بلاگ

پروفائل  استاد بخاري

سليم چنا

اڳوڻو سفير

            سنڌ جو سدا ملوڪ عوامي، انقلابي ۽ قومي شاعريءَ جو نشانبر شاعر سيد احمد شاهه “استاد بخاري” ولد سيد حاجن شاهه بخاري، ڳوٺ غلام چانڊئي، ضلعي دادو ۾ سياري جي ٿڌي مُند ۾ تاريخ 16 جنوري 1930ع ۾ جنم ورتو. سندس والده جو نالو امراءُ بنت بهادر شاهه هو. هِن جا وڏا اُچ شريف مان هجرت ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. سائين احمد شاهه استاد بخاري ديني ۽ پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1944ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان ڦلجي مان پاس ڪيو ۽ 1947ع کان تعليم کاتي ۾ استاد ٿيو. 51-1950ع ۾ پاڻ ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج مٺياڻيءَ ۾ تعليمي تربيت لاءِ جڏهن آيو ته کيس علمي، ادبي ۽ تعليمي سرگرمين ۾ زور شور سان حصو وٺڻ جو موقعو مليو، پاڻ ان مان ڀرپور فائدو ورتائين. انهيءَ کانپوءِ علم جي شوق 63-62-1961ع ۾ سندس ساٿ ڏنو ۽ هُن جو ڀاڳ کُليو، انهن سالن دوران هن مئٽرڪ، انٽر ۽ بي. اي به ڪري ورتي. تعليم سان گڏ سندس چاهه ادب ڏانهن به وڌيو ته پاڻ اديب سنڌي، اديب عالم ۽ اديب فاضل جا امتحان به ڪاميابي ۽ خوش اسلوبي سان پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪري ورتائين، پر تعليم لاءِ اڃان وڌيڪ اتساهه پيدا ٿيس ته سال 65-1964ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي به ڪري ورتائين. جنهن کانپوءِ سال 1967ع ۾ لاڙڪاڻي ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، جتان پوءِ کيس گورنمينٽ ڪاليج سانگهڙ ۾ بدلي ڪيو ويو. اهڙي ريت سنڌ جي ٻين شهرن جي ڪاليجن ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندو دادو ڪاليج اچي پهتو، جتي سندس سائيڪل، شاعراڻه بي خودي ۽ شاعري کي شهرت ملي. راڳين خاص طور تي نوجوان منظور سخيراڻي کيس ڳائي کيس روشناس ڪرايو ۽ سندس شاعريءَ جو مان مٿانهون ڪيو. خاص طور تي شروعاتي سالن ۾ بخاريءَ جي هِن ڪلام جهنگ جهر، شهر شهر ۾ ڌوم مچائي ڇڏي.

محفل حَسين تنهنجي، تنهنجا حَسين ماڻا.

هت مير، پير آهن ناڻي بنا وڪاڻا.

