اهو ڏکيو آهي ته آتم ڪٿا لکجي ۽ انهيءَ ۾ ڏيکاءُ يا وڌاءُ جو شڪار ٿجي ۽ اهو سوچي لکجي ته ماڻهن کي ڪهڙي ڳالهه وڻندي ۽ ڪهڙي ڪا نه وڻندي يا وري اهڙن ڪردارن جي حقيقتن کي لڪائي ڇڏجي جن جي محبتن مون کي روحاني سک ڏنو آهي، جو لکڻ وقت اهو سوچجي ته جڏهن هُو پڙهندا ته ڇا سوچيندا ته امير وٽ منهنجي باري ۾ هي خيالات آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو مان پنهنجي جذبات کي علامتي طور تي ڊائريءَ جي صورت ۾ 2001 کان شروع ڪيو هو، پر ڊائري لکندي لکندي سماجي ڪم جي طرف لاڙو وڌي ويو ۽ لکڻ جي طرف ڌيان گهٽجڻ لڳو، پر ڪجهه مهينن کان منهنجي شخصيت ۾ ڪن اهڙن واقعن جي ڪري ڪجهه اهڙا نفسياتي انڪشاف ٿي رهيا آهن، جن جو تعلق منهنجي ٻالڪپڻ سان آهي جو ڪجهه واقعن کي جڏهن آئون پنهنجي ٻالڪپڻ سان ملايان ٿو ته عجيب احساس اڀرن ٿا. تنهنڪري اهو سوچيو آهي ته آتم ڪٿا لکجي ۽ ضرور لکجي. ڇو ته زندگيءَ جو ڪو ڀروسو ڪونهي، اڇا وار اڳيئي نشان ڏين پيا، پاڻ کي گهڻو ٿو سمجهائجي ته اندران آئون جوان آهيان، پر جڏهن هڏن، تنتن ۽ اکين جي نظر موٽ کائڻ شروع ڪري ٿي ته عمر جي حقيقت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي ۽ عمر جي آخري ٻن ڏهاڪن جو انديشو ٿيڻ لڳي ٿو.
مان 1965 واري جنگ جي دوران هالا شهر ۾ پيدا ٿيو هئس ۽ ان وقت شهر ۾ ڪرفيو لڳل هو. منهنجي پيدائش وقت رات جا ٽي ٿيا هئا ۽ لائٽ بند هئي. ڏيئي جي روشنيءَ تي منهنجي ماءُ مون کي اسان جي خانداني دائي ناني امليءَ جي مدد سان جنم ڏنو. ڊسمبر جو مهينو هو ۽ امان کي ان وقت جي حالتن مطابق مون کي جنم ڏيڻو پيو جو نه ئي اسان جا حالات اهڙا هئا جو منهنجو پيءُ امان کي حيدرآباد جي ڪنهن اسپتال ۾ داخل ڪرائي ۽ نه ئي وري شهر ۾ ڪنهن ڪلينڪ تي وڃي سگهيا ٿي، جو شهر ۾ ڪرفيو لڳل هو.
ٻالڪپڻي جا اهي سال جيڪي منهنجي يادن تي چٽا آهن، انهن جو ته ذڪر ڪري سگهجي ٿو، پر اهي سال جن جي باري ۾ منهنجي مائٽن مون کي ٻڌايو آهي، انهن جي باري ۾ آئون صرف انهن جا ئي خيال پيش ڪري سگهان ٿو جيڪي انهن جي مشاهدي تي مبني هوندا.
آئون هن وقت لنڊن ۾ رهان ٿو، پنهنجي جنم جي جڳهه کان ڪافي دور ۽ پنهنجي خاندان سان ايترو لاڳاپيل ناهيان جيترو گهڻا ماڻهو مسلسل رابطي ۾ رهندا آهن. خاص طور تي اسان جي خاندان جا ماڻهو جيڪي گهڻو ڪري پنهنجي ڪٽنبن سان گهڻو ويجهو آهن، آئون ويجهو هجڻ جي باوجود پنهنجي خوابن جي دنيا ۾ رهڻ وارو ماڻهو آهيان ۽ اڪثر مسقبل جي منصوبابندي ۾ مشغول رهندو آهيان.
