آمريڪي هارورڊ ميڊيڪل اسڪول جي ماهرن ان سوال جو جواب ڳولي ورتو آهي ته انسان پوڙهو ڇو ٿيندو آهي. هڪ نئين مطالعي ۾ اهي ماهر هڪ جسم جي گھڙي جي وضاحت ڪن ٿا، جيڪا سيلز جي عمر جي شرح کي تيز يا ريورس ڪري سگهي ٿي. هن مطالعي ۾ محقق ڊيوڊ سنڪليئر ۽ سندس ٽيم ايپيگينوم تي ڌيان ڏنو. ايپيگينوم خود مختلف سيلز لاءِ جين کي چالو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. محققن ٻڌايو ته اهي نه رڳو ڪوئن جي عمر کي تيز ڪرڻ جي قابل هئا، پر اهي عمر جي اثرات کي رد ڪرڻ ۽ انهن جانورن ۾ نوجوانن جي حياتياتي ڪمن کي بحال ڪرڻ جي قابل هئا.
هارورڊ ميڊيڪل اسڪول ۾ ماليڪيولر بائيوولوجسٽ ڊيوڊ سنڪليئر جي ليبارٽري ۾ گهٽ ۾ گهٽ وچين عمر جي ڪوئن کي وري جوان ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آهي. آمريڪي سائنسدانن وچين عمر جي ڪوئن ۾ عمر جي سيلز کي ٻيهر پيدا ڪرڻ لاءِ جين ٿراپي جو هڪ قسم استعمال ڪيو، جنهن سان ڪوئا وڌيڪ جوان نظر اچڻ لڳا. جيتوڻيڪ اهو طريقو انسانن تي استعمال ڪرڻ سولو نه هوندو، پر نتيجا نئين علاج جي ترقي ۾ مدد ڪري سگھن ٿا، ان سان اھڙيون ٿراپيز جوڙي سگهجن ٿيون جيڪي عمر جي عمل کي سست يا رد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿيون ۽ عمر سان لاڳاپيل بيماريون جهڙوڪ ڪينسر، هڏن جي ڪمزوري ۽ الزائمر وغيره کي روڪي سگهجي ٿو.
آمريڪي بايو ٽيڪنالاجي ڪمپني جينينٽيڪ جي هن مطالعي ۾ شامل هينريچ جاسپر جو چوڻ آهي ته اهو طريقو عمر وڌڻ سان لاڳاپيل ڪيترن ئي بيمارين جي روڪٿام ۾ فائديمند ثابت ٿيندو. جيڪڏهن اهو طريقو مخصوص طبي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ استعمال ڪرڻ سان اهڙا نوان علاج ٺاهي سگهجن ٿا، جيڪي زندگيءَ جي هر مرحلي تي طبي ضرورتن تي خاص اثر ڇڏي سگهن. تحقيقي ٽيم نوبل انعام يافته جاپاني پروفيسر شينيا يامانڪا جي ڪم تي پڻ ڌيان ڏنو، جنهن ۾ اهو ظاهر ڪيو ويو ته 4 ماليڪيولن جو ميلاپ بالغن جي سيلن کي نوجوان اسٽيم سيلز ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو، جيڪو جسم ۾ لڳ ڀڳ سڀني ٽشوز کي ٺاهڻ جي قابل هوندو.
تحقيقي ٽيم دريافت ڪيو ته جاپاني پروفيسر جي ماليڪيولز سان ڪيترن ئي مهينن تائين علاج ڪيل ڪوئا چمڙي ۽ ڳچيءَ تي عمر جي ڪيترن ئي نشانين ۽ طريقن سان جوان نظر اچڻ لڳا. انهن جي تجربن مان اهو ظاهر ٿيو ته هي اينٽي ايجنگ اثر تمام گهڻو اثرائتو هو جڏهن علاج 7 کان 10 مهينن تائين جاري رکيو ويو تہه ڪئا 12 کان 15 مهينن جي وچ ۾ هئا جيڪا انسانن ۾ 35 کان 50 سالن جي عمر جي برابر ٿئي ٿو. حقيقت ۾ ان تجربن سان اھو ثابت ٿئي ٿو ته ڊي اين اي ۾ تبديليون پوڙھائپ جي سفر جو بنيادي سبب نه آهن، پر ايپيگينوم ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
ڊيوڊ سنڪليئر جو وڏي عرصي کان اھو خيال آھي تہه پوڙھائپ جو بنيادي سبب سيلز کي اهم جينياتي تبديلين ۾ هدايتن جي گهٽتائي آھي. هن نئين مطالعي جا نتيجا سندس خيال جي تصديق ڪن ٿا. سندس چوڻ آھي تہه اهو بلڪل ائين آھي جيئن سافٽ ويئر پروگرام ڪرپٽ ٿي وڃي ۽ ان کي ري بوٽ ڪرڻو پوي. هن چيو ته جيڪڏهن عمر وڌڻ سبب سيلز ۾ تبديليون اينديون آهن ته پوءِ عمر کي ريورس ڪرڻ ممڪن ناهي، پر ھنن تجربن ۾ عمر کي ريورس ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي وئي آهي، جنهن سان ثابت ٿئي ٿو ته سسٽم ٺيڪ آهي ۽ بيڪ اپ موجود آهي، رڳو سافٽ ويئر کي ري بوٽ ڪرڻ جي ضرورت آھي.
