بلاگنئون

ڪارائتي علم جا سُونهان اصول

انساني تاريخ ۽ ترقيءَ جي سفر ۾ ٻين شين ۽ ڳالهين سان گڏ انفرادي توڙي گڏيل علم ۽ تعاون انسان کي معمولي کان غير معمولي مخلوق جي درجي تائين رسائڻ ۾ اهم رهيا آهن. علم ۽ تعاون هڪ ٻئي کان سواءِ اڌورا ۽ بيوس آهن. انساني ترقي ڪڏهن به اتفاقي ناهي رهي. اها هميشه هڪ بيچين ذهن کان شروع ٿي آهي. اهڙو ذهن جيڪو سوال ڪري، مشاهدو ڪري، شڪ ڪري، سکي ۽ ٻيهر تعمير ڪري. علم چاهي ڪهڙي به، يعني روايتي يا غير روايتي تعليمي نظام، وسيلي حاصل ڪيو وڃي، اهو تيستائين ڪارگر ۽ ڪارائتو نٿو بڻجي سگهي. جيستائين ان جي روح ۾ ٻين شين ۽ ڳالهين سان گڏ ڪجهه بنيادي اصول شامل نه آهن. هن مضمون ۾ آئون علم کي ڪارائتي بڻائڻ وارين چند اهم ۽ بنيادي اصولن جي نشاندهي ۽ اپٽار ڪندس. اهي اصول صرف علمي خوبيون ناهن؛ اهي تهذيب جا بنيادي پٿر آهن. اچو ته انهن کي تاريخ، سائنس، فلسفي، مذهب ۽ سماجيات جي مثالن سان سمجهون.

پنهنجي اڻڄاڻائي ۽ جهالت جو اعتراف ڪرڻ: دانائي جو پهريون قدم پنهنجي اڻڄاڻائي کي قبول ڪرڻ آهي. سقراط چيو هو “مان اهو ڄاڻان ٿو ته مان ڪجهه به نٿو ڄاڻان.” هيءَ ڳالهه فقط عاجزي يا انڪساري نه هئي، پر هڪ طريقيڪار هو. جڏهن انسان پنهنجي علم جي حدن کي سڃاڻي ٿو ته مٿس ڳولا ۽ تحقيق جا در کلي وڃن ٿا. سُقراط جي هن اصول کيس ايٿنس جي معاشري جي هر شعبي ۽ پهلوءَ تي مسلسل سوال اٿارڻ تي مجبور ڪيو، جنهن هن کي نسبتن بهتر “سچائي” تائين پهچڻ ۾ مدد ڪئي. اڄ به سندس طريقو هڪ نه ٻِي صورت ۾ سائنسي علمن ۾ ميسر معلومات جي وچ ۾ وٿين ۽ خامين کي ڀرڻ ۽ معلوم کان نامعلوم تائين پهچڻ لاءِ مفروضن کي سونهون بڻائي انهن کي معروضي تجربن جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ساڳيءَ طرح آئزڪ نيوٽن پاڻ کي سمنڊ جي ڪناري تي کيڏندڙ ٻار سان تشبيهه ڏني، جڏهن ته سندس لاءِ سچائيءَ جو سمنڊ اڃان اڻڄاتل هو.