منهنجي زندگيءَ جا ڪيئي سال جيستائين اهو احساس نه ٿيو ته عورت سان محبت جو هڪ مسلسل رابطو انسان جي احساساتي ۽ صحت جي لحاظ کان بهتر آهي، تيستائين عورتن سان محبتن ۾ گذريا آهن. انهيءَ ڪري ٻالڪپڻ ۾ به گهڻو ڪري پنهنجي عمر جي ڇوڪرين سان مڪمل طور تي گم ٿي وڃڻ ۾ گذريا. جنهن به ڇوڪريءَ سان محبت ۾ مبتلا ٿيس ته انهيءَ جي ياد ۾ ساري رات پينگهي ۾ ويهي اردو فلمن جا گانا ڳائيندو هئس، جيئن اسان جي خاندان جي هڪ ڇوڪري فوزيه مون کي تمام گهڻي وڻندي هئي ۽ انهيءَ جي کليل وارن کي ڏسي مون هڪ غزل لکي هئي جنهن جا ٻيا بيت ته مون کي ياد ناهن، پر هڪڙو بيت ياد آهي؛
منهنجي پريت اٽڪي آ
تنهنجي کليل وارن ۾
اسان جي خاندان ۾ مشهور ٿي ويندو هو ته ڪهڙي ڇوڪري ڪنهن کي وڻي ٿي سو سڀني کي خبر هوندي هئي ته مون کي فوزيه وڻي ٿي ۽ اهو پڻ هر ڪو سمجهندو آهي ته آئون ان جي باري ۾ تمام گهڻو جذباتي آهيان. اها فوزيه کي به خبر هئي، پر انهيءَ کي ڪو ٻيو ڇوڪرو وڻندو هو، جو آئون کانئس عمر ۾ ننڍو هئس. مون کي ياد پوي ٿو هڪڙي رات هوءَ مون کي گهٽيءَ ۾ ملي ته آئون کيس ڏسي اتاولو ٿي ويس ۽ چيومانس ڇا تون مون سان محبت ڪرين ٿي؟ تنهن تي هن چيو ته ڪڏهن به نه.
اها رات منهنجي لاءِ قيامت جي رات هئي ۽ آئون ڪافي وقت ته هنڌ ۾ منهن لڪائي روئندو رهيس ۽ پوءِ وري گهر جي پينگهي ۾ ويهي وحيد مراد جو مهدي حسن جو ڳايل هي غزل ڳائيندو رهيس؛
چپڪي چپڪي رات دن آنسو بهانا ياد هي.
فوزيه جي سونهن مون کي ڪجهه سالن لاءِ متاثر ڪيو، پر جڏهن ڳالهه ڌنڌلي ٿي ته پوءِ آئون هاءِ اسڪول ۾ اچي ويو هئس. آئون شروع کان ئي تقريرن جو وڏو شوقين رهيو آهيان، اهوئي سبب آهي جو هن وقت به آئون جڏهن واڪ تي نڪرندو آهيان ته پنهنجي منهن تقرير ڪندو ويندو آهيان. ملڪن جو اڳواڻ ٿيڻ جي شعوري ڪوشش منهنجي نس نس ۾ شامل آهي. غير شعوري طور تي آئون هڪ نفسياتي مريض آهيان جو هميشه انهيءَ ڳالهه کان ئي هيسيل هوندو آهيان ته آئون جيڪو به عمل ڪندس، الائي اڳلي کي وڻندو به يا نه. ڇو ته اهو احساس دل ۾ هميشه رهي ٿو ته آئون هر جڳهه تي هڪ ناپسنديده شخص آهيان. جڏهن پيار ڪريان ٿو ته سامهون واري عورت کي نٿو وڻان، مائٽن جي ٻارن ۾ آئون انهن کي پسند ڪونه آهيان، ٻيا وڌيڪ پسند آهن، جڏهن نوڪري ڪريان ٿو ته ٻين ملازمن جي مقابلي ۾ آئون نٿو وڻان، پر ٻيا وڻن ٿا. حالانڪه اسڪول، ڪاليج يونيورسٽيءَ ۾ آئون اڳڀرو رهيس. اها سوچ اهڙن ماڻهن کي ايندي آهي جن سان ڪو نفسياتي مسئلو هوندو آهي. اها سوچ ڪاميابي جي راهه ۾ رڪاوٽ رهي ٿي، پر هن عمر ۾ اچي گورين جو سهارو حاصل ڪري ٿي، پر انهيءَ سوچ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ بس هڪ ئي رستو آهي ته پنهنجي جذبات جو کليءَ طرح سان اظهار ڪجي. منهنجي اظهار جو بهترين ذريعو لکڻ آهي جنهن ۾ ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن کان به متاثر ٿيڻ بدران جيڪڏهن لکي ٿو ته پوءِ سندس هانءُ هلڪو ٿي وڃي ٿو. البته جڏهن ماڻهو پنهنجي احساسن جو اظهار ڪنهن دوست سان، پنهنجي جيون ساٿيءَ سان يا وري ڪنهن تقرير جي ذريعي ڪري ٿو ته پوءِ سندن چهرن جا تاثر ڏسي خيالن کي ايڊٽ ڪري ٿو.
هاءِ اسڪول جي پـڙهائي دوران منهنجا الائي ڇو پهريان نمبر ايندا هئا جو تاريخ، ٻولي ۽ حسابن جا سبق مون کي ائين ياد رهجي ويندا هئا جيئن شاهه لطيف جا شعر پڻ پهريون ڀيرو پڙهڻ سان دل تي لکجي ويا هئا. ياد پوي ٿو هاءِ اسڪول جي زندگيءَ ۾ ٻه شخصيتون منهنجي ذهن تي حاوي رهيون. هڪ منهنجو پيارو دوست شاهنواز سومرو جنهن کان متاثر ٿي مون پنهنجي زندگيءَ جا ڪيئي رخ تبديل ڪيا. ٻيو ڏهين درجي ۾ پڙهندڙ حسين عورت ليليٰ جنهن مون سان تقريرن جي مقابلي ۾ هڪ جيتريون مارڪون کنيون ۽ اسان ٻنهي کي هڪ جهڙو انعام مليو. مون کي ياد آهي ته ڪيئي سال آئون سندس چهرو ڏسي سڪون حاصل ڪندو هئس. خاص طور تي اسيمبليءَ کانپوءِ جڏهن ڪلاسن ۾ ويندا هئاسين ته هوءَ پڻ ورانڊي مان لنگهندي هئي ۽ کيس ڏسي دل کي راحت ملندي هئي. رات جو ننڊ ڪرڻ کان پهرين به اهو چهرو ياد ڪري سمهندو هئس. ياد رهي ته پوري عمر يا ته آئون ڪنهن عورت کي ياد ڪري سمهندو آهيان يا وري ڪنهن عورت کي ڀاڪر پائي سمهندو آهيان، ان کانسواءِ مون کي ننڊ ڪانه ايندي آهي.
مُومَلَ کي مَجازَ جا اَکِين ۾ الماسَ
نه ڪا عامَ نه خاصَ، جي وِئا سي وَڍِئا. (شاهه لطيف)
هاءِ اسڪول ۾ ڪرڪيٽ ۾ آئون اوپنر بئٽسمين هئس، شوق سان کيڏندا هئاسين. بئڊمنٽن ۾ به ٽورنامينٽ ۾ چئمپين ٿيو هئس. حالانڪه شاهنواز سومرو ۽ منظور ميمڻ پڻ شهر جا وڏا رانديگر هئا، پر مون کي اسٽيمنا ۾ هو ماري نه سگهندا هئا. بس صرف جذبات تي ڪير جڏهن حملو ڪندو آهي ته پوءِ آئون راند گهٽ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ سان نفرت کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو آهيان. پنهنجي انهيءَ طبيعت جي ڪري مون ڪيتريون ئي جنگيون هارايون آهن، پر ڪي ڪي هارون جيت جي برابر هونديون آهن. ڇو ته هر حاصلات انسان جي لاءِ بهتر ڪانه هوندي آهي. جڏهن ته حضرت علي عه پنهنجي هڪ دعا ۾ چيو آهي ته؛
”يا الله! تنهنجي مهرباني انهن دعائن جي جيڪي تو قبول ڪيون، ۽ تنهنجي ان کان به وڌيڪ مهرباني انهن دعائن کي قبول نه ڪرڻ جي جيڪي تو منهنجي لاءِ بهتر نه سمجهيون.”
