وزيراعظم عمران خان جو ڀارت کي اهم پيغام
وزيراعظم عمران خان آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ کي 3 سال مڪمل ٿيڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت کي پيغام ڏنو آهي ته تڪرارن جي حل لاءِ سدائين ڊائلاگ ۽ سفارتڪاري تي يقين رکان ٿو. آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ کي 3 سال مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان طرفان سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام جاري ڪيو ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان لکيو ته تڪرارن جي حل لاءِ سدائين ڊائلاگ ۽ سفارتڪاري تي يقين رکندو آهيان، ڊائلاگ جي خواهش کي ڪمزوري جي علامت نه سمجهيو وڃي.

