موري ۾ ڪئنال منصوبي ۽ زمينن تي والار خلاف ٿيل احتجاج دوران مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ ڳڀرو جوان شهيد ٿي ويو. جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جيڪو نوابشاهه کانپوءِ حيدرآباد ۾ وينٽي ليٽر تي زير علاج آهي. ان واقعي کانپوءِ مڇريل ماڻهن صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار جي گهر تي حملو ڪري گهر کي باهه ڏيئي ڇڏي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پوليس پرامن مظاهري تي فائرنگ ڪئي، جيڪو افسوسناڪ ۽ غير قانوني عمل آهي.
واقعي کانپوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي جو پوليس لاش رکي احتجاج ڪندڙن مٿان آنسو گئس اڇلائي کين ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. تفصيل موجب گذريل ڏينهن مورو ۾ ڪئنالن ۽ زمينن جي والار خلاف لڳل پرامن ڌرڻي تي پوليس ۽ شر پسندن جي سڌي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان زاهد لغاري شهيد ٿي ويو. جڏهن ته اٺن ماڻهن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي ۽ ٻيا ڪيترائي نوجوان ٿورو زخمي پڻ ٿيا، جن کي مورو اسپتال ۾ آندو ويو. ٻئي پاسي ڪارڪنن پوليس مٿان پٿراءُ ڪندي ڊي ايس پي مورو غلام حسين ڏاهري سميت ڪجهه سپاهين کي زخمي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مڇريل ماڻهن مورو ۾ صوبائي وزير داخلا ضياءُ الحسن لنجار جي بنگلي ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه سان گڏ باهه ڏيئي ڇڏي. ٿوري دير بعد لنجار هائوس تي قبضو ختم ڪرڻ لاءِ سولنگي ۽ زرداري برادريءَ جا هٿيار بند پهچي ويا. جن پڻ سڌي فائرنگ ڪري مظاهرين کي نه رڳو ڇڙو ڇڙ ڪيو، پر ڪجهه نوجوان زخمي ٿي پيا. قومي ڪارڪنن موجب پوليس ۽ لنجار پنهنجا خانگي ماڻهو گهرائي پرامن ڌرڻي مٿان نه رڳو حملو ڪيو، پر ٽرالرن کي باهيون ڏياري ٽوڙ ڦوڙ ڪرائي آهي ته جيئن نوجوانن خلاف جواز پيدا ڪري سگهجي. مورو جيڪو محبتن جو شهر آهي، عالمن، اديبن ۽ انقلابي شاعرن جو شهر آهي، ان ۾ روزانو خون جي راند کيڏڻ جڳائي نٿو. ڪنهن شاعر ڪيڏو نه موري جي مان ۾ خوبصورت نظم چيو آهي:
آءُ پرين تون موري ۾، دل جي ويهه هندوري ۾
دادو کانپوءِ مورو آهي، مورو ڀي ڪو ٿورو ناهي
مورو جيءَ جو جهورو آهي، آئون جهران ان جهوري ۾
آءُ پرين تون موري ۾، دل جي ويهه هندوري ۾
هن وقت سنڌ جي جياپي ۽ وجود جي بقا جي جنگ وڙهي پئي وڃي، ماضيءَ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ کي به مورو جي دليرن ۽ ارڏن ماڻهن شڪست ڏني. پنهنجي جانين جا نذرانه ڏيئي سنڌ کي حيات بخشي. جيڪڏهن پ پ حڪومت جمهوريت جي آڙ ۾ سنڌ ڌرتيءَ سان غداري ڪري مارشل لا لاڳو ڪئي ته هر شهر مورو بڻجي ويندو. پوءِ توهان ڪنهن ڪنهن جي مٿان گوليون هلائيندو! ڪنهن ڪنهن ڳڀرو جوان جا لاشا پنهنجي امڙين ۽ ونين ڏي موڪليندو؟ ڪنهن ڪنهن جي اولاد کي يتيم بڻائيندو! مظلوم ۽ يتيم جي آهه سڌو عرش تي پهچندي آهي. پوري قوم ڏسي چڪي آهي ته ڪئنال ڪنهن رد ڪرايا آهن، پ پ جي ٺلن ڪوڙن واعدن تي سنڌ جا ماڻهو مطمئن نه آهن، پرامن ڌرڻن ۾ شريڪ ماڻهن جي خلاف پوليس تشدد ڪري انهن کي اشتعال ڏياري تشدد لاءِ مجبور ڪري رهي آهي. پوليس جو ڪم ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ هوندو آهي، پر اسان وٽ وڏيرن، وزيرن ۽ سندن ڇاڙتن جي ونگار وهڻ لاءِ پوليس کي استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان جا جيڪي نتيجا نڪري رهيا آهن، سي پوري قوم ڏسي رهي آهي. جمهوريت ۾ پرامن احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي ته پوءِ مورو ۾ هٿين خالي پرامن قومي ڪارڪنن تي سڌيون گوليون هلائڻ ۽ انهن جي رستا روڪ ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي. موري واقعي خلاف فوري طور تي عوامي رد عمل سامهون اچي ويو، ڪنڊيارو، سن هاءِ وي، ڄامشورو، ڪراچي، حيدرآباد، پڪا چانگ، مهراڻ هاءِ وي سميت مختلف هنڌن تي روڊ بند ڪيا ويا، جڏهن ته ڪراچي بار ايسوسئيشن واقعي خلاف سخت مذمت ڪندي چيو ته مورو ۾ پرامن احتجاج ڪندڙن تي ٿيندڙ وحشياڻي غير قانوني ۽ غير انساني تشدد جي سخت مذمت ڪريون ٿا.