ھن تحقيق ۾محققن ايپيگينوم هدايتن جي بيڪ اپ ڪاپي کي ٻيهر ري اسٽارٽ ڪري خلين کي نئين زندگي ڏني ۽ پوءِ سيلز کي پوڙھائپ ڏانھن وڃڻ جا سگنل ڏنا ويا. ائين ڪرڻ سان ڪوئن ۾ عمر وڌڻ جون نشانيون ظاهر ٿيون، انھن جي چمڙي جو رنگ اڇو ٿيڻ، ۽ جسم جو وزن گهٽجڻ لڳو، انهن جي حرڪت ۾ گهٽتائي آئي ۽ جسم جو توازن بگڙي ويو. ان عمل لاءِ ماهرن هڪ قسم جي جين ٿراپي جي مدد ورتي ۽ 3 جينز جي ڪمن کي ري بوٽ ڪيو. عمر وڌڻ کان پوءِ، هنن ان عمل کي ريوس ڪيو ۽ ڪوئا ھڪ ڀيرو ٻيھر جوان نظر اچڻ لڳا.
محققن جو چوڻ آهي ته اسٽيم سيلز نه ٺاهيا ويا، پر جسماني گهڙيءَ کي ريوس ڪيو ويو ۽ ان جو نتيجو ھاڪاري حيرت ۾ وجهندڙ ھو. هنن چيو ته هن وقت تائين اهڙا سيل نہه مليا آھن، جن کي اڳتي يا پوئتي نہه ڪري سگهجي. نئين تحقيق جا نتيجا ڪنهن هڪ ٽشو يا عضوي تي نه، پر جانور جي پوري جسم تي ڪيا ويا آهن. ھاڻي سائنسدان سڀ کان پهرين انسانن ۾ عمر جي اثرن کي ريوس ڪرڻ تي ڪم ڪندا.
محقق انسانن تي طريقو استعمال ڪرڻ جي باري ۾ وڌيڪ محتاط آهن ڇو ته اڳوڻي تحقيق مان اهو ظاهر ٿيو ھو ته سيلز کي ٻيهر ري بوٽ ڪرڻ ڪئنسر جي ٽشوز جمع ٿيڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. نئين مطالعي مان معلوم ٿيو ته سيلز جي جزوي ري بوٽ سان اهڙن خطرن کان بچي سگهجي ٿو، پر ٻيون رڪاوٽون رهنديون.
ڊيوڊ سنڪليئر پنھنجي ڪتاب ۾ ان عام عقيدي کي رد ڪري ٿو ته پوڙھو ٿيڻ اٽل آھي. سنڪليئر جو چوڻ آھي تہ ڪراڙپ يا پوڙھائپ پاڻ ھڪ بيماري آھي، جنھن جو علاج ڪري سگهجي ٿو. ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ تحقيق کان پوءِ هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن روزاني زندگيءَ ۾ چند سادين عادتن کي تبديل ڪجي ته عمر گهڻي ٿي ويندي ۽ وڌيڪ ڊگهي ۽ صحتمند زندگي گذاري سگهجي ٿي. ايڊورڊ سنڪليئر جو خيال آهي ته بنيادي طور تي عمر جي باري ۾ سوچ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ قدرتي عمل جي طور تي ان جو علاج ڪرڻ بدران ان کي هڪ بيماري طور ڏسڻ گهرجي، پوڙھائپ يا ڪراڙپ بيماري آھي جنهن جو علاج ڪري سگهجي ٿو ۽ اھا هميشه لاءِ ختم ٿي سگهي ٿي. هن جو چوڻ آهي ته انسان پوڙھائپ متعلق پنھنجو نظريو زبردست نموني سان تبديل ڪري تہه انسان پنھنجي امڪاني عمر ۾ واڌ ڪري سگهي ٿو. دوائون ۽ ڊاڪٽر زندگين ۾ صرف هڪ يا ٻه سال شامل ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن سيلز کي ري بوٽ ڪجي ته عمر ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي سگهي ٿي.
سنڪليئر جو چوڻ آھي تہه ڪنهن نه ڪنهن طرح سيلز کي خبر آهي ته جسم پنهنجو پاڻ کي بحال ڪري سگهي ٿو، ۽ اهي اھو بہه ڄاڻن ٿا ته جوانيءَ مھل ڪھڙا جين هئا. ڇو تہه “بيڪ اپ ڪاپي” جسم ۾ ذخيرو ٿيل آهي. ان کي انفارميشن ٿيوري آف ايجنگ سڏجي ٿو. عمر رسيده سيلز اهو وساري ڇڏيندا آهن ته ڪم ڪيئن ڪجي، اهي وساري ڇڏيندا آھن ته جواني مھل ڪهڙي قسم جا سيل ھئا. ھاڻي ھڪڙي ري بوٽ سوئچ کي ٽيپ ڪري سيل جي قابليت کي بحال ڪري سگهجي ٿو. جيڪي پنھنجي جين کي صحيح طور پڙھي ۽ سمجهي سگهن ٿا. جيئن ھڪ گهڙي کي چاٻيءَ سان ڦيري سگهجي ٿو، ان ريت ماسٽرڪنٽرول سوئچ وسيلي جسم جاڳندو ۽ ياد رکندو ته ڪم ڪيئن ڪرڻو آهي.