شاعرينئون شاعري May 15, 2025 Zahida Abro مزدور جي اجرت!!پروفيسر مشتاق مھراي وقت جي حڪومت، ڪيڏو نه ظلم آھيمزدور جي ھي اجرت، ڪيڏو نه ظلم آھيمزدور حسب سابق مسواڙ تي رھي ٿواي صاحب عدالت، ڪيڏو نه ظلم آھيغربت آ رھندي آئي، پر ايتري ڪٿي ھئيذلت آ اڄ جي غربت، ڪيڏو نه ظلم آھيمزدور جو ڪفن ڀي اوڌر تي آھي ايندوڪيڏي نه آ ندامت، ڪيڏو نه ظلم آھيپورھيت ٻچا کپائي، راشن خريد ڪن ٿاھي آ فلاحي رياست، ڪيڏو نه ظلم آھياڄ ڀي الاھي پورھيت، فوٽ پاٿ تي سمھن ٿارکي دل ۾ گھر جي حسرت، ڪيڏو نه ظلم آھيمزدور تنھنجي محنت، وڃي چنڊ تائين پھتيسڌري نه تنھنجي قسمت، ڪيڏو نه ظلم آھي***محمد علي پٺاڻڀيڻ پروين موسيٰ ميمڻ کي بيتن ۾ ڀيٽاڏاتِ ڏيئي جي لاٽَ، ٻَريِ ھن دل ۾،روشن ڪئي آ واٽَ، سنڌي ادب جي سدا.سنڌي ادب جي سدا، پَئيِ ڪري آبياري،شعبي جنھن تحقيق سان، گلڙن جي ٻاري،مھڪي ٿي ساري، ساھت جي اتھاسَ ۾،ساھت جي اتھاسَ ۾، پيو جَرڪي ھن جو نانءُ،ڇو جو قلمَ ڏانءُ، ڌارَ رھي ٿو ھُنَ جو،ڌارَ رھي ٿو ھن جو، سفرُ ساھَتَ جو،جنھن سان چاھت جو، ساڃَھَه رشتو ٿو جُڙي.ساڃَھَه رشتو ٿو جُڙي، ھن جي ھر وک سان،ڇو جو موڙَ نَوان، علمَ پَسائي ٿي پَئي.علمَ پَسائي ٿي پئي، شَھَرَ انوکا ھيءَ،جن تي اکڙيون، جيءَ، موھَتَ ٿِيو ٿِيون پَوَنِ.***غزلساحر راهومسِرُور دل تنبُور، اڻ چاهي رقص ۾،پيڙا خيال پُوور، اڻ چاهي رقص ۾.اڻ ڄاڻ آ خلق، ڄاڻي رُڳو فلڪ،ماڻيو اسان سُرُور، اڻ چاهي رقص ۾.مسلڪ سندو عُرُور، فتوا فروش کي،مصروف بي قصُور، اڻ چاهي رقص ۾.پٿر جو ديوتا ئي، پٿر بڻيو رهيو،داسي آ چُور چُور، اڻ چاهي رقص ۾.خُوشِبُوءِ جي خِلاف، بي نُور سازشون،مقتول جو آ نُور، اڻ چاهي رقص ۾.موسم سفاڪ درد، ورجائيا هي دل،مشغول ناصبُور، اڻ چاهي رقص ۾.تاريخ تي ٽِياس، مصلُوبُ آھ خود،مقتل سندو غرُور، اڻ چاهي رقص ۾.جانان سندي فِراق، آندو نه ماڻيو،ساحر نِڪور سُور، اڻ چاهي رقص ۾.***يونان جا شاعر،صدام ٻپڙجيڪي محبت جا گيت لکندا ھئا.جيڪي پنھنجي شاعري ۾ بادشاهن کي ساراھيندا ھئاجيڪي ديوين، ديوتائن ۽ سورمن کي ساراھيندا ھئاجيڪي محلن ۾ لڳل سنگ مرمر تي ھزارين صفحا لکي ڇڏيندا ھئاجن جي شاعريءَ ۾ موسمن جي خوشبو ته ھوندي ھئي،جيڪي راتين جي برساتن کي بيان ته ڪندا ھئا،جيڪي وڻن ٻوٽن ۽ گلن تي شاعريون ته لکندا ھئا،پر انھن جي شاعري ۾ غلام عورتن لاءِ جڳھ نه ھوندي ھئي،ڏتڙيلن لاءِ، مسڪينن لاءِ، مظلومن لاءِ ڪابه جڳھ نه ھوندي ھئي.