ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: چوڏهين فيبروريءَ تي نوٽ پيڊ ۾ لکيل تحرير

اڄ، چوڏهين فيبروري آهي. محبت جو عالمي ڏهاڙو ۽ تون تمام گهڻو ياد اچي رهي آهين. منھنجي ڪمري جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ يونيورسٽيءَ جي چئني سالن دوران محبت جي عالمي ڏينھن تي ڏنل تنھنجا تحفا، گلدستا ۽ توسان گڏ گهاريل خوبصورت لمحن جون يادون وکريون پيون آهن، جيڪي دل کي بيقرار ڪري رهيون آهن. ڏس مان تو کانسواءِ ڪيڏو اڪيلو ٿي ويو آهيان! هيءَ اڪيلائي منھنجي احساسن جو ساھ ٻوساٽي رهي آهي. هيءَ ٻوسٽ، هيءَ گُهٽ تنھنجي ساهن جي سرهاڻ جي ڪمي شدت سان محسوس ڪرائي رهي آهي، جيڪا پھريون دفعو تو منھنجي چپن کي يونيورسٽيءَ ۾ وسندڙ رمجهم دوران گل مھر جي وڻ هيٺان ارپي هئي. ياد اٿئي ان ڏينھن کان اهو وڻ پنھنجي پيار جو سڀ کان وڌيڪ سڪون ڏيندڙ اسٿان بڻجي ويو هو، جنھنڪري تو ان وڻ جو نالو،‘لَوُ ٽري’ رکي ڇڏيو هو. ان ڏينھن کان اهو وڻ مون لاءِ ڪائنات جي سمورن وڻن کان وڌيڪ مقدس بڻجي ويو هو. ان هيٺان تو مون کي پنھنجي حسين چپڙن مان ڪيترائي سُرها جام ارپيا هئا، جتي ويٺي، خبر ئي نه پوندي هئي، جو شام لڙي ويندي هئي ۽ رات اچي پنھنجا خيما کوڙيندي هئي. ائين ڪيتريون ئي سرمئي شامون ان وڻ هيٺان رات ۾ تبديل ٿي وينديون هيون. ڪيترين ئي سانجهين جا سرها ۽ سُرھا پل تنھنجي اکين جي آغوش ۾ رھندي، گذري ويندا هئا. پوءِ جڏهن سنجها ويل هاسٽل جي ڪمري تي ايندو هئس ته ڪتابن، المارين ۽ ٽيبل تي رکيل گلدستن مان تنھنجي وجود جي مھڪ اچڻ لڳندي هئي. مان تو کانپوءِ اها مھڪ، اها سُرهاڻ  دنيا جي ڪنھن به شيءِ مان محسوس نه ڪري سگهيو آهيان. تو کانپوءِ منھنجو هر ويلنٽائن ڊي يونيورسٽيءَ جي باغيچي ۾ موجود ان گل مھر جي وڻ هيٺان گذريو آهي. خبر ناهي هر ويلنٽائن ڊي تي مون کي ڇا ٿي ويندو آهي، جو گذريل پنجن سالن کان مان 14 فيبروريءَ جو ڏينھن ان وڻ هيٺان اڪيلو گذارڻ پسند ڪندو آهيان. اڄ به مون کي هيءَ اڪيلائي، هيءَ اداسي ان وڻ ڏانھن وٺي وڃي رھي آھي. مان فليٽ تان لھي، پارڪنگ مان گاڏي ڪڍي رهيو آهيان. مان اوڏانھن وڃي رهيو آهيان، ڇو وڃي رهيو آهيان!؟ ڪنھن جي لاءِ وڃي رهيو آهيان!؟ تولاءِ…؟،  پاڻ لاءِ؟ خبر ناھي ڇو ۽ ڇا لاءِ؟ ھا، شايد پنھنجي پيار جي ماضيءَ لاءِ…!

