ادبڪهاڻيوننئون

ڪھاڻي: جنگ ۽ جوڳ
(حصو پهريون)

ليکڪ: جوسپ نواڪووچ
تعارف افسانه نگار، ناول نگار ۽ بيانياتي مضمونن جو ليکڪ جوسپ نواڪووچ )Josip Novakovich( 1956ع ۾ اُن علائقي ۾ جنم ورتو جيڪو هاڻ ڪروشيا جو حصو آهي. هي هنگريءَ جي سرحد ويجهو ڪروشيائي شھر ڊاروار ۾ مارشل تيڊو جي ڇُڙواڳ حڪومت ۾ پَليو. جوسپ نواڪووچ سربيا ۾ Medicine )دوائن( جي تعليم پرائي پوءِ آمريڪا لڏي ويو. سندس ماءُ اُتان جي رهندڙ هئي. هِن نفسيات جي علم تي تخليقي لکڻين جو مُطالعو واسار ڪاليج ۽ پوءِ زيل يونيورسٽي ۾ ڪيو. هُو ڪينيڊا جي شهر مونٽريال ۾ رهي ٿو ۽ ڪونڪورڊيا يونيورسٽي ۾ پڙهائي ٿو. موجوده وقت ۾ هُن ڪينيڊا جي شهريت اختيار ڪئي آهي.
هُن جي افسانن جا ٽي مجموعا آهن، هن جو طرز تحرير مختلف آهي ۽ هو سنجيده ذميداريءَ سان مزاح )Humour( به لکي ٿو، اهو هُن جو خاص انداز آهي. هُن کي خاص طور تي تشدد جي مزاحمت ۽ يوگوسلاويا جي جنگ ۽ اُن جي تباهي تي لکڻ جي ڪري مَڃتا ملي آهي. هُن جي لکڻين تي تبصرو ڪندي ڪيٿ بوٽسن فورڊ لکيو آهي ته سندس اسلوب ۽ بيان ۾ ٿورن لفظن ۾ وڏي ۽ اهم ڳالھ ڪرڻ جي ڏانءُ آهي جنهن کي پڙهندڙ خاص طور تي ساراهيندا آهن.
————————————
جبل جي نيري ڇِپَ جي پَس منظر ۾ مِينهن جا وڏا وڏا چمڪندڙ ڦُڙا زمين تي ڪري رهيا هئا. مِينهن جي ٿَپ ٿَپ جي آواز کان لُطف اندوز ٿيندي حارث شروعاتي ٻُڌمَت جو هڪڙو سوتر ياد ڪيو ”مان ڪاوڙ کان آزاد آهيان، هَٺ ڌرمي کان آزاد آهيان، آئون زندگيءَ جي ڪناري تي هڪڙي رات جي رات جي رهيو آهيان، منهنجي گهر تي ڇِتِ ناهي، باھ وسامي وئي آهي. بارش اَچ، بادل اَچ، جيڪڏهن تون ايئن ئي چاهين ٿو.“ مان ڀانيان ته اُن جو مطلب هو ته پريشان نه ٿي، مِينهن جو مَزو ماڻ، يا شايد هي ته هاڻ جڏهن مان محفوظ ناهيان، مون تي حملو ڪيو ۽ پوءِ ڏسو ته مون کي اُن جي ڪيتري پرواھ آهي.
جڏهن آسمان تان وسندڙ بُوندون جبل جي ويجهو آيون ۽ مَٿس پيون تڏهن کيس احساس ٿيو ته هي ته مِينهن سان گڏ ڳڙو وسي رهيو آهي. اَڇا ڳڙا، جهرڪيءَ جي بيدن جيترا. هڪڙي پل لاءِ هُن سوچيو ته هي ڳَڙا جِهرڪيءَ جا بيدا ئي آهن، جيڪي سموري بوسنيائي قوم جي کاڌ جو بندوبست ڪري سگهن ٿا. )بس ڳالھ اِها آهي ته بوسنيائي قوم مڪمل نه رهي هئي بلڪه ڪڏهن هئي ئي نه.( توهان بيدا کڻندو ۽ اُنهن کي اوٻاريندئو ۽ اُنهن جي نازڪ کَل لاهي اُنهن کي کائي ڇڏيندئو.( آسمان مان ڪِرندڙ، پاڻيءَ سان ڀَريل ڪڪرن جي قطار کان بَچڻ لاءِ هُو صنوبر جي وڻن جي ڇَٽيءَ هيٺان اچي لِڪيو.