شين ۽ لقائن جي نامڪمل ۽ ناقص هجڻ کي تسليم ڪرڻ ۽ پنهنجو مشاهدو وسيع ڪرڻ: پنهنجي اڻڄاڻائي ۽ جهالت کي تسليم ڪرڻ جي بنياد تي اسان هن نتيجي تي پهچون ٿا ته سڀني شين ۽ لقائن بابت اسان جو انفرادي توڙي مشترڪه علم ۽ ڏاهپ ڪڏهن به هر طرح سان ڪامل ۽ بي عيب نه رهيا آهن، بلڪه اهي هميشه نامڪمل ۽ ناقص رهيا آهن. ٻين لفظن ۾ دنيا ۾ موجود شيون ۽ لقاءَ پنهنجي اندر هر وقت ڪي نوان ۽ اڻ ڇهيل پاسا رکن ٿا، جيڪي سجاڳ ۽ ڳولهيندڙ ذهنن جِي پرکيندڙ نظر جي انتظار ۾ آهن. تاريخ ٻڌائي ٿي ته وچئين دور ۾ زمين کي ڪائنات جو مرڪز سمجهيو ويندو هو. اهو ناقص نظريو ايستائين هلندو رهيو، جيستائين ان ۾ خاميون ظاهر نه ٿيون. ڪوپرنيڪس ان خيال کي چئلينج ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته پراڻا نظريا غلط هئا ۽ سج بدران زمين ان جي چوڌاري گردش ۾ آهي. سائنس ان ڪري ڳتي وڌندي ٿي رهي ڇو ته ان جي پانڌيئڙن نامڪملتا کي نه رڳو قبول ڪيو آهي، پر ان کي مسلسل بهتري لاءِ هڪ خوبصورت ضرورت پڻ ڄاتو آهي. چارلس ڊارون جو “ارتقائي نظريو” (Theory of Evolution) هن اصول جو خوبصورت مثال آهي، جنهن مطابق فطرت توڙي مخلوقات ڪامل نه آهن، اهي ماحول مطابق پنهنجين اوڻائين ۽ ڪمزورين کي مناسب “فطري چونڊ” وسيلي درست ڪندا رهن ٿا. شين جي زمين تي هيٺ ڪِرڻ بابت سر آئيزِڪ نيوٽن جي ڳُوڙهي مشاهدي کيس ڪششِ ثقل جا قانون دريافت ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. مير تقي مير خوب چيو هو ته اسان جهان ۾ شين کي سرسري ڏسون ٿا، نه ته هر جاءِ تي هڪ الڳ جهان موجود آهي:

سرسري تم جهان سي گذري

ورنه هر جا جهانِ ديگر ٿا.

جڏهن اسان اهو تسليم ڪنداسين ته هر جاءِ تي هڪ نئون جهان موجود آهي ته يقينن اسان اتان سرسري گذرڻ بدران نئين جهان کي دريافت ڪرڻ واسطي پنهنجي مشاهدي کي ڳُوڙهو بڻائينداسين. ڪِرسٽوفر ڪولمبس جا سامونڊي سفر ساڳئي تجسس سان ڀرپور هئا، ڇو ته هُن نامعلوم رستن وسيلي معلوم توڙي نامعلوم ماڳن ۽ مڪانن کي دريافت ڪرڻ پئي چاهيو. هُن جيئن ته ڌرتيءَ جي سڌي هجڻ کي رد ڪيو هو ۽ ان کي بال وانگر گول تصور ڪندي انڊيا کي ڳولهڻ لاءِ ابتي يعني اولهندي پاسي ۾ سفر ڪيو، نتيجي ۾ يورپين کي آمريڪا دريافت ٿيو! سماجيات ۽ بشريات جي ماهر مارگريٽ مِيڊ جڏهن ڏورانهان ڏيهه ۽ ساموئا جهڙيون ثقافتون ڏٺيون، تڏهن ئي کيس احساس ٿيو ته مختلف خطن ۾ مختلف سماجي قائدا قانون ۽ اخلاقيات رائج هئا؛ اهو ئي سبب هو ته اولهه ۾ بلوغت ۽ جنس بابت ماڻهن جي مُروج انتهاپسنديءَ وارن لاڙن ۾ لچڪ پيدا ٿي.

فلسفي ۽ تاريخ کي پنهنجو استاد سمجهڻ ۽ انهن جي ورق گرداني مان نيون شيون سکڻ: غير يقيني دنيا جي سمنڊ ۾ بهتر سچائي جي تلاش ۽ غوطا خوري لاءِ ضروري آهي ته اسان فلسفي ۽ تاريخ کي پنهنجا سونهان بڻايون. اهي اسان جي حال توڙي مستقبل کي ماضي جي ڏاهپ ۽ سبقن سان بهتر بڻائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. روشن خيال مفڪر وولٽيئر پنهنجي تاريخي مضمونن جهڙوڪ “دِي ايج آف لوئس 14” ۾ تاريخ کي فقط واقعاتي رڪارڊ يا ڊائري نٿو سمجهي، پر ان کي هڪ استاد ڪوٺي ٿو، جيڪو انساني غلطين ۽ ڪاميابين جي تسلسل ۾ پوشيده اهم لاڙن جي نشاندهي ڪري ٿو. اهو پنهنجي شاگردن يعني پڙهندڙن کي ماضيءَ جون غلطيون نه دُهرائڻ جو سبق ڏئي ٿو، ته جيئن حال ۽ مستقبل جا مونجهارا گهٽائجي سگهن. ساڳي ريت جڳ مشهور فلسفِي امينوئل ڪانٽ پنهنجي ڪتاب “دِي ڪِرٽِيڪ آف پيور رِيزن” ۾ اسان کي علم جي حدن بابت سوال اٿارڻ سيکاري ٿو، جيڪو هڪ مربوط ذهن جي نشونما ڪري ٿو ته جيئن موجوده مسئلن کي سوچ جي سمنڊ منجهان گهربل ڏاهپ وسيلي حل ڪري سگهجي. انسان مس وڃي هاڻي “انسان-پسنديت” (Humanism) جي نظريي کي سمجهيو هو ۽ ان جو پاند پڪڙيو هو ته مٿان وري “هٿرادو ذهانت” ۽ “ڪلوننگ” جي ٽيڪنالاجي ان جا بخيا اڊيڙڻ لاءِ پنهنجا پرڙا هڻي رهي آهي. ان ڪري اهو ضروري آهي ته فلسفي ۽ تاريخ کي پنهنجو استاد بڻائي هن للڪار کي وقتائتو منهن ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪريون.

پنهنجي بنيادن کي نه وساريو ڇو ته نئين ڏاهپ جا پير پراڻي ڏاهپ جي ڪلهن تي آهن: فلسفي ۽ تاريخ جي استادن (مضمونن) مان اسان کي اها پڻ پروڙ ملي ٿي ته شين ۽ لقائن وانگر دنيا جا سڀ مضمون هر وقت ارتقا جي مرحلن مان گذري رهيا آهن. سندن (يعني انساني) موجوده ڏاهپ جا پير پراڻي ڏاهپ جي ڪلهن تي بيٺل آهن. نيوٽن هڪ خط ۾ رابرٽ هُڪ کي لکيو هو ته: “آئون پَراهون ان ڪري ڏسي سگهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته آئون وڏن اڪابرن ۽ دانشورن جي ڪلهن تي بيٺل آهيان.” بيشڪ نيوٽن جي دريافتن جو بنياد گيلِيلو ۽ ڪيپلر جهڙن ڏاهن جي ڏاهپ تي بيٺل آهي. ان ڪري پنهنجي تاريخي بنيادن، توڙي جو اهي هن وقت لڏيل آهن، کي نظرانداز ڪرڻ دانائي نه آهي. جامي چانڊئي چواڻي ته هر ثقافت هڪ داڳِي ميوي وانگر آهي جنهن جو داڳيل حصو ڪوري اڇلائي ڇڏجي، جڏهن ته ڪارائتو حصو واپرائجي. جيڪڏهن هر ماڻهو کي هڪ ڦيٿي جي نئين سر ايجاد ڪرڻي پوي ها ته دنيا ۾ ڪا ترقي نه ٿئي ها. سائنس توڙي ٻيا سڀ علم ۽ فن انسانن جي گڏيل ۽ مسلسل ڪاوشن، تخليقن، دريافتن ۽ اختراعن جي ضرب اپت آهن.

