بلاگنئون

سنڌ حڪومت ۾ خاص معاونن ۽ ترجمانن جي لوڌ جي ڀرتي

سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام کي مالي سال 2024-25 جو خاص تحفو ڏنو آهي. سنڌ حڪومت عوامي ڀلائيءَ جي لاءِ 10 خاص معاون ۽ 6 ترجمان مقرر ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ حڪومت محسوس ڪيو ته ان کي سنڌ جي ترقي جيڪا بقول حڪومت تمام گهڻي ٿي چڪي آهي ۽ عوام سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن آهي، پر ان کي وڌيڪ ترقي ڏيارڻ جي لاءِ مددگارن جي ضرورت آهي ۽ جيڪا ترقي ٿيندي انهيءَ جي خبر چار عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ ترجمانن جي به ضرورت پوندي. انهيءَ کي عوام جي ضرورت سمجهندي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اهي به اطلاع آهن ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وزيرن ۽ صلاحڪارن جي ٽيم ۾ پڻ اضافو ڪيو ويندو. سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام سان اهڙا کوڙ سارا ناٽڪ ڪندي رهي آهي، جن کي هاڻي مذاق چوڻ به مذاق جي گهٽتائي محسوس ٿئي ٿي. اک جي پڪائي ضرور آهي. حڪومت وٽ کاتن ۾ مقرر ٿيل هزارين آفيسر موجود آهن، بجاءِ انهن کان سندن مقرر ڪم وٺڻ جي انهن صلاحڪارن ۽ مشيرن کي سياسي رشوت طور ڀرتي ڪيو وڃي ٿو، جن جي سڄي خرچ جو بار غريب عوام جي ٽيڪسن مان حاصل ڪيل بجيٽ تي پوندو. هڪ صلاحڪار کي آفيس ملندي، ڪار ملندي، گن مين ملندو، ڊرائيور ملندو، آفيس جو اسٽاف ملندو. صاحب موصوف سنڌ جي دوري جي نالي دعوتون کائيندو ته ان جي لاءِ پوليس جي موبائيل سندس اڳيان پويان سائرن وڄائيندي نظر ايندي. هاڻي اندازو ڪريو ته هڪ معاون سنڌ جي ماڻهو کي سال ۾ ڪروڙين رپين کان وڌيڪ اگهه ۾ پوي ٿو. هتي توهان سڄا سارا 10 ڄڻا هڪ ئي نوٽيفڪيشن سان ڀرتي ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي سڀ جا سڀ اوهان جي پارٽي اڳواڻن جا رشتيدار آهن. مخدوم خاندان وٽ منسٽري موجود آهي ان جو به خاص معاون کنيو ويو آهي، نويد قمر جي پٽ کي به صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي ڪيترن جا نالا لکون جيڪي پهرين کان ئي حڪومت ۾ اوهان سان گڏ آهن، انهن کي وڌيڪ راضي ڪرڻ جي لاءِ ۽ سياسي رشوت ڏيڻ جي لاءِ سنڌ جي عوام جو پيٽ ڪاٽي انهن جو پيٽ پالڻ لاءِ سندن مقرريون ڪيون ويون آهن. سنڌ حڪومت اهو ٻڌائڻ جي تڪليف ڪندي ته توهان جي هنن مقرر ٿيل خاص معاونن ۾ ڪهڙي اهليت آهي، جنهن جي بنياد تي يا سندن تعليمي سندن جي بنياد تي سنڌ حڪومت فائدو وٺي سنڌ جي عوام کي فائدو ڏيندي. ڇا اهي تعليمدان آهن؟ ڇا اهي صحت کاتي جا ماهر آهن؟ ڇا انهن کي زراعت ۾ نئين ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ آهي؟ ڪيترن هنرمند ماڻهن کي هنر ڏياري سگهن ٿا؟ سندن پنهنجي تعليم ڪيتري آهي؟ اهڙا ڪيترائي سوال آهن جيڪي عوام ته پڇي سگهي ٿو، پر سنڌ حڪومت جواب ڏيڻ جي تڪليف ڪڏهن به نه ڪندي. ڇو ته هنن انهن جي مقرري عوام جي ڀلي لاءِ نه ڪئي آهي. ٻئي پاسي ڏسون ٿا ته سنڌ جي اترئين علائقي جا ضلعا بدامني جي دوزخ ۾ ٻري سڙي رهيا آهن. ماڻهن جو اغوا روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. انهيءَ طرف اسان جي سرڪار نامدار جو ڌيان نظر نٿو اچي ۽ ان انڊسٽري مان اسلحو ٺاهيندڙ ۽ پاٿاريدار ڪمائي رهيا آهن. گرمي پد وڌي رهيو آهي، ماحوليات کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪروڙين رپين جي بجيٽ ته رکي وڃي ٿي، پر ان کي بنا استعمال ڪرڻ جي واپس موٽايو ٿو وڃي. جڏهن ڪو برجستو صحافي حڪومت جي ڪنهن وزير کان سوال ٿو پڇي ته سنڌ جو عوام تمام گهڻي تڪليف ۾ آهي ته اهو وزير هجي يا وزيراعليٰ اک جي پڪائي سان جواب ڏئي ٿو ته بلڪل تڪليف ۾ نه آهي، اسان جي پارٽي کي پسند ڪري ٿو، انهيءَ جي ڪري گذريل چونڊن ۾ سندن پارٽي کي سنڌ جي عوام وڌيڪ ووٽ ڪيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سندن اسيمبلي ميمبرن ۾ اضافو ٿيو آهي. سنڌ جو عوام خوشحال آهي. ان بيحسي کي ۽ نڪ جي پڪائي کي ڪجهه نٿو چئي سگهجي.
سنڌ جي عوام جي پوزيشن اها آهي ته پوري ملڪ ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ واري تناسب ۾ سنڌ جو حصو وڌيڪ آهي، جنهن جي لاءِ چيو ٿو وڃي ته اهو 45 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي. مطلب سنڌ جو ماڻهو ٻه ويلا پيٽ ڀري ماني کائڻ جي پوزيشن ۾ به نه آهي، ان جڳهه تي ان جي ٽيڪسن تي مقرر ڪيل خاص معاون ۽ ترجمان ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهن. سنڌ جي عوام کي خبر آهي ته هي خاص معاون اهو ئي ڪم ڪندا جيڪي وزير ۽ مشير ڪري رهيا آهن. پنهنجا جائز ناجائز فائدا حاصل ڪندا ۽ عوام جي حالت ۾ ڪابه تبديلي نه ايندي. بس چوندا آهن ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، پوءِ مُٺي به ماٺ ته مِٺي به ماٺ.