هُو ڪَنول آسڻ ۾ ويٺل هو، صنوبر جي وڻن سان چِنبڙيل کونئر جي خوشبو، پنهنجن ساهن ۾ لاهيندو رهيو، جڏهن ته چپڙندڙ مٽيءَ سان هُن جي پَتلون آلي ٿيڻ لڳي. هُن پنهنجي گِيان ۽ ڌيان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اوم جو لفظ چپن تي آندو، پر پنهنجو ذهن خالي ڪرڻ ۽ اُن کي ڪائنات جي برابري سان هڪ ڪرڻ بَجاءِ هُو اِهو سوچڻ لڳو ته هي ڪهڙو اتفاق آهي جو بجليءَ جي مزاحمت ڪرڻ وارو يونٽ به وهم وارا آواز ڪڍي پيو. هُن مزاحيه انداز ۾ سوچيو ته سندس دماغ هڪڙو اوم ميٽر آهي ۽ شايد ڪائنات جو توازن قدرت جي قوتن سان گڏ وهندي وڃڻ ۾ ناهي، پر اُن جي مزاحمت ڪرڻ ۾ آهي. هُو وڻ جي لَڙڪندڙ ٽارين کان بَچڻ جي لاءِ جُهڪندو، سُئيءَ جھڙن چُنهبارن پَنن واريون ٽاريون، يسوع مسيح جي ٻانهُن تي ڦھليل،کُليل ۽ ڍِري ويس جھڙيون هُيون يا وري اُهي ڍرا ۽ کُليل ڪپڙا پاتل ڪو ٻيو پيغمبر هو جنهن کوڙ سارا هَٿ ڦھلائي ڇڏيا هئا ڄڻ هُو هندن جو ديوتا شِوِ ٿي پيو هو….هُو حَسن سان ٽَڪرائيندي ٽَڪرائيندي بَچيو. جنهن چيو ته، ”ڇا تون پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهيو آهين؟“
سندن صوبيدار سگريٽ جي دُونهي جو بادل ڍَڪيو ڀَر مان گُذريو.
”هي مُسلمان ٿيڻ وارو ڪم ڏاڍو ڏُکيو آهي.“ حَسن چيو. اسان کي ته سليوو وٽز شراب )آلو بخارن مان ٺهندڙ بِرانڊي جيڪا بلقان جي رياستن ۾ ڏاڍي مشهور آهي( ۾ غرق ٿيڻ گُهرجي ها، پر اسان کي هڪڙي ڦُڙي جي به موڪل ناهي ”هُن پنهنجي نَڪ جو باجو وڄايو، جنهن جي چُوٽي جڏهن سندس آڱوٺي ۽ اَشهد آڱر مان نڪتي ته اُن جو رنگ اَڇو ۽ گُلابي بَجاءِ چمڪندڙ ڳاڙهو ٿي پيو.“ برانڊيءَ جو هڪڙو ڍُڪ ئي مون کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندو. قسم سان. ڪُجهه لطيفا به ٿي وڃن. ڇا تون مون کي ڪو سُٺو لطيفو ٻُڌائي سگهين ٿو؟“
”هم م م م. هينئر مون کي ڪو سُٺو لطيفو ياد نٿو اچي.“
”توکي ياد نٿو اچي ته مان ئي ٿو ٻُڌايان توکي. موجو، جَرمنيءَ مان موٽي آيو ته پنهنجي نئين مَرسڊيز ڪار سان گڏ تُزلا ۾ داخل ٿيو. هُن ڪار جو شيشو هيٺ ڪري ڇڏيو ۽ رستن تي بيٺل ماڻهن ڏانهن ڏسي هٿ لوڏيو. يار! ڪنهن کي ڏسي هَٿُ پيو لوڏين؟ سندس دوست جمال پُڇيو. هتي ته هاڻي سڀني وٽ مرسڊيز آهن. ها موجو سَهمت ٿيو، تو اِها ڳالھ سهي ڪئي، پر سڀني وٽ هَٿَ ته ناهن.“
حَسن ٽهڪ ڏنو ۽ پنهنجو آخري جُملو ورجايو، پر حارث نه کِليو.