معروضي علمن جي اهميت جو اقرار ڪرڻ ۽ انهن کي فروغ ڏيڻ: معروضي علمن مان مراد خالص ۽ سماجي سائنسز Pure & Social Sciences آهن. هي سائنسي علم مسئلن جي حل يا علم جي تعمير لاءِ لاڳاپيل “سائنسي طريقو” استعمال ڪندا آهن. سائنسي طريقي جا هي عنصر ۽ مرحلا آهن: آزاد/غير جانبدار مشاهدا ڪرڻ، مناسب مفروضا جوڙڻ، مفروضن جي صحيح يا غلط هجڻ بابت محتاط تجربن وسيلي معلومات يا ڊيٽا گڏ ڪرڻ، ڊيٽا جو مناسب شمارياتي طريقن سان تجزيو ڪرڻ، لاڳاپيل نتيجو ڪڍڻ ۽ ان تي بحث ڪرڻ، مناسب نظريو جوڙڻ، ساڳِي تحقيق جو مختلف هنڌن ۽ ماڻهن جي سيمپل تي ورجاءُ ڪري نتيجن جي پڪ ڪرڻ وغيره. هي طريقو ان ڪري ڀروسي لائق آهي، ڇو ته ان ۾ سڌاري جي گنجائش هر وقت موجود آهي. هن طريقي سان حاصل ڪيل علم انسانن کي وهم پرستي کان نجات ڏيارِي آهي. ٻيڙي ۽ ڦيٿي جهڙين اولين ايجادن سميت فليمنگ جي ايجاد ڪيل اينٽي بايوٽڪ پينيسيلين، جيمس واٽ جي اسٽِيم انجڻ ۽ صنعتي انقلاب کان ٿيندي جديد بايو ٽيڪنالاجي ۽ هٿرادو ذهانت جي انقلاب سان لاڳاپيل تقريبن سڀ ايجادون، دريافتون ۽ اختراعون هن طريقي سان سلهاڙيل سائنسدانن جي ڪاوشن سان واسطو رکن ٿيون. فطرت کي سمجهڻ ۽ سماجي مسئلن کي هن طريقي سان حل ڪرڻ جو سهرو فرانسس بيڪن ڏانهن وڃي ٿو. هن مطابق معروضي سچائي تائين رسڻ جو پهريون ڏاڪو ذهن ۽ ذهانت جي صفائي ۽ ڇانگ آهي، يعني اسان کي هڪ دفعو وري هڪ ٻار بڻجڻو پوندو جنهن جو ذهن هر نظرئي ۽ تصور کان پاڪ هوندو آهي، جنهن جو ذهن ماضي توڙي حال جي هر ساڙ ۽ بغض کان پاڪ هوندو آهي. ان ڪري اسان کي پنهنجن ذهنن منجھان چئن  قسمن جي غلط تصورن کي ڪوري ڪڍڻو پوندو؛ بيڪن مطابق اسان کي چئن قسمن جي بتن کي ڪيرائڻو پوندو. هن مطابق هڪ بُتُ اها تصوير آهي جيڪا هڪ سچائي بدران انسانن طرفان گھڙِي وئي آهي. ان جو مطلب هي آهي تي هڪ حقيقي شيءِ لاءِ ڪو منگھڙت خيال هڪ بت آهي. دنيا جهان جون سڀ غلطيون ڪنهن نه ڪنهن قسم جي بت سان واسطو رکن ٿيون. اهي چار بت هي آهن:

قبيلي جا بُتَ (Idols of Tribe): هنن مان مراد آهي ته مختلف ثقافتي ۽ مذهبي نظرين ۽ تصورن جي اثر هيٺ اسان جي مخصوص سوچ ۽ سمجهه جُڙي ٿي. آئون سمجهان ٿو انهن اثرن مان گهڻا ماڻهو مرڻ گهڙيءَ تائين نڪري نه سگهندا آهن.