            اهڙيءَ ريت دادو کي شاعري جو جادو ملي ويو. سچ ته “استاد” جي شاعريءَ جو جادو سنڌ سڄي ۾ جتي ڪٿي هلي ويو. استاد پنهنجن ڪلامن جون ڌنون راڳين کي پاڻ ٺاهي ڏيندو هو، جنهن مان ثابت ٿيو ته پاڻ موسيقي ۽ راڳ جو به وڏو ڄاڻو هو. استاد بخاري دادو ڪاليج مان ئي پروفيسر ٿي رٽائرڊ ٿيو، پر شاعري کان هو ڪڏهن به رٽائرڊ نه ٿيو. زندگيءَ جي آخري سالن ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جنگ جوٽيندي به هو حُسن، عشق، انقلاب ۽ ڌرتي لاءِ گيت لکندو رهيو ۽ پنهنجي شاعري ۾ نئون جوش، جنون، ولولو، سونهن سنگيت ۽ ساڃاهه آڻيندو رهيو. استاد بخاري شاعري جي باقاعده شروعات سال 1950ع کان دادو جي انجمن آفتاب ادب جي مشاعرن ۾ شريڪ ٿي شاعري پڙهڻ سان ڪئي. استاد پنهنجي شاعري خاص طور تي ڪافيون جهونگاري لکندو هو، پاڻ بزم طالب الموليٰ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ اچي پنهنجي شاعري جي طلسم انگيزي ڏيکاريندو هو. شروعاتي ڏينهن ۾ دادو جي مشهور شاعر حافظ احسن چنا ۽ حيدرآباد جي علمي، ادبي حلقي ۾ ڌاڪو ڄمائيندڙ عالم، شاعر ۽ اديب غلام محمد گرامي سندس شاعري جي ڪجهه اصلاح به ڪئي پر پوءِ موسيقي، راڳ، سُر آلاپ جي ڄاڻ هجڻ سبب استاد بخاري پاڻ ئي هڪ قادر الڪلام شاعر ٿي سامهون آيو. استاد شاعري جي هر صنف تي پنهنجي خوبصورت شاعري ڪئي آهي. کيس بيت، دوهي، ڪافي، وائي، گيت، غزل، نظم، قطعن، چوسٽن تي مڪمل عبور حاصل هو. کيس سنڌ جي هر اخبار ۽ رسالو فخر سان ڇاپيندو هو. استاد بخاري پهريون ڀيرو ڪينسر جي علاج لاءِ 1988ع ۾ ۽ ٻيو ڀيرو 1990ع ۾ لنڊن ويو. بُخاري سورنهن سالن جي عمر ۾ اچي دادو وسايو ۽ پوءِ آخر تائين ان سان نڀايو. جيئن ته سندس جنم اسلامي مهيني ربيع الاول ۾ ٿيو جنهن کي سنڌ ۾ عرس جو مهينو به چيو ويندو آهي، تنهنڪري ماءُ ڪجهه وقت کيس عُرسو، عُرسو ڪري سڏيندي هئي، جڏهن ته ڇٺيءَ جو نالو “پنهل شاهه” هئس، پر اسڪول ۾ داخل ٿيڻ واري ڏينهن سندس والد پتاشا (مٺائي) ورهائي کيس “احمد شاهه” جي نالي سان اسڪول ۾ داخل ڪرايو. وڏو ٿي شاعري لاءِ آسي، دردي تخلص به رکيائين پر پوءِ استاد تخلص هميشه لاءِ اختيار ڪيائين ۽ ڪڏهن ڪڏهن شاعري ۾ احمد شاهه به بڻجي ويندو هو. سنڌي فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ پيءُ کيس تپيداري جو آرڊر به وٺرائي ڏنو پر اها نوڪري ڪرڻ پسند نه ڪيائين ۽ استاد (ماستر) ٿيڻ کي پنهنجو فرض ۽ شوق سمجهيو. استاد بخاري طرحي مشاعرن يا قومي شاعرن ۾ ترنم سان شاعري پڙهڻ جو به مَلڪو رکندو هو.

            1970ع جي ڏهاڪي ۾ روزاني هلال پاڪستان ۾ سندس قطعا به روز ڇپجندا هئا، جن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو هو. بخاري پهنجن اٽڪل 112 گيتن جون ڌنون پاڻ ٺاهي رڪارڊ ڪرايون هيون. شاعري، موسيقي ۽ راڳ جي رنگ مچ محفلن ۾ سندس ننڍو ڀاءُ ۽ مشهور آرڪيالاجسٽ سائين حاڪم علي شاهه به اڪثر ساڻس گڏ هوندو هو جيڪو پڻ موسيقي ۽ راڳ جو ڄاڻو هو. استاد ڪڏهن مختصر ڊائري به لکي وٺندو هو، پر سندس نثر تمام گهٽ منظر عام تي آيو سندس حياتي ۾، پر سندس لاڏاڻي کانپوءِ مٿس ڪتاب لکندڙن اهي شيون ظاهر ڪيون. استاد بخاري جا سندس حياتي ۽ ان کانپوءِ ڪل 24 شاعري جا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. جن مان ڪجهه هي آهن: هي گيت گلابي ٻارن جا، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا، لهر لهر دريا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، ماندي ٿي نه مارئي، ولولو ۽ ووڪ وغيره. سنڌ جي هن عوامي، رومانوي، انقلابي ۽ قومي شاعر، ڪينسر جي بيماري سبب ڪراچيءَ جي ميڊيڪيئر اسپتال ۾ رات جو 8 وڳي تاريخ 9 آڪٽوبر 1992 تي لاڏاڻو ڪيو کيس دادو ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.