ايڊيٽوريلنئون

صدر مملڪت آصف علي زرداري جو چين جو ڏهن ڏينهن جو دورو ڪهڙا نتيجا ڏيندو

صدر آصف علي زرداري هن وقت چين جي دوري تي ويل آهي، جيڪو 12 سيپٽمبر کان شروع ٿيو آهي ۽ ڏهن ڏينهن جو شيڊيول ٿيل آهي. سندس چين جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون شيڊيول آهن. خبرن مطابق صدر آصف علي زرداري چي نگدو، شنگهائي ۽ شين جيانگ جو دورو ڪندو. صدر مملڪت پنهنجي دوري دوران اعليٰ قيادتن سان ملاقاتون ڪندو ۽ ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

هن دوري ۾ سڀ کان اهم ايجنڊا اقتصادي ۽ تجارتي تعاون ۽ سي پيڪ ۽ ان جا مستقبل جا منصوبا آهن. پرڏيهي وزارت جي مطابق صدر مملڪت جون ملاقاتون ٻطرفي تعاون ۽ لاڳاپن کي مضبوط ڪنديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري به ممڪن آهي ته آصف علي زرداري جي وفد جو حصو هجي. اميد آهي ته صدر آصف علي زرداري جو هي چين جو دورو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿيندو.

جيئن ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي هڪ اهڙي دوستي آهي جنهن کي آل ويدر فرينڊشپ يعني هر موسم جي دوستي چيو ويندو آهي، انهن لاڳاپن ۾ وڌيڪ مضبوطي ۽ استحڪام پيدا ڪرڻ جي لاءِ هي دورو اهم ڪردار ادا ڪندو. هن دوري ۾ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي کي شروع ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

هن دوري دوران تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ زرعي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ به معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون. اهو دورو خاص طور تي پاڪستان جي ڪمزور ٿيندڙ معيشت لاءِ هڪ سهارو سمجهيو پيو وڃي. جيئن ته چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري ڀائيوار ۽ سيڙپڪار آهي. هن دوري مان پاڪستان اڃان وڌيڪ معاشي فائدا حاصل ڪرڻ جي اميد رکي ٿو، پر ساڳئي وقت اسان کي اهو به ڏسڻو آهي ته ڇا ان دوري سان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جيڪا هميشه آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ هڪ توازن قائم ڪرڻ جي ڪوشش تي ٻڌل رهي آهي، ان ۾ ڪو خلل ته پيدا نه ٿيندو.

پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ان ڳالهه تي ٻڌل آهي ته هڪ طرف آمريڪا پاڪستان جو هڪ پراڻو اتحادي آهي، جنهن سان مختلف شعبن ۾ ڊگهي عرص کان لاڳاپا آهن، جنهن ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان لاڳاپا اهم آهن. ٻئي طرف چين پاڪستان جو اسٽريٽيجڪ دوست جنهن سان معاشي لاڳاپا انتهائي اهم ۽ مضبوط آهن، انهن ۾ توازن قائم رهي.

آمريڪا جو خدشو اهو آهي ته پاڪستان جو چين ڏانهن لاڙو علائقي ۾ طاقت جي توازن کي تبديل ڪري سگهي ٿو. خاص طور تي سي پيڪ جي منصوبن کي آمريڪا پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ لاءِ هڪ چئلينج سمجهي ٿو، ان ڪري جڏهن به پاڪستان چين سان پنهنجا لاڳاپا وڌائيندو آهي، آمريڪا ان تي گهري نظر رکندو آهي. يقينن صدر آمريڪا جي چين جي دوري تي آمريڪا جو رد عمل سڌو تيز ٿيڻ بدران گهڻو محتاط هوندو. آمريڪي سرڪار شايد ظاهر ظهور طور ان دوري جي اهميت کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري يا پاڪستان تي زور ڀري ته هو پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ توازن برقرار رکي.

هن وقت آمريڪا به ان پوزيشن ۾ بلڪل نه آهي ته هو پاڪستان سان پنهنجا لاڳاپا خراب ڪري، بلڪه شايد پنهنجي سفارتڪاري وسيلي پاڪستان تي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ زور ڀري. اهو به ممڪن آهي ته آمريڪا طرفان پاڪستان جي لاءِ نئين امدادي پئڪيج يا فوجي سامان جي آڇ ڪئي وڃي جيئن ماضيءَ ۾ ٿيندو رهيو آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان کي چين کان ڇڊو ڪري پنهنجي پاسي بيهارڻ آهي.

بهرحال صدر زرداري جو چين جو دورو پاڪستان جي خود مختيار پرڏيهي پاليسيءَ جو ثبوت آهي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي هميشه تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، پر وقت ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجي هڪ تمام متوازن پرڏيهي پاليسي کي کڻي ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌيو آهي ۽ ان مان پنهنجي لاءِ تمام بهتر نتيجا حاصل ڪيا آهن. پاڪستان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ چين ۽ آمريڪا سان توازن قائم رکڻو پوندو. اهو ضروري آهي ته پاڪستان پنهنجي معاشي ۽ سلامتيءَ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ٻنهي ملڪن سان سٺا لاڳاپا برقرار رکي.

صدر آصف زردري جو اهو دورو ان ڳالهه جو اشارو ڏئي ٿو ته پاڪستان جو مستقبل چين سان مضبوط لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ آهي، پر ساڳئي وقت آمريڪا سان لاڳاپن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا صرف ٻن ملڪن تائين محدود ناهن، پر انهن جي علاقائي ۽ بين الاقوامي اهميت آهي. چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪاريڊور ان لاڳاپي جو سڀ کان اهم ٿنڀ آهن. هي 50 بلين ڊالرن جو منصوبو روڊن، ريل ۽ بجليءَ جي منصوبن تي مشتمل آهي، جنهن جو مقصد چين جي سنڪيانگ علائقي کي پاڪستان جي گوادر بندرگاهه سان ڳنڍڻ آهي.

ان کان علاوه علائقي ۾ واپار ۽ رابطن کي سي پيڪ ذريعي هٿي ڏيڻ هڪ اهم ذريعو آهي، جيڪو نه صرف پاڪستان جي معيشت کي فائدو ڏيندو، پر چين کي وچ اوڀر، آفريڪا ۽ يورپ تائين واپار لاءِ هڪ مختصر رستو به فراهم ڪندو. پاڪ چين لاڳاپا خطي جي سلامتي، استحڪام ۽ معاشي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهن. صدر آصف علي زرداري جو دورو انهن سڀني معاملن کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ پاڪستان جي لاءِ بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.