غارَ جا بُتَ (Idols of Cave): بيڪن مطابق هن قسم جي بُتن هيٺ اهي انساني غلطيون اچن ٿيون، جيڪي هر انسان لاءِ انفرادي يا ذاتي طور سندس سمجھه ۽ شعور ۾ موجود رڪاوٽ يعني غار يا کاهِي جي ڪري پيدا ٿين ٿيون. انسان جي اها غار يا کاهِي فطرت جي حقيقي روشني ۽ سچائيءَ کي ٽوڙي مروڙي ۽ بي رنگ بڻائي ڇڏي ٿي. اها ڪوتاهي هر انسان جي جينياتي جوڙجڪ، ذهانت، ماحولياتي اثرن ۽ سندس وقتي رجحانن جي ڪري پيدا ٿئي ٿي.

بازار جا بُتَ (Idols of the Marketplace): بيڪن مطابق هن قسم جي بُتن ۾ ٻوليءَ سان لاڳاپيل انساني غلطيون اچن ٿيون. دنيا جو ڪار ونهوار ۽ واپار ٻوليءَ جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگھيو آهي. هر علائقي جي پنهنجي پنهنجي ٻولي هوندي آهي. ان ٻولي ۾ لفظ اسان جا ٺاهيل نه هوندا آهن، پر اهي ٻين ماڻهن طرفان ڪجھه خيالن جي نمائندگي لاءِ مڙهيل هوندا آهن. اهي لفظ (يا ٻولي) اسان کي حقيقت ۽ سچائي تائين پهچڻ ۾ رڪاوٽ جو سبب به بڻبا آهن. مثال طور: فلاسافر چوندا آهن ته هر شيءِ جو ٺاهيندڙ آهي، پر خدا پنهنجو پاڻ ٺهيو آهي. ڇا اهڙي قسم جا جملا ٻوليءَ جي بناوت مطابق ۽ سببن ۽ نتيجن مطابق صحيح نموني ٺهڪي بيهن ٿا؟ هر سالم ذهن ۽ ايماندار ذهنيت وارو ماڻهو ڄاڻي ٿو ته ڪو به سبب، بنا سبب جي پيدا نٿو ٿئي. شايد فلسفي جي عظيم ترين معراج اهو جملو ٿي سگھي ٿو ته “اسان ڪوڙ ڳالهائڻ بند ڪريون!”

ٿيئٽر جا بُتَ (Idols of the Theater): بيڪن مطابق هي اُهي انساني غلطيون آهن جيڪي مختلف وقتن تي مختلف فلسفين طرفان سندن نظرين ۽ سندن مشاهدن جي بنياد تي قانونن جي صورت ۾ اسان جي ذهنن تائين پهتيون آهن. هنن کي ٿيئٽر جا بت ان ڪري چيو وڃي ٿو، جو اهي نظريا غير حقيقي ۽ نمائشي انداز ۾ اسان جي ذهنن ۽ سوچن جي پردي يا ٿيئٽر تي ڏيکاريا ويندا آهن. مثال طور: افلاطون جي دنيا فقط افلاطون جي دنيا هئي، جيڪا ذهن جي خيالي تصورن تائين ٻڌل هئي، ان کان ٻاهر ان جو وجود ئي نه هو!

تقليدي ۽ روايتي بجاءِ تنقيدي سوچ ۽ شعور جي آبياري ڪرڻ: انساني معاشرا تڏهن ترقي جون منزلون طئي ڪندا آهن، جڏهن انهن ۾ موجود ماڻهو تقليد بجاءِ شين ۽ لقائن جو تجزيو ڪندا آهن ۽ انهن کي تنقيدي اک سان ڏسندا ۽ پرکيندا آهن. جتي هڪ ڪتاب يا شخصيت کي ڪنهن به سوال کان مٿانهون ۽ هميشه لاءِ صحيح سمجھيو ويندو آهي، اهو معاشرو بيٺل پاڻي وانگر ڌپ ڪري ڪِنو ٿي ويندو آهي. تجسس، شڪ ۽ سوال انسانن جا سُونهان آهن، جيڪي رٽي ۽ نقل بجاءِ تجزياتي ۽ تنقيدي سوچ، رويي ۽ عمل جا طلبگار آهن. توڙي جو هن قسم جا ماڻهو عدد ۾ ٿورا هوندا آهن، پر هرارِي مطابق ماڻهن جو ننڍو ٽولو ئي، جيڪو شاعرن، اديبن، دانشورن، مفڪرن، سائنسدانن، محققن ۽ حقيقي استادن تي ٻڌل آهي، تاريخ جو رخ موڙڻ جي سگهه رکي ٿو ۽ انقلاب برپا ڪري سگهي ٿو. رِنيسانس (Renaissance) يا نشاتِ ثانيه دوران ليونارڊو ڊي وِنسي پراڻن ڪتابن ۾ لکيل معلومات بدران لاشن جي چير ڦاڙ وسيلي انساني بدن جي اندروني عضون ۽ نظامن کي سمجهڻ کي بهتر ڄاتو.

