شاعرينئون

شاعري

مزدور جي اجرت!!

پروفيسر مشتاق مھر

اي وقت جي حڪومت، ڪيڏو نه ظلم آھي

مزدور جي ھي اجرت، ڪيڏو نه ظلم آھي

مزدور حسب سابق مسواڙ تي رھي ٿو

اي صاحب عدالت، ڪيڏو نه ظلم آھي

غربت آ رھندي آئي، پر ايتري ڪٿي ھئي

ذلت آ اڄ جي غربت، ڪيڏو نه ظلم آھي

مزدور جو ڪفن ڀي اوڌر تي آھي ايندو

ڪيڏي نه آ ندامت، ڪيڏو نه ظلم آھي

پورھيت ٻچا کپائي، راشن خريد ڪن ٿا

ھي آ فلاحي رياست، ڪيڏو نه ظلم آھي

اڄ ڀي الاھي پورھيت، فوٽ پاٿ تي سمھن ٿا

رکي دل ۾ گھر جي  حسرت، ڪيڏو نه ظلم آھي

مزدور تنھنجي محنت، وڃي چنڊ تائين پھتي

سڌري  نه تنھنجي قسمت، ڪيڏو نه ظلم آھي

***

محمد علي پٺاڻ

ڀيڻ پروين موسيٰ ميمڻ کي بيتن ۾ ڀيٽا

ڏاتِ ڏيئي جي لاٽَ، ٻَريِ ھن دل ۾،

روشن ڪئي آ واٽَ، سنڌي ادب جي سدا.

سنڌي ادب جي سدا، پَئيِ ڪري آبياري،

شعبي جنھن تحقيق سان، گلڙن جي ٻاري،

مھڪي ٿي ساري، ساھت جي اتھاسَ ۾،

ساھت جي اتھاسَ ۾، پيو جَرڪي ھن جو نانءُ،

ڇو جو قلمَ ڏانءُ، ڌارَ رھي ٿو ھُنَ جو،

ڌارَ رھي ٿو ھن جو، سفرُ ساھَتَ جو،

جنھن سان چاھت جو، ساڃَھَه رشتو ٿو جُڙي.

ساڃَھَه رشتو ٿو جُڙي، ھن جي ھر وک سان،

ڇو جو موڙَ نَوان، علمَ پَسائي ٿي پَئي.

علمَ پَسائي ٿي پئي، شَھَرَ انوکا ھيءَ،

جن تي اکڙيون، جيءَ، موھَتَ ٿِيو ٿِيون پَوَنِ.

***

غزل

ساحر راهو

مسِرُور دل تنبُور، اڻ چاهي رقص ۾،

پيڙا خيال پُوور، اڻ چاهي رقص ۾.

اڻ ڄاڻ آ خلق، ڄاڻي رُڳو فلڪ،

ماڻيو اسان سُرُور، اڻ چاهي رقص ۾.

مسلڪ سندو عُرُور، فتوا فروش کي،

مصروف بي قصُور، اڻ چاهي رقص ۾.

پٿر جو ديوتا ئي، پٿر بڻيو رهيو،

داسي آ چُور چُور، اڻ چاهي رقص ۾.

خُوشِبُوءِ جي خِلاف، بي نُور سازشون،

مقتول جو آ نُور، اڻ چاهي رقص ۾.

موسم سفاڪ درد، ورجائيا هي دل،

مشغول ناصبُور، اڻ چاهي رقص ۾.

تاريخ تي ٽِياس، مصلُوبُ آھ خود،

مقتل سندو غرُور، اڻ چاهي رقص ۾.

جانان سندي فِراق، آندو نه ماڻيو،

ساحر نِڪور سُور، اڻ چاهي رقص ۾.

***

يونان جا شاعر،

صدام ٻپڙ

جيڪي محبت جا گيت لکندا ھئا.

جيڪي پنھنجي شاعري ۾ بادشاهن کي ساراھيندا ھئا

جيڪي ديوين، ديوتائن ۽ سورمن کي ساراھيندا ھئا

جيڪي محلن ۾ لڳل سنگ مرمر تي ھزارين صفحا لکي ڇڏيندا ھئا

جن جي شاعريءَ ۾ موسمن جي خوشبو ته ھوندي ھئي،

جيڪي راتين جي برساتن کي بيان ته ڪندا ھئا،

جيڪي وڻن ٻوٽن ۽ گلن تي شاعريون ته لکندا ھئا،

پر انھن جي شاعري ۾ غلام عورتن لاءِ جڳھ نه ھوندي ھئي،

ڏتڙيلن لاءِ، مسڪينن لاءِ، مظلومن لاءِ ڪابه جڳھ نه ھوندي ھئي.

