ايڊيٽوريل ملڪ ۾ مهانگائي، عام ماڻهو جي زندگي عذاب ۾ August 12, 2024 Zahida Abro اسان جي معاشري جنهن ۾ گهڻائي مسئلا آهن، پر سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي جيڪو ڪجهه سالن کان ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي انهيءَ مسئلي جيڪو اضطراب ماڻهن جي ذهنن ۾ پيدا ڪيو آهي انهيءَ جو حل صرف سرڪار وٽ آهي جنهن کي اهو حل ڪڍڻ گهرجي. هن وقت اسان جي معاشري ۾ سفيد پوش ماڻهن جو ڀرم ٽٽي رهيو آهي. تازو هڪ سروي انهيءَ ڏکوئيندڙ صورتحال کي بيان ڪيو آهي. اسين سڀ پنهنجي شهرن ۽ صوبن ۾ اهو سڀ ڏسي رهيا آهيون ته رڳو غريب ماڻهو نه پر وچولي طبقي جو به هڪ وڏو حصو پنهنجي سفيد پوشي جو ڀرم رکڻ ۾ ڏکائيون محسوس ڪري رهيو آهي. ملڪ ۾ مهانگائي آهي ۽ ڳاٽي ٽوڙ يوٽيلٽي بلن جو بار حل ٿيڻ جوڳو نه رهيو آهي. ڇاڪاڻ جو انهن جي ادائگي هاڻي صارفين لاءِ مشڪل ٿي رهي آهي. تڏهن ته تازو وفاقي دارالحڪومت ۾ يوٽيلٽي بلن ۽ آءِ پي پيز جي مسئلن تي ملڪ جي هڪ مذهبي جماعت ڊگهو ڌرڻو ڏنو آهي. لڳي ٿو ته انهيءَ ڪوشش سان به ڪو حل سامهون نه آيو آهي. اسين جڏهن انگ اکر ڏسون ٿا ته زندگي گذارڻ لاءِ لڳي ٿو ته ملڪ جي ماڻهن وٽ ذاتي وسيلا گهٽجي رهيا آهن. ملڪ جون اخبارون ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا روز جي بنياد تي انهيءَ کي رپورٽ ڪري رهيون آهن. لڳي ٿو ته اسان جي حڪومت وٽ انهيءَ جو حل ڪونهي يا هنن کي پرواهه ناهي. تازو 2024ع ۾ ٿيل هڪ سروي ۾ به انهيءَ متعلق سوال اٿاريو ويو آهي ته موجوده حالتن ۾ سفيد پوش ماڻهن جو ڀرم ٽٽي رهيو آهي ۽ اهي زندگي گذارڻ جي عام ضرورتن لاءِ پريشان آهن. اهڙي سلسلي ۾ 2024ع ۾ ٿيل سروي ۾ هڪ اهم سوال ڪيو ويو آهي ۽ ساڳئي اداري 2023ع ۾ به ساڳيا سوال کڻي پاڪستان جي عوام جي سامهون رکيا هئا. انهن جا جواب به ساڳيا مليا ته هڪ عام پاڪستاني گهر زندگيءَ جي ضرورتن لاءِ پريشان آهي. هڪڙي ڳالهه جيڪا اسان جي سڄي معاشري ۽ سماج لاءِ ڏکوئيندڙ آهي ته معاشي مشڪلات ۾ اضافي جي شڪايت ڪرڻ وارن پاڪستانين جو تعداد ايترو وڌي ويو آهي جو انهيءَ سروي جا انگ اکر ڏسندي هر پاڪستاني کي تڪليف ٿيندي. انگ اکر ايترا حيران ڪندڙ آهن جو هڪ سال ۾ روز مره جي ڏکائين جي شڪايت ڪندڙ ماڻهن جي تعداد ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. انهيءَ سروي ۾ سڀني کان ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته 100 پاڪستاني گهراڻن مان 74 پنهنجي ماهوار آمدني مان پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن. گذريل سال اهو تعداد 100 مان 60 گهراڻن تي مشتمل هو. پاڻ ڳالهه کي سادن لفظن ۾ چئون ته هڪ سال ۾ 14 سيڪڙو گهراڻا غربت ڏانهن ڌڪجي ويا آهن. مطلب اهو آهي ته انهن جون مالي ۽ معاشي ڏکائيون وڌيون آهن. ٻئي طرف سرڪار جيڪو اقتصادي سروي ڏنو آهي اهو به ايترو مطمئن ڪندڙ ناهي. سرڪار لڳي ٿو ته انگن اکرن تي گذارو ڪري رهي آهي. جڏهن اهو چيو ٿو وڃي ته ملڪ جي جي ڊي پي 2.38 سيڪڙو رهي ۽ ايندڙ سال 3.5 سيڪڙو جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ زراعت ترقي ڪندڙ نه هجي ۽ جيئن ته اسان جي معاشي بيهڪ جو بنياد زراعت تي آهي. زراعت ۾ اسان جي ترقي 6 سيڪڙو آهي، مطلب صاف آهي ته اسان جي ترقي زراعت تي بنياد رکي ٿي. جيڪڏهن انهيءَ سڀ جي باوجود سرڪار جي سڀني دعوائن جي باوجود ڪنهن به معاشري جا 100 مان 74 گهراڻا جيڪڏهن پنهنجا مهيني جا خرچ پورا نه ڪري سگهن ته اهو معاشرو مضطرب معاشرو ئي سڏبو. موجوده وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون انهيءَ انساني الميي تي ڌيان ڏين جتي ٻه حل آهن هڪ ته مهانگائي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ ٻيو حل اهو آهي ته ملڪ جي ماڻهن لاءِ روزگار جا گس کوليا وڃن جيئن انهن جي آمدنيءَ جو گس نڪري ۽ اهي انهيءَ جان نپوڙيندڙ مهانگائي ۽ انهيءَ سان لاڳاپيل ٻين مصيبتن مان نڪري سگهن. Post Views: 135