ان ڪري مُروج روايتن، ثقافتن ۽ قدرن جو اکيون بند ڪري سُٺو ۽ محبِ وطن شهري بڻجڻ بدران جڏهن نوجوانَ ۽ دانشور پنهنجي اندر پنهنجا رستا پاڻ ٺاهڻ جو اتساهه پيدا ڪندا آهن ته اهو معاشرو پاڻيءَ جي گندي تلاءَ منجهان وهندڙ درياءَ جو روپ وٺي ذهنن جي آبياري ڪري ان کي روشن خيالي جي منزل طرف وٺي ويندو آهي. مارٽن لوٿر ڪنگ عيسائي چرچ جي پادرين طرفان شاهوڪارن لاءِ “پئسا ڏئي گناهه بخشرائڻ” خلاف 1517ع ۾ 95 دليل، Ninty-Five Theses لکي مذهبي اختيارين کي للڪاريو، نتيجي ۾ اڳتي هلي ان توڙي ٻين سببن جي ڪري روايتي “ڪيٿولڪ“ عيسائيت خلاف “پروٽيسٽنٽ عيسائيت” سامهون آئي. فلسفي ۾ فريڊرڪ نٽشي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب Thus Spoke Zarathustra ۾ روايتي مُروج مذهبي قدرن جي سچائي کي للڪاريو ۽ انهن کي بلڪل نون ۽ بهتر قدرن سان تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي.

ان ڪري روايتي ۽ هٿ ٺوڪين شين کان نجات جو هڪ طريقو اهو آهي ته اسان پنهنجن پڃرن مان ٻاهر نڪري سوچيون، پرکيون ۽ پراڻين ۽ دقيانوسي شين ۽ نظرين کي نين بهتر شين ۽ نظرين سان تبديل ڪريون. البرٽ آئن اسٽائن جڏهن پاڻ کي روشني جي ڪِرڻي وانگر تيز سفر ڪندڙ ماڻهوءَ وانگر تصور ڪيو، تڏهن ئي اهو نيوٽن جي ميڪانيت ۽ برقي مقناطيسيت جي قاعدن کان اڳتي وڌي وشال ڪائنات ۾ وقت ۽ وٿيءَ جي مامرن کي پنهنجي “ٿيوري آف رليٽوِٽي” وسيلي سلجهائڻ ۾ ڪامياب ويو. سماجيات ۾ مهاتما گانڌي “عدم تشدد” واري مزاحمتي تحريڪ وسيلي سامراجي انتقام کان بچي سگهيو ۽ انهيءَ پر امن تحريڪ جي ڪري هُو انساني حقن جو علمبردار بڻيو.

