خاص

فائز عيسيٰ جي گهرواري وزيراعظم، فروغ نسيم ۽ شهزاد اڪبر جو ٽيڪس ريٽرن رڪارڊ طلب ڪري ورتو

جسٽس فائز عيسيٰ جي گهرواري سرينا عيسيٰ ايف بي آر کي پنهنجي تفصيلي جواب ۾ چيو ته ايف بي آر قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي شهرين کي منهنجو ٽيڪس رڪارڊ فراهم ڪيو. سرينا عيسى ايف بي آر کان مطالبو ڪيو آهي ته هو وزيراعظم عمران خان، قانون واري وزير فروغ نسيم، احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر، اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور خان، وحيد ڊوگر ۽ اشفاق احمد جو ٽيڪس رڪارڊ فراهم ڪري. هن ايف بي آر کي اهو به چيو ته کيس انهن جا ٻاهرين بئنڪ اڪائونٽس جو تفصيل به فراهم ڪيا وڃن، بشمول انهن ماڻهن جي خاندانن جي آمدني، انڪم ٽيڪس ۽ ٽيڪس گوشوارن سوڌو رڪارڊ فراهم ڪيا وڃن. ياد رهي ته ايف بي آر سرينا عيسيٰ جي ٽيڪس ريٽرن تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو هو. جڏهن ته سرينا عيسيٰ پڻ ايف بي آر ٽيم تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو هو، جنهن جو چوڻ هو ته ايف بي آر ٽيم منهنجي رڪارڊ ۾ ڦير گهير ڪري سگهي ٿي.