بارکان واقعو: بلوچستان جي وزير عبدالرحمان کيتران پٽ مٿان سازش جو الزام لڳائي ڇڏيو

بلوچستان جي مواصلات واري وزير عبدالرحمان کيتران بارکان واقعي تي الزامن کي رد ڪندي پنهنجي پٽ انعام کيتران تي سازش جو الزام لڳائي ڇڏيو آهي. عبدالرحمان کيتران 3 ماڻهن جي قتل ۽ نجي جيل جي الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته هن کي علائقائي سياست جي حق کان محروم رکڻ جي لاءِ هيءَ حرڪت ڪئي وئي آهي. ڪجهه ماڻهو علائقي جو امن خراب ڪرڻ جي لاءِ هن خلاف سازش ڪري رهيا آهن. مواصلات واري وزير پنهنجي پٽ انعام شاهه تي سازش جو الزام لڳائيندي چيو ته هو سردار بڻجڻ چاهي ٿو. هن چيو ته هو جاچ ۾ پيشي جي لاءِ تيار آهي، پر استعيفيٰ نه ڏيندو ۽ عدالت ۾ وڃڻ  لاءِ تيار آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments