ايڊيٽوريل

سنڌ سرڪار جي ڇاڙتن جي ٻانهي بڻيل پوليس سان جُٺِ

                30 آڪٽوبر 2024 تي شام جو 7 وڳي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي هئي، اها وڊيو قاسم آباد ٽريفڪ پوليس چوڪي جيڪا علي پئلس وٽ آهي جي هئي، ان وڊيو ۾ هڪ 20، 22 سالن جو نوجوان پوليس جي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر کي سندس ئي چوڪيءَ ۾ گهڙي انتهائي بدتميزي بدتهذيبي ڪري کيس ماءُ ڀيڻ جون گاريون ڏيئي رهيو هو. جڏهن وڊيو جا تفصيل آيا ته خبر پئي ته انهيءَ نوجوان جو نالو آريان باجاري آهي ۽ هو سليم باجاريءَ جو پڳدار پٽ آهي. سليم باجاري وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه جو پرسنل اسسٽنٽ آهي. اهو به واضح ڪريون ته گذريل نگران سنڌ گورنمينٽ جي دور ۾ سليم باجاري تي نيب طرفان نوٽيس ڪڍيا ويا هئا، پر پوءِ معاملو مبينا ڏيتي ليتي سان ختم ڪيو ويو هو.

                سنڌ اندر هن وقت پوليس کاتي ۾ سپاهي کان وٺي آءِ جي تائين، مطلب ته اهلڪارن ۽ آفيسرن جو تعداد 2 لک 90 هزار آهي جنهن تي عوام جي ٽيڪسن مان حاصل ڪيل 300 ارب رپين کان وڌيڪ ناڻو خرچ ٿئي ٿو. قانون مطابق سندن ڪم انهن ٽيڪس ڏيندڙ ماڻهن کي معاشري ۾ تحفظ فراهم ڪرڻو آهي. ان کان علاوه سندن ڪم ڏوهارين کي سزائون ڏيارڻ، ڏوهن تي خاتمو آڻڻ، عوام کي امن امان جي سهولت ڏيڻ آهي. پوليس کاتي تي تمام گهڻا الزام لڳندا رهندا آهن ته هر قسم جي ڏوهه جو پيرو کڻبو ته ان جو پيرو کٽندو ڪنهن پوليس جي ننڍي وڏي آفيسر جي آفيس ۾. اهو ئي سبب آهي جو شهر ۽ ٻهراڙيون بدامني جي ور چڙهيل آهن ۽ پوليس هڪ مافيا طور ڏوهارين کي تحفظ فراهم ڪري رهي آهي ۽ پنهنجو مورال به ڪيرائي رهي آهي. پوليس ۾ آفيسر پوسٽنگ وٺڻ لاءِ رشوت ڏين ٿا ۽ پوءِ وري رشوت وٺي ان پئسي جي وصولي ڪري معاشري کي نقصان پهچائين ٿا، جنهن جي لاءِ کين سرڪار جي “سسٽم” جو حصو ٿيڻو پوندو آهي. هن وقت اهو چئي سگهجي ٿو ته عوامي حڪومت پنهنجي نظام کي عوام جي فائدي بدران چند ماڻهن جي مفادن تحت هلائي رهي آهي، ان جو ثبوت ان ڇوڪري جي ان بدتهذيبي واري رويي مان ظاهر ٿئي ٿو. ان کان اڳ به پوليس سان تعلق رکندڙ ڪنهن آفيسر جي ٻار ان قسم جو رويو ڏيکاري ڪراچيءَ ۾ فائرنگ ڪري پنهنجي ارد گرد ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن وقت پوليس کي جتي پروفيشنل ٽريننگ ڏني وڃي ٿي اتي انهن کي اهو به سيکاريو وڃي ته هو پنهنجي نوڪري ۽ ذميدارين کي پنهنجي خاندان ۽ پنهنجي ٻارن کان ڪيئن مفاصلي تي رکي سگهن ٿا، جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته هڪڙو ڏينهن ضرور ايندو جو پوليس ۽ عوام جي وچ ۾ ڪونه ڪو اهڙو واقعو ٿيندو جنهن سان ڪو وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو. پوليس عوام جي تحفظ جي لاءِ متعين ڪئي وئي آهي، پر هينئر اها ڪيترن ئي ڀوتارن جي حفاظت لاءِ اماڻيل آهي. جنهن جو خرچ عوام ڀري رهي آهي. پوءِ جڏهن ڀوتارن جا نوڪر ۽ انهن جو اولاد مستيءَ ۾ اچي روڊن تي گاڏيون ڊوڙائي ماڻهن کي مارين ٿا ته پوءِ انهن پوليس آفيسرن کي ڪوبه حق نه پچهندو ته انهن کي روڪين، جيڪڏهن روڪيندا ته پوءِ انهن سان ساڳي ويڌن ٿيندي جيڪا وزيراعليٰ جي پي اي جي پڳدار پٽ اظهر راهوپوٽو اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر قاسم آباد سان ڪئي آهي. اها به خبر آئي آهي ته آريان باجاري خلاف قاسم آباد ٿاڻي تي اظهر راهوپوٽو جي فرياد تي ڪيس داخل ٿي چڪو آهي. ظاهر آهي جڏهن وڊيو وائرل ٿي آهي ته پوءِ ماڻهن جي ڪاوڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ قانون کي بچائڻ جي لاءِ اهڙي قسم جو قدم کڻڻ پوليس جي مجبوري ٿي پئي هئي، نه ڇوڪرو گرفتار ٿيندو، نه ڇوڪري کي سزا ايندي. اهڙا ڪيس روز عوام ڏسي رهيو آهي، پوليس جو ڪردار ڪمداريءَ وارو ٿي چڪو آهي. هتي اهو سوال پيدا ٿو ٿئي ته اهو بدمست ڇوڪرو جنهن پوليس آفيسر کي ورديءَ ۾ سندس چوڪيءَ اندر گهڙي گاريون ڏنيون آهن ان کي اها جرئت ڪيئن ٿي هن قانون جي رکوالي کي گاريون ڏنيون. ڇا هن کي اها همت ٿئي ها ته هو ڪنهن فوج جي جوان سان يا رينجرز جي ڪنهن سپاهي سان اهڙو ورتاءُ ڪري ها؟ نه بلڪل نه، ڇو ته ان ڇوڪر کي خبر آهي ته سنڌ جي پوليس ويڪائو بڻجي اسان سان ساٿاري آهي، خوف ۽ لالچ جي ور چڙهيل آهي. انهيءَ ڪري اي ايس آءِ کي گار ڏيڻ بنهه آسان آهي، پر جيڪڏهن رينجرز جو سپاهي سامهون هجي ته کيس اها خبر آهي ته اها ڳالهه سندس ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي. سنڌ جو عوام سمجهي ٿو ته اهڙن ڪم همت پوليس آفيسرن هوندي سنڌ جي عوام کي امن نه ملي سگهندو.

                هاڻي تصور ڪريون ته هڪ عام ماڻهو عزت سان، شرافت سان روڊ تي وڃي رهيو آهي انهيءَ سان اهڙي قسم جا بدمست ڇوڪرا ڪهڙي حالت ڪندا هوندا. جڏهن انهن سان گڏ سندن ويگو جي ڊالي ۾ 8، 8 پوليس وارا انهن ڇوڪرن جي رکوالي ڪن ٿا. ڇوڪري کي ڏسجي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن غريب جو ٻار هجي يا وري ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ رهندو هجي جتي قانون نافذ ڪندڙ ادارا طاقتور هجن ته هو ڪڏهن به اهڙي جرئت ڪري نه سگهندو. هي سوال سنڌ حڪومت کان به آهي، سنڌ پوليس جي آءِ جي کان به آهي ۽ سنڌ جي سماج کان به آهي، اهڙن ماڻهن کي ووٽ ڏيئي طاقتور بڻائين ٿا جن جي ڇاڙتن جا پٽ قانون کي پنهنجن پيرن جي جتي سمجهن ٿا. انهيءَ بي همت پوليس مان سنڌ جي عوام کي ڪڏهن به امن ملڻ جي توقع نه رکڻ گهرجي.