ايڊيٽوريلنئون

سنڌ جي معدنيات تي نه، پر لوڪ ورثي تي سرمائيدارن جي نظر

سنڌ جي باضمير ۽ ذميدار وڪيلن هڪ احتجاج ڪري ڪارونجهر جبل جي حفاظت لاءِ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. پاڪستان ۾ سنڌ اهو واحد صوبو آهي جتي عوام پنهنجي قدرتي وسيلن کي صرف مالي فائدن جي نظر سان نه، بلڪه اٿاهه جذبن جي گهرائيءَ سان ڏسي ٿو. جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ عوام جي وابستگي سنڌو درياءَ سان لاڳاپيل آهي ان معاملي تي عوام تمام گهڻو حساس ۽ جذباتي آهي ۽ ان جا جذبا هميشه مثبت رهيا آهن، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته وفاق سنڌ جي عوام جي جذبن جو خيال رکڻ بجاءِ صرف مالي فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ آئين، قانون، ثقافت سڀني کي نظر انداز ڪرڻ جي هوڏ ٻڌي بيهي ٿو.

ڪارونجهر جبل سنڌ جي عوام لاءِ صرف هڪ جبل ناهي، بلڪه سنڌ جي عوام جي ان سان گهري، جذباتي، ثقافتي ۽ ماحولياتي ورثي جي حيثيت سان وابستگي رکي ٿو. ڇو ته هن جبل سان نه صرف ٿر جي بلڪه سڄي سنڌ جي عوام جا جذباتي احساس ڳنڍيل آهن ۽ عوام هن جبل کي سنڌ جي سڃاڻپ سمجهي ٿو. جڏهن ته حڪومت ان جبل کي هڪ قيمتي پٿر جو سلسلو سمجهي ٿي ۽ ان مان ان قيمتي پٿر کي ڪڍي عمارتن ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ سرمائيدار جي هٿان وڪڻڻ چاهي ٿي ۽ ماڻهو ان قسم جي کوٽائيءَ کي سنڌ جي دل تي حملو يا فطرت جو قتل عام سمجهن ٿا. عوام جو هن سائيٽ سان جذباتي لاڳاپو ان ڪري به آهي ته اهو ماحوليات جو هڪ تمام گهڻو اهم حصو آهي. ڪارونجهر کي ٿر جي زندگيءَ جو ذريعو سمجهيو وڃي ٿو. ڇو ته هي جبل ٿر جي ريگستان کي پاڻي ڏيندڙ ۽ ٻين قدرتي تلائن جو ذريعو آهي هن جبل جي ڪري مختلف قسمن جي حياتي هن اندر پلجي ٿي، جنهن ۾ مور، هرڻ ۽ ٻيو انيڪ جيوت شامل آهي. سنڌ جو عوام مختلف وقتن تي پنهنجي ثقافت، ٻولي، ڌرتي ۽ وسيلن جي بچاءُ لاءِ گڏيل عوامي تحريڪون هلائي ان ڳالهه جو ثبوت ڏيندو رهيو آهي ته سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي ثقافت ۽ قدرت جي عطا ڪيل ايڪو سسٽم سان ڪيترو پيار ڪري ٿو.

ڪارونجهر جبل کي (سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ) طرفان محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جي فيصلي کي سنڌ سرڪار چئلينج ڪيو هو. اهو معاملو هن وقت سپريم ڪورٽ بدران وفاقي آئيني عدالت ۾ موڪليو ويو آهي ۽ سنڌ حڪومت ان ڪيس جي پيروي ڪرڻ کان في الحال انڪار ڪيو آهي. جڏهن ته آئيني عدالت ان ڪيس جي ٻڌڻي کي نامعلوم مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اڃان تائين برقرار آهي، جنهن مطابق ڪارونجهر هڪ محفوظ ثقافتي ورثو آهي ۽ ان مان کوٽائي ڪري پٿر نٿو ڪڍي سگهجي. ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ معدنيات بابت آئين ۾ تمام بنيادي ۽ اهم تبديليون آڻي صوبن جي خود مختياري کي وڌايو ويو. آرٽيڪل 172 ۾ هڪ نئين شق شامل ڪئي وئي. جنهن مطابق ڪنهن به علائقي ۾ دريافت ٿيندڙ تيل ۽ گئس سميت سمورن معدني وسيلن جي ملڪيت (ملڪي حدن اندر ۽ سامونڊي حدن ۾) وفاق ۽ ان سان لاڳاپيل صوبي جي گڏيل هوندي، جيڪو وسيلن جو صوبن تي قانوني ۽ مالي حق تسليم ڪيو ويو. اهو ئي سبب آهي جو موجوده حڪومت ارڙهين ترميم کي مختلف طريقن سان ڌڪ هڻندي غير موثر ۽ ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي.

پاڪستان هڪ وفاق آهي ۽ وفاق ۾ موجود سڀني صوبن جي اهميت آئين مطابق مڃيل آهي، ان جي اندر تبديليون ڪرڻ ۽ بنيادي حقن کي مالي مفادن جي ڪري تبديل ڪرڻ يقينن عوام جي جذبن کي تڪليف پهچائڻ آهي. اها ڳالهه وفاق کي مضبوط ڪرڻ بجاءِ ڪمزور ڪري ٿي. ڇو ته وفاق جي ترجيحن ۾ صرف اقتصادي ترقي، توانائي ۽ وڏا منصوبا شامل هوندا آهن. ڪارونجهر جو تحفظ، ماحولياتي تحفظ جو معاملو آهي جنهن ۾ وفاق کي انتهائي سوچ ۽ ويچار سان قدم کڻڻ گهرجي. هن وقت سائنس ايتري ترقي ڪري چڪي آهي جو تعميراتي مٽيريل مصنوعي طريقي سان به ٺاهي استعمال ڪري سگهجي ٿو. قدرت جي عطا ڪيل ان ماحولياتي ايڪو سسٽم کي صرف ان ننڍڙي مقصد جي ڪري يا ان جي پٿر کي تعميرات جي استعمال لاءِ اتان کوٽي ڪڍڻ پنهنجي ايندڙ نسلن کي ڌرتيءَ تي غير محفوظ ڪرڻ آهي. وفاق کي گهرجي ته ان کي اڃان وڌيڪ ماحولياتي تحفظ فراهم ڪري، ڪارونجهر تي ڪو سياحتي پروجيڪٽ اڏي ته جيئن سڄي ملڪ مان ماڻهو هن خوبصورت سائيٽ تي اچي قدرت جي خوبصورتي کان لطف اندوز ٿي سگهن، جتان حڪومت ڪمائي به سگهي ٿي ۽ ٿر جي ماڻهن جي غربت به دور ٿي سگهي ٿي ۽ قدرت جو ڏنل ماحولياتي نظام به برقرار رهي سگهي ٿو.