تعليم ۾ “معيار” کي ڪا ھڪ وصف ڏيڻ ڏکيو ڪم آھي. عالمي تعليمي تحقيق ۾ معيار کي ڪنهن هڪ ماپ يا نتيجي تائين محدود نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته اهو هڪ گهڻ رخو، متحرڪ ۽ حالتن سان لاڳاپيل تصور آهي، جيڪو سماجي قدرن، معاشي حقيقتن، ثقافتي پسمنظر ۽ سياسي ترجيحن سان گڏ بدلجندو رهي ٿو. محقق شِنڊلر ۽ سندس ساٿين موجب، تعليم ۾ معيار جي ڪا هڪ حتمي وصف ان ڪري ممڪن ناهي. ڇاڪاڻ جو تعليم پاڻ وقت، سماج ۽ انساني ضرورتن سان گڏ ارتقا پذير رهي ٿي.
عالمي فريم ورڪن/گهاڙيٽن ۾ هڪ ڳالهه واضح نظر اچي ٿي: تعليم جو معيار رڳو امتحاني نتيجن يا داخلا واري انگن تائين محدود ناهي. معياري تعليم اُن نظام جو نالو آهي، جتي صحتمند شاگردن کي خاندان ۽ سماج جي حمايت حاصل هجي، سکيا جا ماحول محفوظ ۽ شموليت وارا هجن، نصاب زندگيءَ جي بنيادي ۽ عملي مهارتن سان جڙيل هجي، تدريس ٻار کي مرڪزي حيثيت ۽ تعليم جا نتيجا فرد کي سماج جو سرگرم ۽ ذميوار حصو بڻائين.
سنڌ جهڙي صوبي لاءِ، جتي غربت، موسمي تبديلي، ٻوڏون، صنفي نابرابري ۽ ڪمزور طرزِ حڪمراني گڏيل حقيقتون آهن، تعليم جو معيار ڪو فني بحث نه، پر زندگيءَ جي معيار سان سڌي طرح لاڳاپيل سوال آهي. هتي اصل سوال اهو ناهي ته اسڪول موجود آهن يا نه، پر اهو آهي ته ڇا تعليم واقعي ماڻهن جي زندگي بدلائي رهي آهي يا نه.
تعليم جي تسلسل ۾ معيار کي سمجهڻ: تحقيقون تعليم جي معيار کي مختلف، پر پاڻ ۾ ڳنڍيل پاسن ۾ ورهائين ٿيون. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم بابت جامع جائزي موجب، معيار جا پنج بنيادي پاسا آهن: سکيا جو ماحول، سکيا جو مواد، تعليمي عمل، شاگردن جي شموليت ۽ نتيجا ۽ استادن جي صلاحيت. تحقيق ڏيکاري ٿي ته نفسياتي تحفظ، شاگرد کي مرڪز بڻائي گهاڙيل تدريسي عمل ۽ موثر نگراني اڪثر وڏي اڏاوتن ۽ عمارتن کان به وڌيڪ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
اعليٰ تعليم بابت اڀياس به اهڙي ئي پيچيدگي ظاهر ڪن ٿا. هاروي ۽ گرين تعليم جي معيار کي پنج پاسن مطابق ڏسن ٿا: فضيلت، تسلسل، مقصد سان مطابقت، وسيلن جو موثر استعمال ۽ تبديلي آڻڻ جي صلاحيت. انهن مان “تبديلي” وارو تصور سنڌ جهڙن سماجن لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، جتي تعليم اڪثر ماڻهن لاءِ غربت مان نڪرڻ جو واحد ذريعو هوندي آهي.
تازيون تحقيقون اهو به ٻڌائين ٿيون ته تعليم ۾ معيار رڳو علم تائين محدود ناهي، پر رسائي/پھچ، انتظامي سهولت، وقت سر خدمتون ۽ سکيا جي مڪمل سهولتن سان پڻ جڙيل آهي. سنڌ جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾، اهي عنصر اڪثر نظرانداز ٿين ٿا، جنهن سبب داخلا هوندي به سکيا جو عمل ڪمزور آھي.