زندگيءَ جي ڪافي تجربن مان گذرڻ کانپوءِ مون کي اهوئي بهتر لڳي ٿو ته انسان جيڪڏهن روح جي معصوميت کي برقرار رکي سگهي ٿو ته هو انتهائي سهڻا لمحا گذاري ٿو جيڪي دولت جي انبار کان وڌيڪ سڪون ۽ تسڪين ڏين ٿا.
شاهنواز سومري مون کي ارادي جي پختگي سيکاري. هو هن وقت آمريڪا ۾ رهي ٿو ۽ ساڻس 20 سالن کانپوءِ ڊيٽرائيٽ ۾ سانا جي ڪانفرنس ۾ ملاقات ٿي. اسان روز شام جو 6 وڳي کانپوءِ هاءِ وي تي وڃي واڪ ڪندا هئاسين يا وري گلشن هوٽل جي پويان تاج ڪشميريءَ جي جاءِ تي وڃي ڪچهري ڪندا هئاسين. سندس ڀاءُ صائم پڻ بهترين دوست آهي، جنهن سان شاعريءَ جا نوان رستا سکياسين. اهي ٻئي دوست زندگيءَ ۾ ائين شامل رهيا جو لڳندو رهيو ته سندن ئي گهر ۾ رهان ٿو. سندن ڳالهيون هن وقت تائين اتساهه جو سبب آهن، پر زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو وقت اچي ٿو جڏهن انسان ڪنهن کان متاثر ٿيڻ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ انسان کي اهوئي لڳي ٿو ته اهو خيال ڪٿان ورتل لڳي ٿو، پر منهنجي شخصيت کي ڇهي ڪونه ٿو. پنهنجي ماحول کان حاصل ڪري جيڪو به روح ۾ جڙي وڃي ٿو، اهو هڪڙو سلامتيءَ جو سهارو بڻجي ٿو جنهن جي ڪري شخص، جڳهه، رشتا ۽ دولت جو هجڻ هڪڙا اهڙا عنصر آهن جيڪي انسان پنهنجي سهاري لاءِ رکيا آهن، پر روحاني حقيقتون انهن جزن کان الڳ آهن.
مون کي پنهنجي زندگي پنجين درجي کان ياد پئي ٿي جڏهن آئون ڪلاس سان گڏ ٽيوشن به پڙهندو هئس ته جيئن پنجين درجي جي اسڪالرشپ حاصل ڪري سگهجي. مون پهرين چئن ڪلاسن ۾ پهريون نمبر کنيو هو ۽ اسڪالر لاءِ اسان جي هڪ مائٽ سائين خليل وٽ ٽيوشن پڙهندو هئس. ان جو گهر اسان جي گهٽيءَ جي پويان ئي هو ۽ شام جو آئون سندس گهر ويندو هئس. سائين خليل پڙهائڻ جو اهڙو سگهارو ڪونه هو ۽ شهر ۾ ٽيوشن پڙهائڻ لاءِ سائين گاما مشهور هو، پر هُو جنهن جڳهه تي ٽيوشن ڏيندو هو، اتي منهنجي بابا کي خطرو هو ته مون سان استاد ڪا حرڪت ڪندا ۽ هم جنسي ٿيڻ جو امڪان تمام گهڻو هو.