گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي فنڊ قائم ڇا اهو ماحولياتي انصاف جي طرف پهريون قدم آهي؟
مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي واري ڪانفرنس ’سي او پي 27‘ ۾ تاريخي معاهدو اتفاق راءِ سان ٿيو، جنهن کي پاڪستان جهڙن ترقي پذير ملڪن جي سفارتي فتح قرار ڏنو پيو وڃي. پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ترقي پذير ملڪن ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصانن ۽ تباهي جي ازالي لاءِ COP27 پاران فنڊ قائم ڪرڻ جي آجيان ڪندي ان کي ماحولياتي انصاف جي طرف پهريون قدم قرار ڏنو آهي. پاڪستان جي موسمياتي تبديلي واري وزير سينيٽر شيري رحمان هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته هوءَ فنڊ جي فعال ٿيڻ جي منتظر آهي ته جيئن هڪ اهڙو اثرائتو ادارو بڻجي سگهي جيڪو قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ وارن ڪمزور ملڪن جي مدد ڪري سگهي. شيري رحمان فنڊ کي موسمياتي تبديلين جي دٻاءُ هيٺ زندهه رهڻ جي جدوجهد ڪندڙ آبادي لاءِ اميد جو هڪ ڪرڻو قرار ڏنو ۽ ان سان ڪوپ 27 جي عمل جي ساک ۾ به اضافو ٿيو آهي.