حَسن پنهنجي بَلغم سان ڀَريل نِڙي صاف ڪئي ۽ ٿُڪ اُڇلائي. ”هي جنگ جنهن به ايجاد ڪئي هئي، اُن کي ماري ڇڏڻ گُهرجي ها… هي ڪيڏي نه بيزار ڪندڙ شيءِ آهي.“
حارث ٿڌو ساھ کنيو، صنوبر جي وڻن جي خوشبو پنهنجي ساهن ۾ لاٿي ۽ پنهنجن ناسن ۾ موجود وارن کي لُڏندو محسوس ڪندي ساھ ٻاهر ڪڍيو. شايد کيس پنهنجي نَڪ جا وار پَٽي ڇڏڻ گُهربا هئا، پر پوءِ وري هُو ائين ڪري به ڇو ها؟ شايد اُهي وار مِٽيءَ ۽ ڌُوڙ کي اندر وڃڻ کان روڪين ٿا ۽ هاڻ اُنهن وارن خوشبوئن کي وَڌائي ڇڏيو هو. نانگ پنهنجي ڄِڀَ سان سِنگهندا آهن، ڪير ٿو چئي ته اسان اُهو ڪم پنهنجن وارن سان نٿا ڪري سگهون؟
حَسن، پنهنجين ٽَهڪندڙ نيرين اکين سان هُن کي ڏٺو ۽ چيو، ”اوهان کي خبر پئي. مان پاڻ به جنگ جو اهڙو پُرجوش حامي ناهيان. مان توکي هڪڙي راز جي ڳالھ ٿو ٻُڌايان. مان ته سمنڊ جي سفر تي پئي ويس، پر مون کي ڀَرتي ڪري ڇڏيائون.“
ڳڙي سان مِينهن بيهي ويو هو ۽ اُن جي پَڇاڙڪن گُونجن ۾ گَھري ماٺ ساھ کڻي رهي هئي ۽ پنهنجين بند اکين سان حارث اُن وڃايل آواز کان پوءِ پيدا ٿيندڙ خوبصورتيءَ سان دماغ کي سيراب ڪري رهيو هو.
پر هي ماٺار ڪُجهه وقت لاءِ هئي ڇو ته حَسن ڳالھيون ڪندو رهيو. ”تون پنهنجي مُتعلق ٻُڌاءِ؟ ڇا هُنن توکي زوريءَ ڀَرتي ڪري ڇڏيو؟“
”مان جنگ جو مُخالف هُئس، هاڻ به آهيان ۽ مان يوگوسلاويه جي پيپلز آرميءَ کان بَچي نِڪتو هئس، پر سرئيوو ۾ اُهو باغ، جنهن کي مان پنهنجي پسنديده هوٽل مان ڏسندو هُئس، ڇائجي ويو. ماڻهن اُن جا وڻ وَڍي ڇڏيا ۽ اُنهن جي ڪاٺين کي پنهنجن گهرن ۾ ٿانوَن ۽ وقتي طور تي ٺاهيل چُلهن ۾ وجهي ڇڏيو ۽ پنهنجا ڪمرا گرم ڪري ڇڏيا. اُهو باغ هڪڙي بَچيل سچيل جانورن جي چَرڻ جي جاءِ بڻجي ويو جتي وڻن جا سُڪل ڏار اُنهن ٻانهُن جيان بيٺل رهجي ويا جن جا هَٿَ وَڍيا ويا هُجن، ڄڻ اُهي وڻ ڪنهن چوريءَ ۾ شامل هئا. ڪھڙي چوري؟ هوا جي؟… ۽ پوءِ اسلامي قانون تحت اُنهن جا هَٿَ ڪَٽي ڇڏيائون. مون سوچيو، يار! توهان اسان جا وڻ به اسان کان کسي ڇڏيندئو ۽ پوءِ مان بنا اُجوري جي ڀرتي ٿي ويس.“
سارجنٽ پنهنجي دُونهي جي بادل سان مَنڊڪائيندو ٻاهر نڪتو ۽ چيو، ”توهان ٻئي ڪهڙي سُس ڦُس پيا ڪيو؟ هيڏانهن اچو ٻين ماڻهن وٽ.“
هُو اُن جي پويان پويان ويا. ”اسان جا اسڪائوٽ موٽي آيا آهن، ڪاري ۽ اڇي ڏاڙهي )ڳٽن تي اَڇا ۽ ڏياڙي تي ڪارا( واري چالاڪ ڪمانڊر چيو. هُن ٻِن سُڪل سَنهڙن ماڻهن ڏانهن اشارو ڪيو، جن جي کُٻن وارن ڳلن ۽ ڦِڪن ڏندن کي، جن مان کوڙ گُم هئا، ڏسي ڪري لڳو ٿي ته سگريٽ کين پي ويا آهن.“
”هنن کي ٻُڌاءِ، جيڪو تو مون کي ٻُڌايو آهي،“ ڪمانڊر چيو.
