرول لاءِ ٽاسڪ فورس قائم، ايران مان آيل 1500 زائرين جي مانيٽرنگ جو فيصلو

سنڌ حڪومت طرفان ايران مان آيل 1500 زائرين جي مانيٽرنگ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جو هڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ صورتحال تي وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ڪيو، جنهن ۾ صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ ماهر ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪورونا وائرس جو هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي، متاثر شخص 28 ماڻهن سان گڏ ايران جو دورو ڪيو هو، اسان ان گروپ جي هر ڀاتي سان رابطو ڪيو آهي ۽ اهي سڀ نگراني هيٺ آهن. اهي ماڻهو صحت کاتي سان مڪمل تعاون ڪري رهيا آهن. 1500 ماڻهن جا ٻار اسڪول نه وڃي سگهندا ۽ ٻين ٻارن سان به نه ملي سگهندا. انهن ماڻهن کي سندن گهرن اندر ئي آئيسوليشن ۾ رکيو ويندو. وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس بابت مون کي ڪنهن به گڏجاڻي ۾ نه سڏايو آهي، قومي معاملو سمجهي سوچين