بلاگنئون

پنجاب ۽ ارسا زبردستي پاڻيءَ جي کڻت واري هوڏ تي قائم

سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي سڀ کان وڌيڪ حق سنڌ صوبي جو آهي، انهيءَ ڪري جو درياءَ جو ڇوڙ سنڌ صوبي ۾ ٿئي ٿو ۽ دنيا جي قانون مطابق جتي درياءَ ڇوڙ ڪندو آهي ان درياءَ جي پاڻيءَ تي سڀني کان وڌيڪ حق ان علائقي جو هوندو آهي. اسان وٽ ان جي ابتڙ آهي. هتي پنجاب هميشه ڏاڍ ڏيکاري سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي راتاهو هڻي سنڌ جو حق ڦريو آهي. انهيءَ جي ڪري جو سنڌو درياءَ پنجاب مان گذري ٿو. سنڌ ۽ پنجاب جو پاڻيءَ تي اهو جهڳڙو ورهاڱي کان پهرين به هلندڙ هو، پر انگريز سرڪار سنڌ کي پنهنجو حق ڏياريو هو، پر ايوب حڪومت ۾ جڏهن پنجاب جا ٽي درياءَ ڀارت کي وڪرو ڪيا ويا ته پنجاب ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي پئي، جنهن جو بندوبست پنجاب سنڌو درياءَ مان پاڻيءَ جو وڌيڪ حصو کڻي ڪيو.
هن وقت جيڪو مستند دستاويز پوري ملڪ جي لاءِ قابل قبول آهي اهو پاڻيءَ جو 1991ع وارو ٺاهه آهي، جنهن ۾ پڻ سنڌ سان انصاف نه ڪيو ويو آهي. ان جي باوجود پنجاب ان ٺاهه کي ڪڏهن به نه مڃيو آهي ۽ هميشه پنهنجي هوڏ تي رهيو آهي. ارسا جنهن کي سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ جي ورهاست ڪرڻي آهي اها اٿارٽي پڻ پنجاب کي روڪڻ ۾ ڪامياب نٿي وڃي يا روڪڻ نٿي چاهي. هن وقت جڏهن سنڌ صوبي کي پنهنجي فصلن جي پوکيءَ لاءِ پاڻيءَ جي سخت ضرورت آهي ۽ سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ سارين جي فصل جي لاءِ پاڻيءَ جي کوٽ آهي. سنڌ جي وچولي ۾ ڦٽيءَ جي فصل جي پوکي ٿي رهي آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن صوبي کي مقرر ٿيل پاڻيءَ جو حصو به نه ملندو ته يقينن فصل جي پوکيءَ ۾ گهٽتائي ٿيندي جنهن جو نقصان سنڌ جو عوام ڀوڳيندو. ڇو ته سنڌ بنيادي طور تي زرعي معاشيات رکي ٿو. جيڪڏهن انهيءَ ۾ به ڪوتاهي ٿي ته پوءِ زراعت سان لاڳاپيل زميندار کان وٺي ننڍي آبادگار تائين ماڻهو متاثر ٿيندا، پر عام ماڻهو جو گذر به مشڪل ٿي پوندو. گذريل هفتي ارسا جي ميٽنگ ۾ سنڌ جي نمائندي اعتراض اٿاريو ته چشمه جهلم لنڪ ڪئنال ۾ اوهان پاڻي ڇو ڇڏيو آهي. جڏهن ته اهو ڪئنال صرف آبڪلاڻي جي موسم ۾ ان وقت وهايو ويندو آهي جڏهن درياءَ ۾ گهرج کان وڌيڪ پاڻي موجود هوندو آهي، پر هن وقت ته ضرورت جيترو پاڻي درياءَ ۾ موجود نه آهي. پنجاب جي ميمبر چيو ته اسان صرف 2000 ڪيوسڪ پاڻي اهو به پنجاب جي حصي جو کڻي انهيءَ ڪئنال کي وهايون ٿا. اڄ جي خبر آهي ته هاڻي انهيءَ پاڻيءَ جو مقدار 2000 ڪيوسڪ کان وڌي 7000 ڪيوسڪ تائين پهچي ويو آهي. ڪوٽڙي بئراج کان نڪرندڙ اڪرم واهه جنهن کي لائين چينل به چيو ويندو آهي ان جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش 4100 ڪيوسڪ آهي، هاڻي اوهان سمجهي سگهو ٿا ته تقريبن اڪرم واهه کان ٻيڻو پاڻي چشمه جهلم لنڪ ڪئنال ۾ زبردستي ڇڏيو وڃي ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو هر سال پنجاب جي زمين جي آباد ٿيڻ جو تناسب وڌي رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ گهٽجي رهيو آهي. واضح مثال هن سال پنجاب ۾ ڪڻڪ جو فصل هڪ ڪروڙ 74 لک ايڪڙ تي پوکيو ويو. جڏهن ته گذريل سال پنجاب اندر ڪڻڪ جو فصل هڪ ڪروڙ 60 لک ايڪڙ تي پوکيو ويو هو. هن سال پنجاب 14 لک ايڪڙ وڌيڪ زمين آباد ڪئي آهي ۽ اهو پاڻي سنڌ جي پاڻيءَ جي حصي مان کنيل آهي، انهيءَ ڪري سنڌ ۾ هر سال زمين جي آباد ڪرڻ جو تناسب گهٽجي رهيو آهي. سنڌ حڪومت سنڌ جي ان مسئلي تي آخر دانهن ڇو نٿي ڪري؟ سنڌ اسيمبلي خاموش ڇو آهي؟ ارسا کي ڪنهن ڍل ڏني آهي ته هو سنڌ جي پاڻيءَ تي راتاهو هڻي؟ پر هتي سنڌ جي آبادگار جو به ڏوهه آهي جيڪو پوري طاقت سان پنهنجو حق وٺڻ لاءِ تيار نظر نٿو اچي. ڏيکاءُ خاطر احتجاج ڪري ٿو، سڀ کان وڌيڪ ڀوڳي ته آبادگار ٿو. ان کي پنهنجو آواز پوري طاقت سان بلند ڪرڻو پوندو. نه صرف سنڌ اسيمبلي جي سامهون احتجاج ڪرڻو پوندو، پر ضرورت پوي ته قومي اسيمبلي جي سامهون به پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي ۽ پنهنجي حصي جو پاڻي حاصل ڪري، ڏسون آبادگار کي اها مت ڪڏهن ٿي اچي.