”اڙي! مارائي ڇڏيئي،“هڪڙي نوجوان تعجب ۾ پوندي هورڙيان آواز ۾ چيو،“ اسان هنن جي مورچي تائين ٿي آيا آهيون. توهان جبل جي اوسي پاسي تائين وڃي سگهو ٿا. ڪابه رُوڪ ناهي.
هنن کي خبر ئي ناهي ته اسان هتي آهيون.
”هنن جي ڪيمپ جي ٻاهران پهريدار اڃان مُقرر ناهن.“ ٻِئي اسڪائوٽ اکيون ڇِنڀيندي چيو، جڏهن ته سندن مُنهن جي هڪڙي پاسي جو ڳل ڦَڙڪي رهيو هو. ”توهان هنن کي هتان ڏسي به سگهو ٿا.“ هُن سپاهين کي جبل جي ڪنڌيءَ تائين گُهرايو ۽ اُنهن کي پنهنجي دُوربيني ڏني ته جيئن هُو هيٺ ماڻهن کي ڏسي سگهن جيڪي سندس چواڻي ته ڍڳن جي جوڙي کي باھ تي ڀُڃي رهيا هئا ۽ جانورن جي چهڪن ۾ رڍن جو گوشت وجهي پَچائي رهيا هئا.
ڌنڌلي شام ڦهليل هئي ۽ هيٺ واديءَ مان اُٿندڙ ڌُنڌ، پري جي ڏيک کي گُم ڪري ڇڏيو هو.
ڪمانڊر، پنهنجي ترڪيب هنن جي آڏو رکي. اَڌ دستو جبل کان ڦِري ويندو، جڏهن ته اَڌ دستو هتان هُن پاسي کان سڌو سَنئون حملو ڪندو. ٻن ڪلاڪن جي اندر اندر.
جڏهن ان کان اڳ وَيل اسڪائوٽ کي ڪا ڏُکيائي نه ٿي هجي، پر حارث ۽ سندس ساٿي اُن پاسي کان وِک سنڀاري سنڀاري رکي رهيا هئا، جيئن سندن پيرُ ڪنهن بارودي سُرنگ تي نه پئجي وڃي. اهڙي بارودي سُرنگ نه رڳو پاڻ تي پيرُ رکندڙ کي نقصان رسائي ٿي سگهي، بلڪه مسلمانن جي حالت به ظاهر ڪري ڇڏي ٿي.
هُو ڪيمپ جي مَٿاهين ڪناري تائين پهچي ويا. حارث، پنهنجا ساھَ سَنوان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن هُو صنوبر جي وڻن ۽ ڀُڃجندڙ رڍ جي گوشت جي خوشبو مان لُطف ماڻي سگهي، جيڪا اُن ڌُنڌ تي تري رهي هئي، پر هُن جي ساهن کي ڪو به لُطف محسوس نه ٿيو ۽ نه وري هُو پنهنجي نَفس کي قابوءَ ۾ رکي سگهيو. هُن جي دل ڌڙڪي ڌڙڪي سندس ڦِڦِڙن ۾ گِهڙي ٿي وئي ۽ بيچينيءَ سبب تيز ٿيڻ جي ڪري هڪ اهڙو گيت ٻُڌائي رهي هئي جنهن جو هُن وڏي وقت کان تجربو نه ڪيو هو ۽ اُهو گيت هو ڪنهن خاص ڊَپ جو. ڌُنڌ جي هوندي به اڳتي وَڌڻ، صاف فضا جي نسبت حفاظتي ته هو، پر اُن ڪري هنن کي ڪجهه نظر آيو ٿي نه هُو ڪجهه ڄاڻي ٿي سگهيا. ڪو گيان، ڌيان ۽ ڪو منتر هُن جي دل جي تيزي کي گهٽائڻ ۾ ڪامياب نٿي ٿي سگهيو.
اوچتو گوليون هُن جي پاسي گَپ ۾ شَپڪا ڪرڻ لڳيون. جن کيس وائڙو ڪري ڇڏيو. هُن جي ڀَر ۾ موجود بندوقن ڌُنڌلاڻ ۾ جوابي فائر ڪيا، جتان گولين جي گُونج ٻُڌڻ ۾ آئي.
”اڳتي وَڌو بوسنيا ۽ خدا جي لاءِ!“ ڪمانڊر رَڙ ڪئي.