جنگ تي نظم ته لکندا ھئاپر جنگ ۾ قتل ٿيندڙ بيگناھن کي وساري ڇڏيندا هئا.مان پڇڻ چاھيان ٿو ته ــــــــ ڇو؟؟ —– آخر ڇو؟؟۽ تاج محل،اڇو، سنگ مرمر جو عظيم الشان مقبروجنھن کي محبت جي نشاني سمجھيو وڃي ٿو،ان کي تعمير ڪندڙ ھزارين مزدورن جا ھٿ ڪٽيا وياانهن کي زمين ۾ زنده دفن ڪيو ويو.اھو تاج محل،جنھن جي ھر سر ۽ ھر ديوار،پورھيتن جي جسم جي بَٺي مان ٺھيل آھيان جي چمڪندڙ گنبدن جي ھيٺيان،ھزارين چيخنھزارين دانھن کي دفن ڪيو ويو آھيمان پچڻ چاھيان ٿوانھن مسڪينن جو ڪھڙو ڏوھ ھو؟ڇا انھن جو ڏوھ اھو ھو ته،انھن فقط پنھنجي ٻارن جي ماني لاءِپنھنجي محنت کي وڪرو ڪيو؟يا وري انھن جو ڏوھ اھو ھو ته انھنپنھنجي ھنر سانھڪ بي جان پٿر کي تراشيخوبصورت بنائي پيش ڪيو.دوست،ھي تاج محل بادشاهي جبر جو سنگين گواھ آھيهي تاج محل، محبت جي تذليل جو بلند ترين مينار آهي،بقول ساحر لدھيانويء جي،“اڪ شهنشاهه ني دولت ڪا سهارا ليڪرهم غريبون ڪي محبت ڪا اڙايا هي مذاق”***غزلساقي ارشاد لورڙنڪــــــــي تون سوچ تي پھرا نڪي تالا ھڻي سگھنديناسان جـــــــــــــي ڳالھه وزني آ ٻڌي ٻوڙا سڻي سگھندينجڳن جي جيت ھارائي سکن جــــــــــــــــي سيج ھارائيٻڌي تعنا ۽ مھڻا بار جيون جــــــــــــــــو کڻي سگھندينڪٿي هيڻي ھوا جي آھ ٿي آڪاش اورانگھــــــــــــــــيصدائون سوز ارپين ٿيون گھڙي پل ڪو ڳڻي سگھندينتتل صحرا ٿڪل راھي پياسي ۽ اڃاري جياجھائي جا چپن جـــي تاس سا ٿي ڪا ڪڻي سگھندينخوشين ڪارڻ رھيم رمندو خوشي ڪـو پل ملي ناھيجتن جانب ڪيم ڪيڏا ســــــوين سارا ڳڻي سگھندينندورو نينھن چئجــــــــــــــي يا ڦٽل قسمت ازل کان ئيڪرين ھيلا اجائي ٿو نڪـــــــــي ساقي وڻي سگھندين***غزل آزاد اظهر جوڻيجوشوق سمورا ساٿي سنگتي روح جا راڻا وڇڙي وياننڍپڻ، وارا خوشيون ميلا ڏينهن پراڻا وڇڙي وياسوچ نه آئي اهڙي هئي ڪا ائين جدائي ٿي وينديرستي ويندي گلڙا پٽيندي ٽهڪ اڏاڻا وڇڙي وياجهاتي پائي جوڳين وانگي بستي بستي پاڻ گهميکلندي کلندي هيل اسان کان ڀونءِ ۽ ڀاڻا وڇڙي وياجوڙ جيڏين جو ٽهڪ هوا ۾ رستا سارا خوشبو ٿياهاءِ زمانا ڇا ٿي ويو جو مکڻ چاڻا وڇڙي وياڪاڪ رنو ۽ رٺل راڻل رات انڌاري ڳوڙها ڳاڙهياراھ نهاري تنهن کي ساري مومل ماڻا وڇڙي وياسنڌ ۾ توکي ساري ساري اظهر جو هو روح رنوتون ته الا وئين لوڪ پڌاري ٽلندڙ ٽاڻا وڇڙي ويا*** Post Views: 337