شخصيت پرستي کان آجو ٿي سچ جي راهه جو پانڌيئڙو ٿيڻ: اڪثر مذهبي ۽ نظرياتي پيروڪار شخصيت پرستي جو شڪار ٿي انڌا عقيدتمند بڻجي ويندا آهن؛ اهي سموري زندگي ان ڪٽرپڻي مان آجا نه ٿي سگهندا آهن. شخصيت پرستي اسان کي شين ۽ لقائن کي مختلف رخن کان ڏسڻ ۽ پرکڻ نه ڏيندي آهي، نتيجي ۾ اسان ڪيترين ئي خوبصورت ۽ رنگين حقيقتن ۽ مزن کان محروم رهجي ويندا آهيون. ٻيو ته انسان جيئن ته پنهنجِي زندگيءَ ۾ ٻين مامرن سان گڏ ذهني ارتقا جي مرحلن مان پڻ گذريو هوندو آهي، ان ڪري شخصيت پرستي ۾ ڦاٿل ماڻهو ان شخص جي ڪيترن ئي تضادن ۽ نقصن تي پردي پوشي ڪندي انهن تضادن ۽ نقصن کي ابتو سماجي خوبين طور پيا اجاڳر ڪندا آهن. ان کانسواءِ ڪيترا شخصيت پرست پنهنجي من پسند هيرو جي ظاهري ڏيک کي پڪڙي سندس اصل تعليمات کي پٺيان اڇلائي جهالت جي اونداهي ۾ پيا ڀٽڪندا آهن، بلڪل ايئن جيئن هن وقت جا اڪثر مسلمان پنهنجي پيغمبر جي ظاهري سنت کي چنبڙيل آهن ۽ سندس تعليمات جي حقيقي روح کان وانجهيل آهن!

شين ۽ لقائن ۾ عدم توازن ۽ توازن جي ارتقا ۽ مسلسل جنگ جو اقرار ڪرڻ: مسلسل تبديلي يعني ارتقا فطرت ۽ ڪائنات جو اٽل قانون آھي، ان ڪري ھر نظام ۽ ھر توازن پڻ مسلسل ارتقا پذير ھوندو آھي ۽ پنھنجي اندروني ۽ بيروني تضادن جي اثر ھيٺ تعمير يا تخريب جي عمل مان گذري رھيو ھوندو آھي. اھوئي سبب آھي جو ھڪ شيءِ جو فناٿيڻ ٻي شيءِ ۾ ڍلجڻ يعني انتقال ئي آھي ۽ پراڻو نظام ۽ توازن ھڪ نئين نظام ۽ توازن ۾ ڍلجندو ئي رھي ٿو.

سماجي لقاءَ پڻ مٿين جمالياتي لقائن وانگر سندن جوڙيندڙ جزن ۽ انساني عملن جي تعميري ۽ تخريبي تضادن ۾ توازن جا مظھرآھن. ھر سماجي انقلاب ننڍڙين ننڍڙين شين ۽ انساني عملن جي تسلسل ۽ تنظيم جي پيداوار ھوندو آھي. ھر وڏي انقلاب جي شروعات تمام ننڍڙي ڪوشش ۽ ڪم جي تسلسل ۽ تنظيم سان ٿيندي آهي. پاڻيءَ جي ھڪ ڦڙي جي بظاهر ڪا حيثيت نه آهي، پر اھي ڦڙا جڏھن مينھنجي صورت اختيار ڪندا آھن ته پھاڙن جون دليون به چيري ڇڏيندا آھن. ھڪ قدم جي بظاهر ڪا حيثيت نه آهي، پر ھڪ ھڪ قدم ملي سفر بڻجي ٿو جيڪو اسان کي منزل تائين رسائي ٿو. ھڪ نقطي جي بظاهر ڪا حيثيت ناهي، پر ھڪ ھڪ نقطو ملي ليڪ بڻجي ٿو جيڪا اڳتي ھلي توهان جي من گُھرئِي وڏي تصوير ٺاھي ٿي. ساڳي طرح سان ننڍي ۾ ننڍي برائي کي پڻ معمولي نه سمجهو، ڇو ته اڳتي ھلي ان برائي جو تسلسل ھڪ تمام وڏي الميي کي جنم ڏيندو آھي. سقراط جي سوالن جوابن واري طريقي (دليل + ردِ دليل = نئون تصور يا دليل) ۽ بنياد تي ئي جهموريت ۽ انسان پسنديت نظريا بيٺل آهن. مطلب ته جنگ امن لاءِ ضروري آهي ۽ امن جنگ جو نتيجو آهي.