حارث اُنهن آوازن ڏانهن گولي هلائي ۽ زمين تي ليٽي پيو ۽ پوءِ رڙهندي اڳتي وڌندو ويو. گَپ سندس ٺُونٺن ۽ گوڏن کي يَخ ٿڌو ڪرڻ لڳي، جنهن جي کيس پَرواھ نه هئي نه ئي هُن کي چُنهبيارن پٿرن جي پَرواھ هئي جيڪي کيس چُڀي رهيا هئا ڇو ته سندس ڊَپ هُن جي لاءِ بيحس ڪري ڇڏڻ واري دوا جو ڪم ڪري رهيو هو.
لاڳيتو گوليون هلائيندي ۽ باھ جي ويجهي کان ويجهو ٿيندا ويا. اوچتو هُنن تي ماڻهن جو هڪ ميڙ چَڙهي ويو ۽ هُو هڪٻئي کي رائيفل جي ڪُنداڪن، سنگينن ۽ چاقوئن سان زخمي ڪرڻ لڳا ۽ ويجهي کان هڪ ٻئي تي گوليون هلائيندي ۽ هڪ ٻئي جي نِڙي گُهٽڻ جي لاءِ آمهون سامهون ٿي ويا.
رَڙيون، دانهُون، گاريون، دُعائون ۽ مائُن ۽ پِيئرن جي نالي گوليون، رَت ۽ مُٽ سان گڏ وٺ وٺان ۾ لڳي ويا. سپاهين جا ٻَه ٽولا هڪ ٻئي تي چڙهي ويا هئا ۽ ايئن ٿي لڳو ڄڻ وِچين دور جي، بلڪه پُراڻي وقت جي ڪا ويڙھ وڙهي پئي وئي. توڙي جو صليبي جنگ وڙھڻ وارن پُراڻن يونانين ۽ فارس وارن به، اهڙين ويڙهن ۾ حفاظت لاءِ پاکر استعمال ڪيا هئا ۽ هتي سنگينون، چاقو ۽ لوھ سِڌو سَنئون هُنن جي کوپڙين، گوشت پوست ۽ هڏين کي نشانو ڪري رهيا هئا ۽ کوپڙيون ڀَڄي رهيون هُيون، گوشت چيرجي رهيو هو ۽ هڏين مان مِک ٻاهر نڪري رهي هئي.
حارث پنهنجي ڀَر مان ڀَڄندڙ هڪ پاڇي کي پنهنجي سنگين سان زخمي ڪيو ۽ پوءِ اُها ئي سنگين هُن جي جسم ۾ ٽُنبڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. اُهو ماڻهو پُٺيءَ ڀَر ڪِريو ۽ مَٿس رَڙيو ”تنهنجي ماءُ کي…!“ حارث اُوندهه ۾ اُن شخص کي سُڃاڻڻ جو اندازو نٿي ڪري سگهيو، پر هُو اُن کي ڇڏي به نٿي سگهيو، اُهو وڏو سارو عڪس زمين تي تڙپي رهيو هو ۽ هُن لَتون هڻي هڻي حارث جي پُٺي ئي ڀَڄي ڇڏي هئي. جيڪڏهن حارث هُن کي پنهنجي سنگين سان دَٻائي نه رکي ها ته هُو ڪنهن به وقت زمين تان اُٿي، کيس هيٺ ڪيرائي ٿي سگهيو. تنهنڪري توڙي جو هُن کي پَڪ ڪا نه هئي ته سندس سنگين جي چُهنب اُن ماڻهوءَ جي جسم ۾ صحيح جاءِ تي ٽُنبي به آهي يا نه. يا پوءِ سنگين جي هيٺان اُن ماڻهوءَ جو جسم آهي به يا نه. حارث اُوندھ ۾ پنهنجي سنگين تي جُهڪيل رهيو. هُن زور ڏنو، پر سنگين اُن ماڻهوءَ جي اندر ۾ نٿي گِهڙي تنهنڪري هُن پنهنجي سڄي بدن جو وزن رائفل جي ڪنداڪ تي لڳايو ۽ پوءِ نيٺ هُن کي اُن ماڻهوءَ جي مزاحمت ٽُٽندي محسوس ٿي ۽ سنگين اُن هيٺ ڪِريل ماڻهوءَ جي پاسراٽين ۾ ٽُنبجي وئي.
تيز ڌار جو کُپڻ هڪ لمحي لاءِ هُن کي فاتحاڻو لڳو هو، پر پوءِ هُن کي بُڇان محسوس ٿيڻ لڳي. هُن پنهنجي سنگين عجيب ۽ غريب آواز ڪڍندڙ اُن جسم ۾ کُپيل ئي ڇڏي ڏني جتان هڪ گار نڪتي ٿي، ”تنهنجي سَربيا واري ماءُ!“ ۽ پوءِ اُن ماڻهوءَ جي نِڙيءَ ۾ رَت جي گڙ گڙ ٻُڌڻ ۾ آئي ۽ اُهي هُن جا آخري لفظ ثابت ٿيا جن سان گڏ هُو پنهنجو ساھ ٻاهر نه ڪڍي سگهيو بلڪه اهو گُهٽجي ويو.