 مان جڏھن به ان وڻ ڏانھن ويندو آھيان ته مون کي لڳندو آھي، ڄڻ توسان ملاقات ڪري آيو آھيان. ھاڻي ته پنج سال گذري ويا آهن، پر پوءِ به ھر سال چوڏھين فيبروريءَ تي مان ان وڻ سان ملاقات ڪرڻ ويندو آھيان. ڇو ويندو آهيان!!؟ خبر ٿئي ڇو، ڇو جو تنھنجون، ڳالهيون ڪرڻ ۽ پنھنجي پيار بابت ڳالهائڻ لاءِ هن دنيا ۾ منھنجو اهڙو ڪوبه دوست ناهي، جنھن سان مان تو بابت ۽ پنھنجي ماضيءَ جي پيار بابت ڳالهائي سگهان! جنھن کي مان ٻڌائي سگهان ته مان اندروني طور تي ڪيترو اڪيلو آھيان! ڪيترو تنھا آھيان! جنھن کي اھو ٻڌائي سگهان ته منھنجي بظاھر ڪامياب ۽ خوشحال زندگيءَ ۾ تنھائي ۽ اڪيلائيءَ جا ڪيڏا نه اڻ کٽندڙ بيابان موجود آھن! جيڪي ڏينھون ڏينھن وڌيڪ ڦھلجندا وڃن ٿا! مان اھو ڪنھن کي ٻڌايان ته مان اڪيلو ۽ تنھا ڇو آھيان! ھن ڌرتيءَ تي اھو ته فقط تون ئي سمجهي سگهين ٿي ته مان اڪيلو ۽ تنھا ڇو آهيان؟ ان ڪري جڏهن هر سال چوڏهن فيبروريءَ تي پاڻ کي وڌيڪ اڪيلو محسوس ڪندو آهيان ته تنھنجو ‘لو ٽِري’ مون کي پاڻ ڏانھن گهرائيندو آهي. جڏهن مان ان جي پکڙيل گهاٽي ڇانوَ ۾ ايندو آهيان ته لڳندو آهي، ڄڻ تنھنجي يادن جي آغوش ۾ اچي ويو ھجان. ان جا ڏار مون کي تنھنجون ٻانھون ۽ ان جون ٽاريون تنھنجا حسين زلف لڳنديون آهن. ان جي ڇانوَ مان مون کي اڃان تائين تنھنجي ڀاڪر جو احساس محسوس ٿيندو آهي. ان ڪري ان سان منھنجو پنھنجائپ جو رشتو آهي. پاڻ هڪٻئي جو انتظار ڪندي، ان وڻ جي هيٺان ئي ته دل جي سڪ ڀريءَ بيقراريءَ جي ڪيفيت ونڊيندا هئاسين. اهو هڪڙو وڻ ئي ته اسان جي بيقراري ۽ انتظاريءَ جي وقت، پنھنجي لاءِ ڇپر ڇانوَ به بڻبو هو ته سڪون ۽ آٿت ڀريو ٺڪاڻو به. ڪائنات ۾ اهو اڪيلو وڻ ئي ته آهي، جنھن سان تنھنجي منھنجي پيار جي ماضيءَ جون حسين يادون وابسته آهن. ان ڪري اڄوڪي ڏينھن تي مان ان وڻ سان ملڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو آهيان. مان ڪار ۾ ميوزڪ هلايان ٿو ۽ ان جو رخ ڄامشوري طرف ڪري ڇڏيان ٿو. جڏھن المنظر تي نظر پئي ٿي ته سنڌوءَ  جي ڪپ تي توسان گهاريل حسين لمحا ياد اچڻ لڳن ٿا. من تي توسان گهاريل سرمئي شامن جا حسين پل تري اچن ٿا. دل وڌيڪ بي قرار ٿيندي وڃي ٿي. منھنجي ڪار ۾ رومينٽڪ سنگر ايلي گولڊنگ جي آواز ۾ نامياري انگريز شاعر سمر مئڪ ڊئينيل جو هيٺيون گيت ٻُرڻ لڳي ٿو. مون کي لڳي ٿو ڄڻ اهو گيت ايلي نه، پر تون پنھنجي من موھيندڙ آواز ۾ مون لاءِ ڳائي رهي آهين.

منھنجو جسم

پنھنجي جسم جي ويجهو سوگهو جَهلي بيھُه،

حقيقي طرح

۽ مون سان گڏجي رقص ڪر!

بس منھنجو هٿ پڪڙ

منھنجي دل

پنھنجن هٿن ۾ کڻُ

۽ اھا پنھنجيءَ دل جي پاسي ۾ رک،

منھنجي چيلهه پڪڙ،

۽ مون کي پاڻ ڏي ڇڪ

مون کي چمُ

جنھن طرح مون کي ڪڏهن به چميو نه ويو هجي!

۽ جڏهن ڪو لڙڪ لَڙَي

ته اھو اُگهه

۽ دلداري ڏي

ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.

جڏهن چوانءِ

ته مان ٿڌي آهيان

تڏهن مون کي ٻانھُنِ ۾ ڀري گرم ڪر،

جڏهن چوانءِ

ته، مان توکي چاهيان ٿي

ته مون کي چمي ڏي

۽ چئو: مان به توسان پيار ڪريان ٿو.

