نئون

گورنر هائوس عوام لاءِ کلي ويو

سنڌ جي تاريخي بلڊنگ گورنر هائوس کي وزيراعظم عمران خان جي حڪم تي عوام لاءِ کوليو ويو آهي، جنهن جي شروعات اڄ جمعي ڏينهن 7 سيپٽمبر کان ٿيندي. سڄي ملڪ مان گورنر هائوس گهمڻ لاءِ ايندڙن لاءِ صبح 6 وڳي کان 10 وڳي تائين جو وقت رکيو ويو آهي. جڏهن ته آچر جي ڏينهن ساڍي 4 وڳي کان ساڍي 6 وڳي تائين کليل رهندو. شروعاتي طور تي صرف فيمليز ئي گورنر هائوس گهمي سگهنديون جنهن بعد گروپ جي صورت ۾ مرد به اجازت وٺي اچي سگهندا. گورنر هائوس جي نمائندي پاران ميڊيا کي ٻڌايو ويو ته گورنر هائوس قومي ملڪيت آهي جنهن جي حفاظت سڀني جي ذميواري آهي. ٻئي طرف سيڪيورٽي لاءِ گورنر هائوس ۾ سي سي ٽي وي ڪئمرا هنيا ويا آهن ۽ گورنر هائوس ۾ ڪنهن به قسم جي نقصان کي جرم سمجهيو ويندو. ساڳي طرح هائوس ڏسڻ لاءِ آيلن مان ڪوبه شخص پنهنجي شناخت ڪرائڻ جو پابند هوندو. گورنر هائوس جي تاريخ مطابق ان کي ان جاءِ تي 1843ع ۾ سر چارلس نيپيئر ٺهرايو هو، جنهن بعد موجوده هائوس RT Russel نالي آرڪيٽيڪٽ پاران جڙي راس  ٿيو جنهن جي اڏاوت 1936ع ۾ شروع ٿي ۽ 1939 ۾ اهو جڙي راس ٿيو. سندس اڏاوت تي 70000 جو خرچ آيو هو جنهن بعد اهو ملڪ جي گورنر جنرل جي رهائشگاهه طور استعمال ٿيندو رهيو.