اسلامي جهموريه پاڪستان
زاهده ابڙو
اسلامي جهموريه پاڪستان جتي آئيني ۽ شرعي قانون گڏوگڏ هلن ٿا. اهڙي رياست ۾ هڪ سروي موجب هر روز يارهن ٻار جنسي تشدد جو شڪار بڻجن ٿا. گذريل سال پنجاب جي شهر قصور ۾ ٻارنهن ننڍڙيون ٻارڙيون جنسي تشدد کانپوءِ قتل ڪيون ويون ۽ انهن جا قاتل قانون جي هٿ ور نه چڙهي سگهيا. اهڙي ڏوهارين دوست صورتحال ٻين ڏوهارين جي همت وڌائي ۽ هڪ ٻي معصوم نياڻي زينب کي جنسي تشدد کانپوءِ قتل ڪيو ويو. هن معاشري کي جنهن کي اسين اسلامي معاشري جو نالو ڏيون ٿا ڇا واقعي هي اهو معاشرو آهي جنهن لاءِ هي ملڪ جوڙيو ويو جتي اسلام جي پيروي ڪرڻ الڳ سرحدون قائم ڪيون ويون. هي ڪهڙو سماج آهي جتي ڏاڍو ڏينهن ڏينهن ڏاڍو ٿيندو پيو وڃي. قانون چاهي اهي آئيني هجن يا شرعي انهن کي اهڙي ريت ٺاهيو ٿو وڃي، جنهن ۾ اسان جي سماج جو اشرافيا طبقو وڌ ۾ وڌ لاڀ حاصل ڪري سگهي.
مشعال خان کي ڏينهن ڏٺي يونيورسٽيءَ ۾ توهينِ رسالت جو الزام هڻي کيس ذهني پسمانده شاگردن جي هڪ گروهه قتل ڪري ڇڏيو سندس مائٽ اڃان تائين انصاف جي ڳولا ۾ آهن.
شاهزيب هڪ جاگيردار ۽ سرمائيدار جي هٺيلي پٽ شاهه رخ جتوئي هٿان زندگي وڃائي ويٺو ۽ پوءِ سندس مائٽن کي دولتمند اشرافيه شرعي قانون جو استعمال ڪندي ايترو ته زور ڀريو جو نه چاهيندي به آخر ۾ کين پنهنجي پٽ جي قاتل جي حق ۾ انصاف تان هٿ کڻڻو پيو. هتي هر روز عورتن کي عزت ۽ ناموس جي نالي تي قتل ٿو ڪيو وڃي ۽ سندن قاتل ڪجهه سال قيد ڪاٽي ٻاهر آزاد زندگي گذارين ٿا. هي ڪهڙي رياست آهي جيڪا چوڻ کان ته اسلامي جهموريه آهي پر هتي وحشت ۽ دهشت جو راڄ آهي. جتي چور ۽ لٽيرا ڳاٽ اوچو ڪري شريفن جون لڄون ۽ مٿن جا پٽڪا روز لاهي اڇلائين ٿا ۽ پوءِ به قانون جي نظر کان اوجهل رهن ٿا. هن رياست ۾ مذهب جي خلاف ڳالهائڻ وارن ته ڇا پر سوچڻ وارن کي بلاسفيميءَ توهين مذهب جي الزام ۾ ڌريو ٿو وڃي اسان جون مختلف ايجنسيون پنهنجي عقابي نگاهن سان هر شهر هر گلي ۽ هر گهر اندر نظر رکن ٿيون پوءِ انهن کي اهي قاتل، زاني ۽ بدڪردار شخص نظر ڇو نٿا اچن جيڪي ٻارن تي جنسي تشدد ڪن ٿا ۽ ٻارن ۾ نه صرف ڇوڪريون پر ننڍي عمر جا ڇوڪرا به شامل آهن. ڇا اهڙي رياست پنهنجو دفاع ڪري سگهندي جتي هر گهر ۾ سندن خلاف بداعتمادي جي فضا جنم وٺي چڪي هجي. هن وقت ملڪ جا حالات اهڙا آهن جنهن ۾ هر عزتدار شخص پنهنجو وجود لڪائي پنهنجي خاندان کي بچائي پيو هلي. هڪ مخصوص مائينڊ سيٽ ٺاهي سماج جي تاڃي پيٽي کي ڇيهون ڇيهون ڪيو ويو آهي. سماج اندر انساني قدرن جي جاءِ تي مذهبي بنيادن تي انساني حقن جي باري ۾ ڳالهايو ٿو وڃي. ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته سماج جي اهڙي ابتر صورتحال پيدا ٿيڻ جو سبب سماجي نه پر سياسي هجي. جيڪڏهن سياسي مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ سماجي قدرن کي پامال ڪيو ويندو ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏهن اسان وٽ ندامت کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو هينئر به وقت آهي صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کي ۽ رياستي ادارن کي پنهنجي ڪوتاهين کي درست ڪرڻ گهرجي نه ته کيل ختم ٿي ويندو ۽ سڀني جا هٿ خالي هوندا.