اهو انتهائي حيران ڪندڙ عمل آهي ته پوليس اهلڪارن، مبينا طور تي مقامي هٿياربند ماڻهن سان گڏجي، غير مسلح شهرين ۽ پرامن مظاهرو ڪندڙن تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي جيڪي قانوني طور تي پرامن رهي پنهنجي آئيني ۽ جمهوري حق کي استعمال ڪري رهيا هئا. مورو جهڙا واقعا بنيادي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي ۽ جمهوري آزادين، شهري آزادين ۽ انساني زندگيءَ جي تقدس تي سڌو حملو آهن. هن واقعي جي پوري شفاف ۽ آزاد عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ڏوهه جي ذميوارن کي سخت سزا ملڻ گهرجي، چاهي اهو ورديءَ ۾ هجي يا وزارت ۾ هجي. ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ ٿيڻ گهرجي، ڇو ته پرامن مظاهرين جي آواز کي دٻائڻ جي لاءِ رياستي طاقت جو استعمال آئين جي کليل خلاف ورزي آهي ۽ ڪنهن به جمهوري سماج ۾ ان کي قبول نٿو ڪري سگهجي. پوري قوم سمجهي ٿي ته تشدد جو هي عمل اتفاقي نه هو، پر هڪ منظم منصوبو هو ۽ هڪ سوچيل سمجهيل سازش هئي، ڇو ته مورو ۾ هي ڌرڻو ڪو پهريون ڀيرو نه لڳو هو، پر سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين خلاف مسلسل احتجاج جو حصو هو، ڌرڻو چند ڪلاڪن بعد ختم ٿي وڃي ها، پر رياستي مشينري جي غلط استعمال ۽ سازشي اشتعال انگيز ماڻهن جي شموليت سان ڄاڻي واڻي معاملي کي وڌايو ويو. اهو عوام ۽ رياست جي وچ ۾ بي اعتمادي پيدا ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ قانوني احتجاجن جي دٻاءُ لاءِ بنياد رکڻ جي هڪ وسيع منصوبي جو حصو نظر اچي ٿو.
هن واقعي بعد سنڌ بار ڪائونسل وزير داخلا جي حمايت ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري سنڌ جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو آهي. جڏهن ته ڪراچي بار سڄي سنڌ ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪري شهيدن سان پنهنجي همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي، جيڪو هڪ سٺو عمل آهي، ڇو ته خدا مظلوم سان ساٿ ڏيڻ جو حڪم صادر ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ناانصافي قانون بڻجي وڃي تڏهن مزاحمت فرض بڻجي ويندي آهي، توهان اڄ موري جو جيءُ جهوري وڌو آهي. توهان ڇا ٿا سمجهو ته اهڙن عملن سان توهان ڪامياب ٿي حڪمراني ڪندا؟ بلڪل به نه. انهن بيگناهه شهيدن ۽ زخمي ڪارڪنن جي رت جو ڦڙو ڦڙو توهان کان حساب گهرندو ۽ سنڌ اندر نئون انقلاب ايندو جيڪو توهان جي ڪاري قانون کي لتاڙي ڇڏيندو.