سمر جو گيت ختم ٿي ويو آھي. منھنجي ڪار يونيوسٽيءَ جي ٻاهران پھچي رھي آهي. مون کي تنھنجي ڪميءَ جو احساس وڌيڪ شدت سان محسوس ٿيڻ لڳي ٿو. مان اداس ٿي رهيو آهيان. منھنجي دل مان پيدا ٿيل اداسي آهستي آهستي يونيورسٽيءَ جي عمارتن، وڻن ۽ باغيچن تي ڇانئجي رھي آھي. مون کي گل، باغيچا، فئڪلٽي ۽ عمارتون هر شيءِ اداس ۽ ويران لڳي رهيا آهن. مان ڪار روڪي، ان مان لھي، ان کي پوئتي ڇڏي، ان پيچري تان پنڌ ھلڻ لڳان ٿو، جنھن تان تون ھميشه ھٿ ۾ ھٿ ڏئي مون سان گڏ ھلندي ھئينءَ! مان ھلندو ھلندو اڳتي وڃان ٿو. پري کان گل مھر جو اھو وڻ شام جي ڌنڌ ۾ بيٺل نظر اچي رھيو آھي. مان ان طرف وڃڻ چاھيان ٿو. اڳتي  ھلي، ٿورو پوئتي مڙي نھاريان ٿو.

مون کي سموري يونيورسٽي ڄڻ هڪ ويران صحرا لڳي رهي آهي ۽ مان ان ويران صحرا ۾ اڪيلو بيٺو آهيان. اچانڪ، ان جي هڪ ڪناري کان، تنھنجي سونھَن جو جلوو پسان ٿو. مان صحرا طرف نھاريان ٿو. ساري صحرا خوبصورت گلاب ٿِي ٽڙِي پئي آهي. ڳاڙھا، نيرا، اڇا ۽ آسماني گلاب! ھر طرف، پيار جون سڳنڌي هوائون گهلي رهيون آهن. هر ڏسا خوشبوءِ سان، واسجي وئي آهي. مان وري ٻئي طرف ڏسان ٿو. نظر جي حدَ تائين تنھنجي چھري جھڙي چانڊوڪي پکڙجي وئي آهي، جنھن ۾ تنھنجي سونھن جا رَنگَ برَنگي، گلاب ٽڙي رهيا آهن. مان تنھنجي ساهن جي سرهاڻ کي پنجن سالن کانپوءِ وري پنھنجي ساهن ۾ سمائڻ چاهيان ٿو. مان تنھنجي وجود جي روشنيءَ کي،  پنھنجي اکين ۾ ڀرڻ چاهيان ٿو. مان تنھنجي وجود جي مھڪ کي پنھنجي احساسن ۾ تحليل ڪرڻ چاهيان ٿو. ان ڪري، مان تو طرف ڊوڙَڻ لڳان ٿو. ڊوڙندو ڊوڙندو، تو تائين اچي پھچان ٿو. مان توسان ملي، توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مان ورھين کان تنھنجي حسين نگاھ جو منتظر رھيو آهيان. منھنجي وجود جون سموريون حسناڪيون تنھنجي محبت جي پيداوار آهن. مون کي اداس راهن ۾جڏهن به تنھنجو تصور ايندو آهي ته منھنجي اندرِ ٻاهرِگلاب ٽڙي پوندا آهن ۽ مان حسين ٿي ويندو آهيان. ڇاڪاڻ ته ڪائنات جو سڀ کان حسين جوهر، محبت آهي ۽ ھي سموريون حسناڪيون محبت جي پيداوار آهن.

خبر ٿئي تنھنجي اچڻ کان اڳ هي سمورا گل، هي سموريون حسناڪيون، سموري يونيورسٽي هڪ ويران صحرا هئي. اها تنھنجي محبت  ئي آهي، جنھن صحرا کي گلابَ ڪري ڇڏيو آهي! تنھنجي محبت ئي،  مون کي اندر ۽ ٻاهر جي حسناڪين جي احساس سان روشناس ڪيو آھي. هوءَ حيران ٿي مون ڏانھن ڏسڻ لڳي ٿي. غور سان مون ڏي نھاري، مون کان پڇي ٿي؛

”توهان ڪير آهيو…!؟“

“مان! مان ڪير آهيان!؟“

اهو ٻڌي، سمورا گُل َمرجهائجي وڃن ٿا. سَمُوريون حسناڪيون ويران ٿي وڃن ٿيون. گلن سان ٽڙيل سڄي يونيورسٽي صحرا ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. مان محبت جي ان گهاٽِي لوَ ٽِري طرف نھاريان ٿو. ان جا سمورا پن پِيلا ٿي ڇڻي ويا آهن. ان جا سمورا ڏار سڪي ننگا ٿي ويا آھن. چوطرف خزان جي اجاڙ هوا گهلي رهي آھي. منھنجي اندرَ ٻاهرَ جا سَمورا گلاب خزان جي ور چڙهي ويا آهن. ڄامشوري جون ٿڌيون هوائون منھنجو ساھ ٻوساٽي رهيون آهن ۽ مان پاڻ کي هڪ سنسان صحرا ۾ اڪيلو بيٺل، محسوس ڪري رھيو آھيان.

مان ڇرڪ ڀري، ڏسان ٿو منھنجي ڊائري ڳوڙهن سان آلي ٿي وئي آهي ۽ منھنجي ڪمري ۾ رکيل سمورا گل مرجهائجي ويا آهن!!

***