خاص

جان محمد مهر قتل ڪيس، سمورن جوابدارن جي جسماني ۽ جڊيشل رمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ

سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس جي سمورن جوابدارن جي جسماني ۽ جڊيشل رمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي. سينيئر صحافي جي قتل ڪيس ۾ گرفتار سمورن 6 جوابدارن کي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، جاچ پوليس پاران جوابدار شير محمد شيخ، بشير مهر ۽ رمضان شيخ جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي درخواست ڪئي وئي. عدالت پوليس جي تحويل ۾ موجود ٽنهي جوابدارن کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جيل ڪسٽڊي ۾ موجود ٽن جوابدارن بخش علي، بابر ۽ منور مهر جي جڊيشل رمانڊ ۾ به 7 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي.