اڄ، چوڏهين فيبروري آهي. محبت جو عالمي ڏهاڙو ۽ تون تمام گهڻو ياد اچي رهي آهين. منھنجي ڪمري جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ يونيورسٽيءَ جي چئني سالن دوران محبت جي عالمي ڏينھن تي ڏنل تنھنجا تحفا، گلدستا ۽ توسان گڏ گهاريل خوبصورت لمحن جون يادون وکريون پيون آهن، جيڪي دل کي بيقرار ڪري رهيون آهن. ڏس مان تو کانسواءِ ڪيڏو اڪيلو ٿي ويو آهيان! هيءَ اڪيلائي منھنجي احساسن جو ساھ ٻوساٽي رهي آهي. هيءَ ٻوسٽ، هيءَ گُهٽ تنھنجي ساهن جي سرهاڻ جي ڪمي شدت سان محسوس ڪرائي رهي آهي، جيڪا پھريون دفعو تو منھنجي چپن کي يونيورسٽيءَ ۾ وسندڙ رمجهم دوران گل مھر جي وڻ هيٺان ارپي هئي. ياد اٿئي ان ڏينھن کان اهو وڻ پنھنجي پيار جو سڀ کان وڌيڪ سڪون ڏيندڙ اسٿان بڻجي ويو هو، جنھنڪري تو ان وڻ جو نالو،‘لَوُ ٽري’ رکي ڇڏيو هو. ان ڏينھن کان اهو وڻ مون لاءِ ڪائنات جي سمورن وڻن کان وڌيڪ مقدس بڻجي ويو هو. ان هيٺان تو مون کي پنھنجي حسين چپڙن مان ڪيترائي سُرها جام ارپيا هئا، جتي ويٺي، خبر ئي نه پوندي هئي، جو شام لڙي ويندي هئي ۽ رات اچي پنھنجا خيما کوڙيندي هئي. ائين ڪيتريون ئي سرمئي شامون ان وڻ هيٺان رات ۾ تبديل ٿي وينديون هيون. ڪيترين ئي سانجهين جا سرها ۽ سُرھا پل تنھنجي اکين جي آغوش ۾ رھندي، گذري ويندا هئا. پوءِ جڏهن سنجها ويل هاسٽل جي ڪمري تي ايندو هئس ته ڪتابن، المارين ۽ ٽيبل تي رکيل گلدستن مان تنھنجي وجود جي مھڪ اچڻ لڳندي هئي. مان تو کانپوءِ اها مھڪ، اها سُرهاڻ دنيا جي ڪنھن به شيءِ مان محسوس نه ڪري سگهيو آهيان. تو کانپوءِ منھنجو هر ويلنٽائن ڊي يونيورسٽيءَ جي باغيچي ۾ موجود ان گل مھر جي وڻ هيٺان گذريو آهي. خبر ناهي هر ويلنٽائن ڊي تي مون کي ڇا ٿي ويندو آهي، جو گذريل پنجن سالن کان مان 14 فيبروريءَ جو ڏينھن ان وڻ هيٺان اڪيلو گذارڻ پسند ڪندو آهيان. اڄ به مون کي هيءَ اڪيلائي، هيءَ اداسي ان وڻ ڏانھن وٺي وڃي رھي آھي. مان فليٽ تان لھي، پارڪنگ مان گاڏي ڪڍي رهيو آهيان. مان اوڏانھن وڃي رهيو آهيان، ڇو وڃي رهيو آهيان!؟ ڪنھن جي لاءِ وڃي رهيو آهيان!؟ تولاءِ…؟، پاڻ لاءِ؟ خبر ناھي ڇو ۽ ڇا لاءِ؟ ھا، شايد پنھنجي پيار جي ماضيءَ لاءِ…!