مري ويل ماڻهوءَ جي نِڙيءَ ۾ گڙ گڙ هاڻ به ٿي رهي هئي. ڇا حارث ڪنهن پنهنجي ئي ماڻهوءَ کي ماري ڇڏيو هو؟ ڇا ڪو سرب اهڙي گار ڏئي سگهي ٿو؟ ها، ڏئي سگهي ٿو، پر ڇا ائين ناهي ته ڪنهن مسلمان پاران، اِهو سوچيندي ته حارث ڪو سرب هو، اهڙي گار ڏيڻ جو امڪان وڌيڪ هو؟ ۽ جيڪڏهن مرڻ وارو مسلمان هُجڻ بَجاءِ ڪو سرب هجي ها ته ڇا هي سڄو عمل اُن صورت ۾ گهٽ ڀوائتو هجي ها؟
اُن وقت هُن جي مٿي تي هڪ پٿر اچي لڳو، ۽ لَهواريءَ تي ٿيڻ واري ويڙھ جو گهيرو ڪندي ڌُنڌ هَٽي ويو ۽ اُن جي جاءِ، هُن جي مٿي ۾ وَڌندڙ گرمائش وٺي ڇڏي. جڏهن هُن جا حَواس بَحال ٿيا ته هُن اَڇن ڪڪرن کي پاڻ تان بس درجن کن والن جي وِٿيءَ تي تَرندي ڏٺو. حارث اُٿي بيٺو، هُو پنهنجو توازن برقرار نٿي رکي سگهيو. هر وک جيڪا هُو کڻي رهيو هو اُها سندس مٿي کي تڪليف ڏئي رهي هئي ۽ هُن جو دماغ ڏَڪي ڏَڪي ٿي ويو.
هُو هڪ اهڙي لاش سان ٽَڪرايو جنهن جي کوپڙي ڀَڄي پئي هئي ۽ اُن مان ٻاهر نڪرندڙ ميڄالو اڃا به ڌڙڪي رهيو هو ۽ مٽيءَ تي پيل صنوبر جا ڪنڊا هُن ۾ چُڀيل هئا۔هُن کي پنهنجي دماغ ۾ اِن ريت ئي سُيون چُڀنديون محسوس ٿيون، هُن پنهنجي کوپڙي جي کاٻي پاسي کي هٿ هنيو ۽ هُن جي آڱرين جا پُورَ، پاڻياٺ جھڙي هلڪي گرم آلاڻ ۾ تِرڪِي ويا۔
هُو سِرڪندو هڪ ڇِپَ جي ڪنڌيءَ تائين ويو ۽ هُن اڳيان ڏٺو، هُن جي آڏو تَرائيءَ واري پاسي جانورن جون هَڏيون ۽ زَنگيل ٽينڪون وکريون پيون هيون. هُو سِرڪندو ڪيمپ ۾ گهڙي ويو ۽ هُن کي پنهنجي وڌيڪ ساٿين جا لاش مليا جن جو تعلق ٻنهي دستن سان هو. هُن اِهو نتيجو ڪڍيو ته ٻنهي دستن سربن تي نه پر هڪ ٻئي تي حملو ڪري ڏنو هو. هُن جا زنده ساٿي ڪٿي هئا؟ ڇا ايئن ته نه هو ته فقط هُو ئي زنده بَچيو هجي؟
اِن خيال کيس ڊيڄاري ڇڏيو، پر اُن، کيس مُتاثر به ڪيو. جيڪڏهن اُن جبل تي باز،بگهڙ، سوئر ۽ لومڙ ئي بچيا آهن،۽ اُهي اِتي بَچيل موجود واحد انسان آهن، ته اُهي هيڏانهن هوڏانهن گُهمڻ ڦِرڻ، صاف شفاف چشمن مان پاڻي پيئڻ،ڪڏهن به نه ڳالهائڻ، ڪوڙ نه ڳالهائڻ ۽ هڪ يا ٻئي قسم جي دوستاڻي فائرنگ نه ڪرڻ جي لاءِ آزاد هوندو۔پوءِ هُو بنا شَڪ جي روحاني بڻجي سگهندو۔هُن کي پنهنجو هڪڙو وڻندڙ سوتر ياد آيو،جيڪو هُن سرائيوو ۾، وَڍي ڇڏيل باغ جي ويجهو،بس پنهنجو وقت گُذارڻ جي ڪوشش ۾ ياد ڪيو هو:
