عمران خان جي نااهلي کانپوءِ پي ڊي ايم جو اهم اجلاس
پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اسلام آباد ۾ سربراهي اجلاس صدر مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ ٿيو. اليڪشن ڪميشن مان توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان جي نااهلي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي غور ڪرڻ لاءِ گهرايل اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. لنڊن مان اجلاس ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز به وڊيو لنڪ تي شريڪ ٿيا. جڏهن ته اختر مينگل، طاهر بزنجو، مير ڪبير شاهي، هاشم بابر، سينيٽر شفيق ترين، آغا حسن بلوچ اجلاس ۾ موجود هئا. اجلاس ۾ عمران خان جي نااهلي کانپوءِ پيدا ٿيل سياسي صورتحال ۽ پي ٽي آءِ جي امڪاني لانگ مارچ کي روڪڻ بابت حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويو. هن اجلاس ۾ تيل اگهن ۽ عوام کي رليف ڏيڻ بابت غور ڪيو ويو.