پنجاب ۾ موسمي بخار هٿان فوتگيون ٿيڻ تي سنڌ صحت کاتي ۾ ٿرٿلو
پنجاب مان ايندڙ موسمياتي بخار سان ٿيندڙ فوتگين جي خبرن سبب سنڌ صحت کاتي ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي. خبرن مطابق سنڌ صوبي ۾ صحت واري وزارت پاران چيو ويو آهي ته اهي ضروري اپاءُ وٺي رهيا آهن ته جيئن ڪنهن به وڏي نقصان کي منهن ڏئي سگهجي. تنهن هوندي به اهڙي ڪنهن خطري جو ڪو امڪان سنڌ ۾ نه آهي. قومي صحت کاتي چيو آهي ته هي وائرس سيزنل انفلوئينزا ڪارڻ ڦهلجي ٿو. جنهن سان مٿي جو سور، نزلو، نڙي جو سور، جسم ۾ سور ۽ کنگهه ٿيندي آهي، جنهن سان گڏوگڏ اهو وائرس ساهه واري نالي کي به متاثر ڪري سگهي ٿو ۽ آخرڪار مريض لاءِ موت جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ان کان علاوه اهو وائرس وچرندڙ پڻ آهي جيڪو ٻين لاءِ به خطرناڪ به ٿي سگهي ٿو. جنهن کان بچڻ لاءِ ڪجهه بچاءَ جا اپاءُ وٺڻ گهرجن جيئن 8 ڪلاڪ تائين ننڊ ڪرڻ، مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ ۽ متوازن عذا کائڻ شامل آهن. هن قسم جي وائرس مان متاثر ٿيل مريضن کي الڳ ڪري رکيو وڃي.