”هر شيءِ جي خلاف تشدد تَرڪ ڪري ڇڏڻ کان پوءِ، جڏهن توهان ڪنهن کي به نقصان نٿا پُهچايو ته پوءِ ٻارن جي خواهش به تَرڪ ڪري ڇڏيو. ڪهڙي ضرورت آهي توهان کي ڪنهن دوست جي؟ گُهمندا رهو اڪيلا، ڪنهن گينڊي جيان.“
هُن کي سدائين تنهائيءَ سان پيار هو، تنهن ڪري پوري ڀَريل شهر جي وچ ۾ به هُن ڪنهن سان به سگهارو تعلق نه رکيو هو… گهٽ مان گهٽ ماڻهن سان ته قطعي به نه. ها هوٽل سان ضرور. جيڪي ڇوڪريون سندس دوست ٿيون هُيون اُهي نيٺ اِهو احساس ڪري هُن کي ڇڏي ويون هيون ته هُو مردن جي اُن قسم سان تعلق نٿو رکي جيڪي شادي ڪن ٿا، اُن ڪري هاڻ ڪيترن ئي سالن کان هُو ڪنهن به عورت سان گڏ ناهي رهيو، توڙي جو ڪڏهن ڪڏهن مَنجهس جنسي خواهش شدت اختيار ڪندي هئي، پر هتي، هِن جبل جي مٿان، هُن کي خواهش نٿي تنگ ڪري سگهي. جيڪڏهن ھُو آزاد اڪليو هجي ها ته هُو ٻُڌمت جو هڪڙو سُٺو پُڄاري ٿي پئي سگهيو، هُو گيان ۽ ڌيان سٺو ڪري ٿي سگهيو.
پر هُو اُن جبل تي اڪيلو ڪٿي هوندو. هُو ته هتي سَو کن لاشن سان گڏ هوندو جن جا جِن سندس ڀرپور جائزو وٺندا ۽ خوابن ۾ کيس تنگ ڪندا. هُن هڪڙي ماڻهوءَ کي بيدرديءَ سان ماري ڇڏيو هو ۽ نِرواڻ ته پري جي ڳالھ، سندس عمل کيس،پنهنجي درد کان نجات به نه ڏياري سگهندا. هُن جي مُنهن جو هڪڙو پاسو ساڻو ٿي ويو ۽ هڪڙو ڪَنُ وَڄڻ لڳو. بنا شَڪ جي کيس مٿي تي تمام گهڻو ڌَڪ لڳو هو پر جيڪڏهن هُن جي ميڄالي کي ڍڪيندڙ ٿُلهي کَل ڦاٽي پئي هئي ته ڇا هُن جي دماغ جون ڪُجهه رَڳون به ڪَٽجي ويون هونديون؟ ۽ جيڪڏهن ايئن ٿيو به هو ته شايد هُن کي اسپتال وڃڻ گُهرجي ها،پر اهڙي حالت ۾ هُن تي ڪير يقين ڪندو؟جتي ماڻهو مَرندا هُجن اُتي مٿي تي گَھِري ڌَڪ کي تمام گهٽ اهميت ڏني ويندي ۽ اسپتالون هُيون ته ايتريون خراب…. نه، ٺيڪ اِهو آهي ته ماڻهو اڪليو، سڀني کان لِڪي جهنگ جي ٻِليءَ جيان مري وڃي. گهرن کان ٻاهر گُهمڻ واريون عام ٻِليون به عام طرح نظرن کان لِڪي مرڻ جو بندوبست ڪنديون آهن، ته جيئن ڪنهن کي تنگ نه ڪن ۽ ڪير اُنهن کي به تنگ نه ڪري، جيئن ته اُنهن کي سُڃاڻپ هوندي آهي،ته پوءِ هُو ايئن ڇو نٿو ڪري سگهي؟
هُو ڪيمپ ۾، سي ڊي پليئرن، ٽي وي سيٽن، بيئر جي خالي بوتلن، جوتن، ۽ ٻين بيڪار شين واري جاءِ ۾ مَنڊڪائيندو اندر گِهڙيو. هُن کي هڪڙي واڪي ٽاڪي ملي. جڏهن هُن اُن جو بَٽڻ دَٻائي کوليو ته ڪَڙڪڙ جھڙو هڪ آواز پيدا ٿيو، بيٽريون سُٺي حالت ۾ هُيون. هُن واڪي ٽاڪي پنهنجي پَتلون جي کيسي ۾ وجهي ڇڏي.