جنگ تي نظم ته لکندا ھئا

پر جنگ ۾ قتل ٿيندڙ بيگناھن کي وساري ڇڏيندا هئا.

مان پڇڻ چاھيان ٿو ته ــــــــ ڇو؟؟ —– آخر ڇو؟؟

۽ تاج محل،

اڇو، سنگ مرمر جو عظيم الشان مقبرو

جنھن کي محبت جي نشاني سمجھيو وڃي ٿو،

ان کي تعمير ڪندڙ ھزارين مزدورن جا ھٿ ڪٽيا ويا

انهن کي زمين ۾ زنده دفن ڪيو ويو.

اھو تاج محل،

جنھن جي ھر سر ۽ ھر ديوار،

پورھيتن جي جسم جي بَٺي مان ٺھيل آھي

ان جي چمڪندڙ گنبدن جي ھيٺيان،

ھزارين چيخن

ھزارين دانھن کي دفن ڪيو ويو آھي

مان پچڻ چاھيان ٿو

انھن مسڪينن جو ڪھڙو ڏوھ ھو؟

ڇا انھن جو ڏوھ اھو ھو ته،

انھن فقط پنھنجي ٻارن جي ماني لاءِ

پنھنجي محنت کي وڪرو ڪيو؟

يا وري انھن جو ڏوھ اھو ھو ته انھن

پنھنجي ھنر سان

ھڪ بي جان پٿر کي تراشي

خوبصورت بنائي پيش ڪيو.

دوست،

ھي تاج محل بادشاهي جبر جو سنگين گواھ آھي

هي تاج محل، محبت جي تذليل جو بلند ترين مينار آهي،

بقول ساحر لدھيانويء جي،

“اڪ شهنشاهه ني دولت ڪا سهارا ليڪر

هم غريبون ڪي محبت ڪا اڙايا هي مذاق”

***

غزل

ساقي ارشاد لورڙ

نڪــــــــي تون سوچ تي پھرا نڪي تالا ھڻي سگھندين

اسان جـــــــــــــي ڳالھه وزني آ ٻڌي ٻوڙا سڻي سگھندين

جڳن جي جيت ھارائي سکن جــــــــــــــــي سيج ھارائي

ٻڌي تعنا ۽ مھڻا بار جيون جــــــــــــــــو  کڻي سگھندين

ڪٿي هيڻي ھوا جي آھ ٿي آڪاش اورانگھــــــــــــــــي

صدائون سوز ارپين ٿيون گھڙي پل ڪو ڳڻي سگھندين

تتل صحرا ٿڪل راھي پياسي ۽ اڃاري جي

اجھائي جا چپن جـــي تاس سا ٿي ڪا ڪڻي سگھندين

خوشين ڪارڻ  رھيم رمندو خوشي ڪـو پل ملي ناھي

جتن جانب ڪيم ڪيڏا ســــــوين سارا  ڳڻي سگھندين

ندورو نينھن چئجــــــــــــــي يا ڦٽل قسمت ازل کان ئي

ڪرين ھيلا اجائي ٿو نڪـــــــــي ساقي وڻي سگھندين

***

غزل

 آزاد اظهر جوڻيجو

شوق سمورا ساٿي سنگتي روح جا راڻا وڇڙي ويا

ننڍپڻ، وارا خوشيون ميلا ڏينهن پراڻا وڇڙي ويا

سوچ نه آئي اهڙي هئي ڪا ائين جدائي ٿي ويندي

رستي ويندي گلڙا پٽيندي ٽهڪ اڏاڻا وڇڙي ويا

جهاتي پائي جوڳين وانگي بستي بستي پاڻ گهمي

کلندي کلندي هيل اسان کان ڀونءِ ۽ ڀاڻا وڇڙي ويا

جوڙ جيڏين جو ٽهڪ هوا ۾ رستا سارا خوشبو ٿيا

هاءِ زمانا ڇا ٿي ويو جو مکڻ چاڻا وڇڙي ويا

ڪاڪ رنو ۽ رٺل راڻل رات انڌاري ڳوڙها ڳاڙهيا

راھ نهاري تنهن کي ساري مومل ماڻا وڇڙي ويا

سنڌ ۾ توکي ساري ساري اظهر جو هو روح رنو

تون ته الا وئين لوڪ پڌاري ٽلندڙ ٽاڻا وڇڙي ويا

***