بلاگخاص

مها راڻي گياتري قسط-2

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط-2

مها راڻي گياتري

الطاف شيخ

هي ڪتاب تمام گهڻو مشهور ٿيو. انهن ڏينهن ۾ اسان جهازن تي هئاسين ۽ آمريڪا ۽ انگلينڊ جي بدرگاهن ۾ ويندا هئاسين ته اتي جي سب وي ٽرين ۾ سفر ڪندڙ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هٿ ۾ هوندو هو. اهو دور اڃان ڪتاب پڙهڻ جو هو ۽ ويندي ڊپارٽمينٽ اسٽورن ۾ سيلز گرلز مالڪن ۽ گراهڪن جي موجودگي ۾ وقت پاس ڪرڻ لاءِ وقت جو “بيسٽ سيلر” ڪتاب پڙهيو ٿي. هاڻ ته اهي نظارا ئي نظر نٿا اچن… ٻين ملڪن جي ته ڇا ڳالهه ڪجي، جاپاني، جيڪي ريل گاڏين ۾ سئو سيڪڙو ڪتاب پڙهندي نظر ايندا هئا، اڄ انهن جي هٿن ۾ به ڪتابن بدران موبائل فون، آءِ پيڊ، ٽيبليٽ وغيره يا ليپ ٽاپ نظر اچي ٿو.

گياتري جو هي ڪتاب سانٿا رامائو نالي هڪ انڊيا ڄاول آمريڪن ليکڪا جي مدد سان لکيو آهي. ادب ۽ سفر نامه پڙهندڙن جي شوقينن لاءِ لکندو هلان ته سانٿا (SANTHA) سفر نامن کان به مشهور آهي. قد ۾ بيحد ڊگهي 1923ع ۾ چنائي (مدراس) ۾ ڄائي. سندس ماءُ ڪشميري برهمڻ هئي ۽ پيءُ جنهن جي مادري زبان ڪوڪني هئي، سائوٿ انڊين برهمڻ هو. جاپان واري سفر نامي ۾ جاپان ۾ رهندڙ ۽ اتي سڀاش چندر بوس جي هن ساٿي نير سان (نير صاحب) جاپان ۾ انڊيا جو سفير ٿيڻ جي  خواهش خاطر نهروءَ سان ملڻ لاءِ انڊيا آيو. نهروءَ ملڪ جي آزادي ماڻڻ ۾ سندس خدمتن جي واکاڻ ضرور ڪئي، پر کيس ٽوڪيو ۾ انڊيا جي سفارتخاني جو سفير بنائڻ بدران ٻئي نمبر واري پوسٽ “قونصلر” جي آڇ ڪئي، جيڪا هن قبول نه ڪئي ۽ انڊيا ڇڏي ٽوڪيو ۾ پنهنجي هوٽل اچي هلائي. پڙهندڙن لاءِ هتي لکندو هلان ته جاپان ۾ سفير جي ان عهدي تي هڪ ليکڪه سنٿا جي پتا “سر بينيگال رامائو” کي مقرر ڪيو ويو هو. ٽوڪيو ۾ نير سان خبرون ڪندي ان وقت اسان کي به افسوس ٿيندو هو ته نير صاحب هيڏو قابل ماڻهو هو… هو ڪيوٽو جي اعليٰ يونيورسٽي جو تعليم يافته هو، جاپاني زبان جو ماهر هو، سندس سياسي سرگرميون اعليٰ قسم جون هيون ته به اهڙي قابل ماڻهو کي انڊيا جي حڪومت سفير جي پوسٽ به نه ڏني ۽ پنهنجي ڪنهن سفارشي مائٽ کي ڏيئي ڇڏي، پر پوءِ مون جڏهن مها راڻي گياتري ديويءَ جي آتم ڪٿا پڙهي جنهن ۾ سانٿا جو به ذڪر آيو ته ان وقت سانٿا جي والد جي بايوڊيٽا پڙهي حيرت ٿي ته جتي نير صاحب قابل ماڻهو هو اتي سانٿا جو والد سربيني گال ان کان به وڌيڪ هو ۽ هو سيڪريٽري ليول جو ڪامورو پڻ هو. ان قسم جون ڳالهيون پڙهي اهو احساس ٿئي ٿو ته ٿي سگهي ٿو انڊيا ۾ ڪجهه سفارشن تي به ڪم هلندو هجي، پر هنن شروع کان قابليت (Merit) تي زور رکيو. اهو ئي سبب آهي جو انڊيا جي سفيرن کان وٺي ايئر هوسٽس تائين سڀ ميرٽ تي رکيون وڃن ٿيون ۽ اهو ئي سبب آهي جو هنن جا ادارا سفارتخانن کان وٺي هوائي جهازن ۽ ريل گاڏين جو نظام اسان کان بهتر ليکيو ٿو وڃي، جيتوڻيڪ ٻنهي ملڪن کي هڪ ئي وقت آزادي ملي، هڪ ئي جهڙا ماڻهو آهن، هڪ ئي موسم آهي، هڪ جهڙا resources آهن، پر ترقي جي راهه مختلف ٿي پئي آهي.

سانٿا جو 1944ع ۾ گريجوئيشن بعد پهريون ڪتاب “Home to India” ڇپيو هو. ان بعد سانٿا جا آمريڪا جي مختلف رسالن: نيو يارڪ ٽائيمس، دي نيو يارڪر، هاليڊي ۽ هارپر ۾ سفر ناما ايندا رهيا. سندس سفر نامن جا ڪجهه ڪتاب بيحد مشهور ٿيا، جهڙوڪ: “ايسٽ آف هوم”، “ماءِ رشين جرني”، Gifts of  Passage (هي سفر نامي سان گڏ سندس آتم ڪهاڻي به آهي.) سندس هڪ رڌ پچاءُ جو ڪتاب The Cooking of India پڻ آهي.

رڌ پچاءُ جو ڪتاب مها راڻي گياتري ديويءَ جو به لکيل آهي، جنهن جو نالو آهي: “Gourmet’s Gateway: A Royal Collection” مها راڻي گياتري ديوي تي به ڪيترائي ڪتاب ۽ انيڪ مضمون لکيا ويا آهن. ٻه ڪتاب جيڪي تمام مشهور آهن، انهن مان هڪ ڌرميندر ڪنول جو Rajmata Gayatri Davi ۽ ٻيو جيڪو 2006ع ۾ ڇپيو اهو “لوسي مور” جو “Maharanis” آهي.

گياتري سگهو ئي مها راڻي ٿي وئي…

گياتري ديوي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته هن جي خدمت چاڪري لاءِ پنج سئو ٻانهيون مقرر هيون بلڪل ايئن ئي هوندو هوءَ هڪ عام عورت نه هئي، هوءَ جئپور جي ٺاهوڪي ۽ پولو جو ورلڊ ڪپ کٽڻ واري راجا مانسنگهه دوم جي مها راڻي هئي… جنهن راجا جا  ڪئين خطاب ۽ لقب هئا…

ليفٽيننٽ جنرل، هز هائينيس، سرامدِ راجا جي هندستان، راج راجيندرا، مها راجا ڌيراج، شري، سر سوائي مانسنگهه دوم، جئپور، GCSI, GCIE (اها ٻي ڳالهه آهي ته ڄمڻ وقت هن جو نالو فقط مور مڪت سنگهه هو ۽ پاڙي اوڙي جا ٻار ۽ مائٽ مٽ کيس فقط “مور” سڏيندا هئا.)

گياتري ديوي پاڻ به ڪا اهڙي تهڙي خاندان جي نه هئي. سندس پيءُ جيتندرا نارائڻ (ڀوپ بهادر) ۽ سندس ڏاڏو نريپيندرا نارائڻ ڪوچ بهار جا راجا هئا. پيءُ جي وفات بعد سندس ڀاءُ راجا ٿيو.

گياتري ديوي پنهنجي ماءُ اندرا راجيه طرفان به وڏو ماڻهو هئي، جو هن جو نانو ساياجي رائو گائيڪواد انڊيا جي ٽيون نمبر امير رياست (حيدرآباد دکن ۽ ڪشمير بعد) بڙودا جو مها راجا هو، جنهن جي اهم ترين راڻي، “مها راڻي چمنا ٻائي” (1958ع-1872ع) گياتري ديويءَ جي ناني هئي.

گياتري ديوي 1919ع ۾ شهزاديءَ جي حيثيت سان ڪوچ بهار رياست جي هندو مها راجا جيتندرا نارائڻ جي محل ۾ ڄائي. ڪوچ بهار اڄ جي انڊيا واري مغربي بنگال جو حصو هو. اهو اتر ۾ هماليه جبلن جي قدمن وارو علائقو آهي. اتر بنگال ۾ ڪوچ بهار جو شهر اڪيلو شهر آهي، جيڪو پلاننگ سان ٺهيل آهي جتي اڄ به آڳاٽيون عمارتون ۽ شهنشاهي محل موجود آهن. جن مان “ڪوچ بهار محل ۽ مدن موهن مندر” ته Heritage Town قرار ڏنا ويا آهن. جيئن اسان وٽ ڪراچي ۾ موهاٽا پيلس، فريئر هال، چوکنڊي مقبرا ۽ لاهور ۾ اسلاميه ڪاليج، شالامار باغ، بادشاهي مسجد وغيره آهن. انگريزن جي ڌينهن ۾ هن نوابي رياست جو وڏو مان شان هو جنهن تي ڪوچ گهراڻي جي راجائن (گياتري جي ابن ڏاڏن) حڪومت ڪئي ٿي. 1949ع ۾ انڊين سرڪار ٻين رياستن سان گڏ هن رياست جو پڻ نوابي درجو ختم ڪري ڇڏيو. …(هلندڙ)…