نواز شريف جي طبي بنياد تي سزا معطلي واري درخواست تي اعتراض ظاهر
نواز شريف جي طبي بنياد تي سزا جي معطلي واري درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس اعتراض واري ڇڏيو آهي. رجسٽرار آفيس متاثر ڌر نه هجڻ جو اعتراض واريندي چيو آهي ته شهباز شريف نواز شريف جي اپيل ۾ متاثر ڌر نه آهي. واضح رهي ته مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ طبي بنياد تي نواز شريف جي سزا معطل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي. جنهن ۾ چيو ويو هو ته نواز شريف مختلف بيمارين ۾ مبتلا هئڻ سبب تڪليف ۾ آهي. هن جي صحت خراب آهي. ان ڪري العزيزيا ڪيس ۾ ٻڌايل سزا کي معطل ڪيو وڃي. اپيل تي فيصلو ٿيڻ تائين نواز شريف کي ضمانت تي آزاد ڪري پرڏيهه علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي.