سنڌ ۾ تعليم جي معيار جي موجوده حالت: سنڌ جو تعليمي نظام، جيڪو اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي ذميواري هيٺ آهي، ڦھلاءُ ۽ معيار جي وچ ۾ هڪ گهري خال کي ظاهر ڪري ٿو. بجيٽ وڌڻ جي باوجود، نتيجا تقريبن سڀني پاسن کان مايوس ڪندڙ آهن. پاڪستان اڪنامڪ سروي 2024-25 موجب، سنڌ جي خواندگي جي شرح/لٽريسي ريٽ لڳ ڀڳ 57.5 سيڪڙو آهي، جيڪو پنجاب کان گهٽ آهي. داخلا جا انگ اکر حقيقت لڪائين ٿا: پنجن کان سورهن ورهين جا 44 سيڪڙو ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. غربت، ٻارن کان مزدوري ڪرائڻ، صنفي رڪاوٽون، ڪمزور مقامي قيادت ۽ بار بار ايندڙ موسمي آفتون هن صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائين ٿيون، خاص طور تي ڳوٺاڻين ڇوڪرين لاءِ ڏينهون ڏينهن رستا بند ٿيا آھن. استادن جي ميرٽ تي ڀرتي، اڏاوتي ڪم، يونيورسٽين جو ڦھلاءُ سنڌ ۾ خوش آئند ڪم آھن جن جي تعريف پڻ ضروري آھي، پر مجموعي انگ اکر آٿت واري سطح کان پري آھن.
ڇا علم ۽ سکيا لاءِ حالتون ۽ ماحول بھتر ٿيا آھن؟ ان تي گھڻي سوچ ۽ ويچار ڪرڻ جي ضرورت آھي. 2022 کانپوءِ ايندڙ ٻوڏن هزارين اسڪولن کي نقصان پهچايو، ڪيترائي اسڪول پاڻي، صفائي، بجلي ۽ چار ديواريءَ کان محروم ٿي ويا يا اَڳ ئي محروم ھئا. اڏاوتي ۽ ضروري سامان واري کوٽ سان گڏ نفسياتي مدد جي پڻ کوٽ آھي. آفتن مان گذرندڙ ٻار ۽ تعليمي حالتن جي نفسياتي پھلوئن تي ڪڏھن غور ئي نه ڪيو ويو آھي، ٻولين ۽ خانگي اسڪولن ۾ نصاب جي فرقن پڻ ٻيا عملي ۽ نفسياتي مونجھارا پيدا ڪيا آھن.
نصاب ۽ تدريس به معيار کي ڪمزور ڪن ٿا. اڄ به سکيا گهڻي ڀاڱي رٽي تي ٻڌل آهي، جتي تنقيدي سوچ، مسئلا حل ڪرڻ يا زندگيءَ سان لاڳاپيل مهارتن، جهڙوڪ: موسمي خطري سان هم آهنگي جھڙن پاسن تي گهٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو. امتحان يادگيري کي پرکين ٿا، سمجهه کي نه! نگراني ۽ استادن جي مدد ۽ سکيا جا نظام ڪاغذن تائين محدود آهن، جڏهن ته غيرحاضري، سياسي مداخلت ۽ ميرٽ کي برپا ڪرڻ جي کوٽ عام آهي.
نتيجي طور، شاگردن جي شموليت گهٽ ۽ سکيا جا نتيجا ڪمزور آهن. سروي جا نتيجا بار بار ڏيکاري چڪا آهن ته پرائمري مڪمل ڪندڙ ٻار به بنيادي لکپڙهه ۽ حساب ۾ پوئتي آهن. استاد پاڻ به مسلسل پيشه وراڻي تربيت ۽ رهنمائي کان وانجهيل آهن، جنهن سبب گھٽ اتساھ ۽ پوئتي پيل ڪارڪردگيءَ جو ڦيرو جاري رهي ٿو.
2025-26 ۾ تعليم لاءِ 613 ارب رپين کان وڌيڪ بجيٽ هجڻ باوجود، سنڌ تعليم تي جي ڊي پي جو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ خرچ ڪري ٿي، جيڪو عالمي سفارش کان گهڻو گهٽ آهي. ڪمزور طرزِ حڪمراني، اشرافي اثر ۽ عالمي مدد ڪندڙ ۽ قرض ڏيندڙ ادارن سان غير موثر هم آهنگي، سڌارن کي وڌيڪ ڏکيو بڻائين ٿا.
سنڌ لاءِ معياري تعليم جو مطلب ڇا هئڻ گهرجي؟: سنڌ لاءِ تعليم جو معيار عالمي ماڊلن جي سڌي سنئين ڪاپي ڪرڻ سان نٿو ٿي سگهي؛ ان کي مقامي حالتن سان سلھاڙڻ ۽ ضرورت مطابق هجڻ گھرجي. ان کي لچڪ/ ريزيلينس تي ٻڌل هجڻ گهرجي؛ يعني حالتن جي هيٺانهين مٿانهين جي باوجود علم ۽ ڄاڻ جو ڪارج جاري رھي. معياري تعليم جو مطلب آهي ته محفوظ، ٻوڏ ۽ موسمي خطري کان بچاءُ وارا اسڪول، جيڪي ٻارن کي جسماني ۽ نفسياتي حفاظت فراهم ڪن.
