خاصنئون

پرويز مشرف هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو آهي: وڪيل

اڳوڻي آرمي چيف ۽ صدر پرويز مشرف جي وڪيل چيو آهي ته پرويز مشرف گهمي نٿو سگهي نه ئي ڳالهائي سگهي ٿو. بئريسٽر سلمان صفدر عدالت کي ٻڌايو ته پرويز مشرف شرمندا ۽ معذرت خواهه آهي ته هو عدالت آڏو پيشي لاءِ نٿو اچي سگهي. گذريل ٻن سالن ۾ هو 40 دفعا اسپتال ۾ داخل ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مان پرويز مشرف ڏانهن ويو هئس ۽ ٽي ڏينهن ان وٽ رهيس پرويز مشرف جي اها حالت آهي جو مان حيران ٿي ويو هئس. سندس ان حالت کي آڏو رکندي هن کي پيش ٿيڻ جو هڪ ٻيو موقعو ڏنو وڃي ۽ اڄ جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي، جنهن بعد عدالت پرويز مشرف جي سنگين غداري واري ڪيس ۾ التويٰ واري درخواست منظور ڪندي آئين ٽوڙڻ واري ڪيس جي لاءِ نئين ٻڌڻي 12 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.