خاص

توشه خانه ڪيس: عمران خان نااهل قرار

اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ توشه خانه ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته عمران خان هاڻي قومي اسيمبلي جو ميمبر ناهي رهيو، عمران خان جو جمع ڪرايل جواب درست نه هو، عمران خان بدعنواني ۾ ملوث رهيو آهي، سندس قومي اسيمبلي واري سيٽ کي خالي قرار ڏنو ٿو وڃي. اليڪشن ڪميشن طرفان فيصلو ٻڌائڻ لاءِ فول پروف سڪيورٽي طلب ڪرڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل پڻ موڪليا ويا. اسلام آباد انتظاميه ايس ايس پي جي نگراني ۾ سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا، اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس جو فيصلو 19 سيپٽمبر تي محفوظ ڪيو هو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف آگسٽ ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي درخواست تي عمران خان خلاف توشه خانه ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو هو، جنهن ۾ عمران خان جي نااهلي جي درخواست ڪئي وئي هئي. ريفرنس ۾ چيو ويو ته عمران خان توشه خانه مان ورتل تحفن ۽ انهن تحفن جي وڪرو مان حاصل ڪيل رقم جو تفصيل پنهنجن اثاثن ۾ ناهي ڏيکاريو.