نصاب کي سنڌ جي حقيقتن سان ڳنڍڻ لازمي آهي: زراعت، شهري غير رسمي معيشت، پاڻيءَ جي کوٽ، موسمي تبديلي ۽ ڊجيٽل تبديليون. اھم ڳالھ ته اسان کي پوري تعليمي عمل جو محرڪ ۽ مرڪز شاگرد کي بڻائڻو پوندو. تعليم بابت تجزيا ۽ تحقيقون مسئلن کي سمجھڻ ۽ سکيا کي بهتر بڻائڻ لاءِ استعمال ٿين، رڳو انگن اکرن جي چڪر ۾ نه ھجن (ته ڪيترا ٻار پڙھن پيا)! استادن کي صرف نوڪري ڪندڙ نه، پر پيشه ور اڳواڻ سمجهيو وڃي، جن وٽ مقامي ڄاڻ، جذباتي فهم ۽ خود احتسابي جهڙيون مهارتون هجن. خاص طور تي ڇوڪرين ۽ پٺتي پيل ٻارن لاءِ تعليم کي باوقار، لاڳاپيل ۽ بااختيار بڻائڻ لازمي آهي.
اعليٰ تعليم ۾، معيار جو مطلب رسائي/پھچ، انتظامي سهولت ۽ مڪمل علمي تجربو هجڻ گهرجي، جيئن داخلائن کي حقيقي سکيا، روزگار ۽ عام انسان جي شعور ۾ تبديل ڪري سگھجي.
مسئلن جي ڄاڻ کان سڌارن ڏانهن: سنڌ کي تعليم ۾ سيڙپ وڌائڻ گهرجي، پر عمارتن کان وڌيڪ استادن، نصاب، ۽ نگرانيءَ جي نظامن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اسان رڳو ٺيڪيداري ڪم ۾ دلچسپي رکون ٿا! پراجيڪٽ، ٺيڪا ۽ ڏي وٺ! اسان کي انھيءَ سوچ کان ٻاھر نڪري ٻارن لاءِ متبادل سکيا جا رستا، صنفي حساس پروگرام ۽ موسمي خطري کان محفوظ ۽ فعال اسڪولن ۽ ادارن جي ضرورت آھي.
ساڳئي وقت، حڪمرانيءَ جي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ، پاليسين کي اشرافي/ وڏن ماڻھن جي اثرن کان آزاد ڪرڻ ۽ علمي ترقي جي عالمي ۽ مقامي ڀائيوارن/ڊولپمينٽ پارٽنرز سان موثر هم آهنگي بنا ڪنهن دير جي ضروري آهي.
سنڌ ۾ اھو سڀ ڪجھ ڪرڻ لاءِ انتظامي شعور، ماھر، اتساھ، صلاحيت ۽ استاد/منتظم موجود آھن، بس نوڪر شاھي ۽ حڪمراني تي سياسي ۽ سماجي دٻاءُ وجھڻ جي ضرورت آھي.
تعليمي معيار هڪ اخلاقي ۽ سماجي ذميواري آھي: تعليم جو معيار ڪو نظرياتي بحث نه، پر اهو فيصلو آهي ته سماج پنهنجي ايندڙ نسل کي ڪيتري عزت، خود مختياري، اتساھ ۽ اميد ڏئي ٿو. معيار گڏيل ڳالهه ٻولهه سان جنم وٺي ٿو، پر ان لاءِ سياسي عزم ۽ عملي ترجيح اوس آھي. ادارتي ٿوري ئي کڻي، پر متواتر بھتري ٻڌائيندي ته واقعي حڪومت جي ترجيح معيار آھي.
رابرٽ پيرسگ چيو هو ته معيار “بهتريءَ جو اهو احساس” آهي، جيڪو اسين سمجهي ته وٺون ٿا، پر لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. سنڌ لاءِ معياري تعليم اها بهتري هجڻ گهرجي جيڪا محفوظ اسڪولن، جاڳرتا رکندڙ شاگردن، بااعتماد استادن ۽ هڪ اهڙي نسل ۾ نظر اچي، جيڪو وڌيڪ لچڪدار ۽ انصاف ڀري پائيدار مستقبل جوڙڻ جي سگهه رکي.
(هي مضمون تعليم جي معيار بابت بين الاقوامي تحقيقين جي روشني ۾ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ خاص طور تي Schindler et al. (2015)، Harvey ۽ Green (1993)، UNICEF (2000)، Papanthymou ۽ Darra (2023)، Clemons ۽ Jance (2024)، ۽ Bowers et al. (2018) جهڙن محققن ۽ ادارن جي فڪري ۽ تحقيقي ڪم مان استفادو ڪيو ويو آهي).