تبديلي سرڪار جنوري تائين مهمان آهي، ان کي گهر وڃڻو پوندو: بلاول ڀٽو
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو حڪومت جي وڃڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته جنوري حڪومت جو آخري مهينو آهي، ان کي گهر وڃڻو ئي پوندو. پشاور ۾ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته حڪومت جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي، هاڻ پاڪستان جي عوام فيصلو ڪندو ته هن ملڪ ۾ ڪنهن جي حڪمراني هلندي. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته سليڪٽڊ جو بار عام ماڻهو کڻي رهيو آهي، پهرين اٽو، کنڊ ۽ تيل جو بحران هو، هاڻ گئس جو بحران به پيدا ٿيندو، انهن حڪمرانن جي ڪري اٽو، کنڊ، گيهه، پيٽرول، گيس ۽ پٽاٽا مهانگا ٿيا، موجوده حڪومت ۾ ماڻهو ڪڪڙ ته ڇا بيضو به خريد نٿا ڪري سگهن. پيپلزپارٽي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته سوات ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ پاڪستان جو پرچم جمهوريت جي ڪري ڦڙڪي رهيو آهي، سڄي خيبر پختونخواهه جو مطالبو آهي ته گو عمران گو.

