سنڌ، جيڪا اڳ ئي پاڻي جي کوٽ سان وڙهي رهي آهي، هاڻي نئين خطري جي گھنٽي وڄي چڪي آهي، ڇهن ڪئنالن جي تعمير، جيڪا مستقبل ۾ سنڌ کي پاڻي کان مڪمل محروم ڪري ڇڏيندي، جتي پنجاب ۾ ڪئنالن کي زرعي ترقي لاءِ اھم سمجهيو پيو وڃي، اتي سنڌ جي آبادگارن لاءِ پاڻي جو هر ڦڙو زندگيءَ جي علامت آهي. سنڌ جيڪا اڳ ئي پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهي وڌيڪ ڪئنالن جو وزن ڪيئن کڻي سگھندي؟ حافظ محمد بخش خاصخيلي جو هيٺ ڏنل شاندار نظم 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف سِنڌ جي عوام جي ڊيم خلاف راءِ ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو ، ڌار حقو ۽ پاڻي ٿيندو،
پاڻي تي ئي پاڻي ٿيندو، پنهنجو گڏ نه پاڻي ٿيندو.
تو ۾ ايڏو ناهي پاڻي، تنهنجو سڀ ڪڇيو مون پاڻي،
تنهنجي اک ۾ ناهي پاڻي، پوءِ ڪيئن رک رکاڻي ٿيندو..
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
گندا ڪيڏو گند ڪيو ٿئي، فتنو جوڙي ڦند ڪيو ٿئي،
منهنجو پاڻي بند ڪيو ٿئي، هي ليکو سڀ هاڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
صدين کان جو منهنجو پاڻي، سو تون بند ڪرين ٿو هاڻي؟
ايڏو ٻل ڪٿان ٿو آڻي؟ ٻل نه تنهنجو ٻاڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
تو وٽ بڙڇيون بم ۽ ڀالو، هيڏي سمجهيئي حال اٻالو،
هيڏي آهي رب جو نالو، رب اسان سان ساڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
دائم هي درياءَ اسانجو، سنڌو نديءَ ۾ ساهه اسانجو،
پاڻي منجھه پساهه اسانجو، قائم قيامت تاڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
اسان آهيون سنڌي ماڻهو، اسان پنهنجو حق سڃاڻون،
لڪ لڪوٽي مور نه ڄاڻون، ليکو اڄ سڀاڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
سِري وچولي لاڙ کي ساڙين، سنڌ جا ساوا کيت اجاڙين،
پوءِ ٿو واڳون ڳوڙها ڳاڙين، ظلم هي ڪيسين تاڻي ٿيندو؟
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
ظلم تنهنجي جي چوٽي آهي، نيت تنهنجي کوٽي آهي،
مون وٽ سچ جي سوٽي آهي، جهيڙو ڪو جونجهاڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
هي جرڳو جيڪب آباد ۾ ٿيو آ، شڪارپور آباد ۾ ٿيو آ،
لاڙڪاڻي ۽ داد ۾ ٿيو آ، وارھ قمبر ڪاڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
ماٿيلي کان ڪيٽي بندر، سکر، سن ۽ سيوهڻ اندر،
هرڪو سنڌي مست قلندر، مستن جو ڪو ماڻي ٿيندو؟
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
رياست مان ويو رنگ رسيلو، پوکن جو پن پيلو پيلو،
دانهين تو تي تيلو تيلو، هي ڪو مچ اُجهاڻي ٿيندو
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
ناٿن ميهڙ پاٽ جلي ٿو ، اڄ به هو لاکاٽ جلي ٿو،
سونهري سيکاٽ جلي ٿو، اهو کورو کامي کاڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
جاڳيا ڀاڳيا ڀاڳناڙي، جڳسي جتوئي جوکيا جاڙي،
ڦل گچيري، ڌيرڻ، ماڙي، موري يا ته مٺياڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
ٻاروڻي يا ناري ۾، تون ٿيندين دز اشاري ۾
نوشھري يا ڪنڊياري ۾، فيصلو مڏ اِبياڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
ڪاڏي وئي هوءَ لوڪ ڪھاڻي، اڳيان مٺياڻي پويان پاڻي،
بُٺ سڙي ٿي لوٺي کاڻي، قهر نه هن ڪهاڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
دوڙ، بُڇھري، پڊ ۽ ٻانڌي، مون وٽ آيا قاصد پانڌي،
تنهنجو لوڙھ لٽيندا ڪانڌي، حملو ڪو ھالاڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
منهنجو ضلعو ساڙي ٻاري، دنگ ڪيو تو کپري، ناري،
جهول سنجهوري سانگهڙ ڌاري، غور گڙنگ گپچاڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
سڪرنڊ توڙي صابو راهو، سعيدآباد کان هالا، ڪاهو،
ڀٽ ڌڻي آ واهر واهو، ڏيھه سڄو هت ڏاڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