انساني تعاون وسيلي دنيا کي خوبصورت ۽ گهڻ ثقافتي گهوارو بڻائڻ: مصر جي اهرامن کان وٺي هر ايجاد، اختراع ۽ دريافت انساني تعاون جي مرهونِ منت آهي. زميني، سامونڊي، هوائي ۽ خلائي رستن ۽ گاڏين کان وٺي هر سماجي، معاشي، نظرياتي نظام پڻ انيڪ انساني حياتين ۽ نسلن جي گڏيل جدوجهد جو ثمر آهي. ٻئين عالمي جنگ کانپوءِ اقوامِ متحده جو قيام عالمي تعاون جو مظهر آهي. توڙي جو اقوامِ متحده جو ادارو هن وقت سپر پاورس وٽ يرغمال ٿيل آهي، پر ان کي هڪ دفعو وري هميشه لاءِ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيئن ته صنعتي انقلاب بدولت گرين هائوس گيسن جي تمام گهڻي اخراج جي ڪري ماحولياتي آلودگي ۽ وڌندڙ عالمي گرمي جو درجو اسان جي ڌرتيءَ جي بقا لاءِ خطرو بڻجي چڪا آهن. نتيجي ۾ نه رڳو اسان انسانن جو وجود، پر سموري ڌرتي ۽ ان تي وسندڙ سڄي جيوت ۽ فطرت پڻ تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪا آهن. ان ڪري جيترِي هن وقت عالمي انساني تعاون جي ضرورت آهي اوترِي ماضيءَ ۾ ڪڏهن به نه هئي. جيڪڏهن دنيا جون قومون ۽ ملڪ پنهنجا ويڇا وساري هن وقت هڪ نه ٿيندا ۽ ٻي ثقافت کي برابري ۽ عزت نه ڏيندا ته يقينن مستقبل قريب ۾ اسان جي سڄي ترقي ۽ تاريخ مٽي ۾ ملي ويندي. علامه اقبال خوب چيو هو ته؛

فرد قائم ربط ملت سي هي تنها ڪڇ نهين

موج هي دريا مين اور بيرون دريا ڪڇ نهين.

ڪوڙ ۽ بدعنواني کي چٿڻ: آخر ۾ ڪوڙ ۽ بدعنواني کي پنهنجي زندگيءَ مان پاڙئون پٽڻ اسان جي اجتماعي زندگي کي خوبصورت بڻائڻ ۽ ترقي ڪرڻ لاءِ بنيادي قدمَ آهن. اسان کي جاپان چائنا سميت اولهه جي ترقي يافته ملڪن کان نئين نسل کي ڪُوڙ جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ، انهن جي بهترين تربيت ڪرڻ ۽ پنهنجي شعبي ۾ سچي دل سان محنت ڪرڻ جا سبق سکڻا پوندا ۽ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ نه رڳو اسان پاڻ کي، پر پوري دنيا جي وجود کي خطري ۾ وجهي ڇڏينداسين!

ڳالهه جو ڳر اهو آهي ته مٿيان اصول انسانيت لاءِ ڪجهه بنيادي فڪري منشور آهن.اهي اسان کي سيکارين ٿا ته عاجزي اختيار ڪجي، پنهنجي اڻڄاڻائي ۽ فطرت جي نامڪملتا کي تسليم ڪجي، سوالن پڇڻ جي حوصلا افزائي ڪجي، تنقيدي ۽ تخليقي سوچ کي فروغ ڏجي، معروضي علمن ۽ ان جي پانڌيئڙن جي فروغ لاءِ هڙان وڙان سهڪار ڪجي، تقليد بجاءِ پنهنجو رستو ٺاهجي، پنهنجي ثقافت جي اوڻاين کي درست ڪجي، تاريخ ۽ فلسفي جي علمن کي سونهون بڻائجي، سچ جو ساٿ ڏجي ۽ ڪوڙ ۽ بدعنواني کي پاڙئون پٽڻ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿجي.