بلاگنئون

90 ارب کنڊ وارو اسڪينڊل، ڪنهن ڪنهن ڪيترو ڪمايو؟

پاڪستان ۾ هونئن ته ڪرپشن جي نالي کان ٻچو ٻچو واقف آهي ۽ سڀني کي اها پروڙ هوندي آهي ته هتي هيٺان کان وٺي مٿي تائين ڪوبه اهڙو ادارو يا فرد ناهي جيڪو ڪرپشن کان پاڪ هجي. هيٺيون طبقو ته پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪرپشن ڪري ٿو، پر مٿئين طبقي جا فرد ايتري ته ڪرپشن ڪن ٿا ته پيرن کان زمين ئي سرڪي وڃي ٿي. تازو مٿئين طبقي جي طرف کان فقط کنڊ ۾ ايتري ته ڪرپشن ٿي آهي جو معلوم ٿيڻ تي ڏندين آڱريون اچي ويون آهن. يعني تازو ملڪ جي اندر اندازي مطابق 23 لک ٽن 55 رپيا في ڪلو گرام جي حساب سان مهانگي ڪري وڪرو ڪئي وئي آهي. 7 لک ٽن ٻاهرين ملڪن کان گهرائڻ تي 83 ڪلو في ٽيڪس ڊيوٽي معاف ڪرائي وئي. وزيراعظم کي ڪنهن آفيسر يا وزير گمراھ ڪيو؟ ان جو ڪير ذميوار آهي؟ نه ته ڪا تحقيق ٿي، نه ڪا انڪوائري ٿي، پر جڏهن جاچ ٿي ته عوام جو رت 90 ارب نپوڙڻ واري مافيا ۾ ڪير ڪير ملوث آهن ته پتو پيو ته اهي خاندان آهن جيڪي ستر سالن کان عوام جي رت ۽ پگهر تي پلجندا اچن ٿا. پاڪستان ۾ اٽڪل 72 شگر ملون فعال آهن، جيڪي سڄي ملڪ ۾ پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ پکڙيل آهن، پر پنجاب ۽ سنڌ ۾ ٻين ٻن صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شگر ملون آهن. جڏهن ته خيبر پختونخواھ ۽ بلوچستان ۾ ڪجهه شگر ملون آهن، شگر ملن جا مالڪ جيڪي پنهنجين ملن کي سبسڊي يا برآمدي سهولتن جي وسيلي وڌ کان وڌ فائدو رسائين ٿا. ڪو وقت اهي ملن جا مالڪ کنڊ جي قيمتن ۾ هٿرادو واڌ ڪري به ڪروڙين رپيا ڪمائين ٿا.

انهن 72 ملن منجهان اڪثر شگر ملون ٻن عوامي پارٽين جي مالڪن جون آهن يعني مسلم ليگ نواز (قرض اتارو ملڪ سنوارو) جي خاندان ۽ پيپلزپارٽي (همارا نعره روٽي، ڪپڙا اور مڪان) جي خاندان جون آهن. جڏهن ته باقي مالڪ به اهي آهن جيڪي يا ته حڪومت ۾ شامل رهيا آهن يا حڪمرانن جا من پسند ماڻهو هوندا آهن، جنهن جي بنياد تي کين سياسي دٻاءُ کان مڪمل تحفظ مليل هوندو آهي. هاڻي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اهي شگر جا مالڪ ڪير آهن ۽ انهن جو ڪهڙي پارٽي سان لاڳاپو آهي.

ملڪ ۾ اٽڪل 9 شگر ملن جا مالڪ آهن، جيئن رحمان، اتفاق، چناره وغيره. انهن ملن ۾ چٽي رمضان شگر مل آهي، جيڪا شريف النفس گروپ جي ميان محمد شريف النفس جي ملڪيت آهي.

اٽڪل 5 شگر ملون قوم جي صدر آصف علي زرداري جي ملڪيت آهن، جنهن ۾ انصاري، مرزا ۽ پنگريو ملز ذڪر لائق آهن. ان کانسواءِ Omni گروپ جي 9 ملن جو تعلق به آصف علي زرداري سان ڳنڍيو وڃي ٿو.

سابق مرڪزي وزير ۽ کنڊ جو بي تاج بادشاھ جهانگير ترين به ڪنهن کان پوئتي ناهي. ان جي انتظام هيٺ JDW گروپ جون ٽي شگر ملون آهن. پيپلزپارٽي پنجاب جي صدر ۽ اڳوڻي گورنر جون به شگر ملون آهن.

اڳوڻي وفاقي وزير عباس سرفراز مجموعي طور تي 5 ملن جو مالڪ آهي.

ذڪا اشرف صاحب هڪ شگر مل جو مالڪ آهي ۽ پاڻ صدر زرداري جو نهايت ويجهو دوست سمجهيو وڃي ٿو.

افضل اختر جو تعلق جنرل اختر عبدالرحمان جي خاندان سان آهي، حڪومت ڪنهن به سياسي پارٽي جي هجي انهيءَ خاندان جو حصو پيو رهندو آهي. ان جون به 2 شگر ملون آهن.

هاڻي اهو پاڻ اندازو لڳايو ته کنڊ مهانگي ڇو پئي ٿئي. کنڊ اڳ ۾ برآمد ۽ پوءِ برآمد ڪري ڪير اربين رپيا نفعو ڪمائي رهيو آهي. پاڪستاني عوام جو ڄرن جيان رت ڪير چوسي رهيو آهي؟ عوام کي انهن مافيائن جي مالڪن جي چهرن ۽ نالن کي سڃاڻڻ گهرجي، جيڪي هڪڙي پاسي ايڏو منافعو ڪمائي رهيا آهن ته ٻئي پاسي حڪمران پارٽين ۾ شامل ٿي باعزت بڻجي اسان جا رهنما ٿي ويٺا آهن. اهي سڀ اسان سڀني جا هيروز سمجهيا وڃن ٿا ۽ انهن جون تعريفون اسان ائين ڪندا آهيون ڄڻ ته اهي زميني نه بلڪه خلائي مخلوق هجن.