ڪالر ۾ يا ڪانڌاريءَ ۾، ڳوٺ چنيسر چاناريءَ ۾،
کنڊو، کيبر، مٽياريءَ ۾، هٽڙي هڪ هڪاڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
حيدرآباد، بدين، ولاسو، سنڌ جو ساڙيئي اوسو پاسو،
توکان وٺبو تولو ماسو، پاڻي پليجاڻيءَ ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
ڪڪر وسندا ڪارونجهر تي، ٺٽي، ڪلري، ڪينجهر جَر تي،
مکي، ماکنڊ، منڇر ڇر تي، آگم اگهاماڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
ڇِني، جوهي، جبل ڪاڇو، ڇاڇر ڇن ۾ ٿيندو ڇاڇو،
تنهنجو پسبو جاٿي پاڇو، پاڇو انت پڄاڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
هي شور ڪراچي کاري بندر، گهوڙاٻاري، گهاري اندر،
چوهڙ، جاتي، ناري، ٿر بر، ڇڇ، سجاول ڇاڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
“حافظ” نيٺ نبيرو ٿيندو، کوٽو کرڳس کيرو ٿيندو،
ڌار اناج ۽ ڪيرو ٿيندو، آخر جنڊ اُڊاڻي ٿيندو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو…
سگهڙ، اديب، شاعر ۽ لطيف جي پارکو سائِين حافظ محمد بخش خاصخيلي جو هي تاريخي نظم اڄ پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجي رهيو آهي۔ حافظ زنده آهي ۽ سنڌوءَ جي جنگ وڙهي رهيو آهي، آبپاشي کاتي جي نڪتل ليٽر مطابق سنڌ شديد سوڪهڙي کي منهن ڏيڻ پئي وڃي ڇوته تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ پاڻي ڪجھه ڏينهن جيترو بچيو آهي. ڊيم خالي ٿيڻ جي صورت ۾ بئراجن تي پاڻيءَ جي 50 سيڪڙو تائين کوٽ ٿيندي. ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، دادو، سکر، جيڪب آباد، گهوٽڪي، خيرپور، نوابشاھ نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو ۽ ٿر ۾ سوڪهڙي (drought) واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي۔ اهڙين حالتن ۾ به حڪمران سنڌو ندي مان ڪئنال ڪڍڻ ٿا چاهين۔ ڪئنال نڪرڻ جي صورت ۾ سنڌ سان ڪهڙو حشر ٿيندو اهو هر باشعور سنڌي اندازو لڳائي وٺي۔ مون کي اھي ڏينھن ياد آھن جڏھن اڳوڻي ايئر مارشل محمد عظيم دائودپوٽو ۽ ان وقت سنڌ جي گورنر جو ميڊيا ۾ بيان ڇپيو هو ته ھڪ ٿيندي آھي چوري ۽ ٻيو ٿيندو آھي ڌاڙو ۔سو سنڌو درياءَ جو پاڻي چوري نه پيو ٿئي، پر ان تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي، ان ڪري مان اھڙيءَ ڪرسيءَ کي ٿڏيان ٿو جيڪا ڪرسي سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي لڳل ڌاڙي کي روڪرائي نٿي سگھي ۽ پوءِ جنرل مشرف کي ھن استعيفيٰ پيش ڪئي.
ايئر مارشل محمد عظيم دائودپوٽو چونڊيل نمائندو نه ھو ۽ نه وري ھن سنڌ جي ماڻھن کان ڪي ووٽ ورتا ھئا، پر صدر زرداريءَ ۽ ان جي پارٽيءَ سنڌين کان ووٽ وٺي حڪومت جون واڳون سنڀاليون آھن، پر موٽ ۾ سنڌ دشمن منصوبا جوڙي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي آهي وري موٽ ۾ پنهنجي وزيرن کي ميڊيا طرف موڪلي غلط بياني ڪئي ٿي وڃي ته ڪوبه ڊيم نه پيو ٺهي کين ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته هي سائنسي دور آهي جتي ڪابه شيءِ لڪي نٿي سگهي۔ جڏهن سائنس جي تحقيق ئي نه هئي تڏهن به 61 هجريءَ جي يزيد کي وائکو ڪري دنيا کي ٻڌايوسين ته يزيد حسيني قافلي جو پاڻي بند ڪري لعنت جو طوق پنهنجي گلي ۾ وڌو هو جيڪڏهن يزيدي نسل جو ڪوبه ماڻهو اهڙي حرڪت ڪندو ته کيس تاريخ داغدار ڪندي دير نه ڪندي۔ سنڌ جا غيور دوستو! جيڪڏهن اڄ به اسان خاموش رهياسين ته سڀاڻي اسان جو نسل پياس ۽ بيروزگاري سبب دربدر ٿيندو. سنڌ جي زراعت، چوپائي مال ۽ اسان جي معيشت جو دارومدار سنڌو درياءَ تي آهي، پر هن وقت اسان جي حصي جو پاڻي ڦٻايو پيو وڃي. اچو پاڻيءَ جي چوري خلاف آواز اٿاريون! ڪئنالن جي غير قانوني کوٽائي بند ڪرائڻ لاءِ متحد ٿيون ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد لاءِ تيار رھون! اڄ جو سجاڳي وارو آواز، سڀاڻي جي ايندڙ نسل لاءِ اُميد بڻجندو.