بيئر جي خالي بوتلن جي ڪيرٽ ۾ هُن کي هڪڙي ڀَريل بوتل ملي. هُن اُن جو ڍَڪڻ کولڻ جي ڪوشش ۾ ٻن پٿريلين ڇِپن جي ڪُنڊ سان زور ڏنو. بوتل ڀَڄي پئي. هُن بيئر پنهنجي ڪوپ ۾ وجهي ڇڏي. شايد هُو شراب سان گڏ ڪجهه شيشي جون ذرڙيون به ڳيهڻ وارو هو.
ڪيمپ جي مٿان ڇِپَ جي ڪناري تي دَرجن کن اَڇا ڪانوَ وڏي حِرص مان هڪڙي ماڻهوءَ جي آنڊن کي پَٽي رهيا هئا. اُنهن جي پويان يونٽ جا کوڙ سارا ماڻهو نظر آيا جن جي پُٺ صبح جي نارنگي سِج سان چمڪي رهي هئي. هُو لاشن جي ويجهو هلندا رهيا ۽ ڪانوَ اُنهن کي اَڻ ڏٺو ڪندي کائڻ ۾ لڳا رهيا.
”مون سوچيو ته تون مري ويو آهين، “حَسن چيو، جنهن جي هڪڙي اک جي ڀرسان ڌَڪ جو نِشان هو۔
”تون هتي ڇا پيو ڪرين؟“هڪڙي ٻئي سپاهي مروز چيو،جنهن جي ڳچيءَ تي پَٽي ٻَڌل هئي. ”تون اڪيلو نظر ڇو پيو اچين؟“
”مون کي به اُن تي حيراني آهي.“
هُو اُٿي بيٺو ۽ جيئن ئي هُن پنهنجو جسم سِڌو ڪيو، کيس پنهنجين پاسراٽين جي هيٺين پاسي ۾ سور جي تيز سَٽ اُڀرندي محسوس ٿي۔ڇا مون رائفل جي ڪُنداڪ تي ٽِپ ڏيڻ وقت هِنن کي ڀَڄي ته نه وڌو آهي؟
”تمام گهڻي حيرت جي ڳالھ آهي ته هتي ڪو به سرب ناهي“حارث چيو۔
”ها وڏي حيرت جي ڳالھ آهي“ڪمانڊر وڌيڪ چِٽي نموني چيو۔
حَسن ڪُجهه باقي رهجي ويل ڦُڙن لاءِ هر خالي بوتل کي اُونڌو ڪري ڏٺو ۽ بوتل کي چُوسڻ جا آواز ڪڍيا۔
”بس ڪر حرصي ”سارجنٽ چيو.“ توکي اِنهن ۾ موجود جيوڙن جو ڪو ڊَپ“ناهي؟ٿورو خيال ڪر ته ڪيترن سربن جا وات اِنهن بوتلن کي لڳا هوندا، اِهو ته ايئن آهي ڄڻ تون اِنهن کي چُمي رهيو آهين۔“
”بوتل کي ته مان ڪنهن مهل به چُمي وٺندس ”حَسن وراڻيو.“ ۽ رهيا جيوڙا“، ته مون کي پَڪ آهي ته اُهي مون کي اڳ ۾ ئي لڳي چڪا آهن، اُنهن وٽ مون کي ڏيڻ لاءِ ڪا نئين شيءِ ناهي ۽ جيڪڏهن تنهنجي ٿُڪ بيئر مان ٺهيل هجي ته مان توکي به چُمڻ لاءِ تيار آهيان، ڇا مسئلو آهي توسان.“
”خيال سان ڳالهائي!“سارجنٽ چيو ۽ پوءِ حارث سان مُخاطب ٿيو، ”تنهنجو ڪھڙو خيال آهي حارث؟“
”هُنن کي ڏسو، هُو اڃان تائين کائي رهيا آهن.“
حارث ٻن ڪانوَن ڏانهن اشارو ڪيو جيڪي وڏي آنڊي جي هڪ حصي کي ڇيڇاڙي رهيا هئا. آنڊا پنهنجي اندر ۾ پار ٿيندڙ سج جي روشنيءَ جي ڪري رَتول ٿي ويا هئا.
پر فقط هُو ئي هو جيڪو اُنهن کي ڏسي رهيو هو. هُن جي ساٿين کيس گهيري ڇڏيو ۽ گهورڻ لڳا.
”تون منهنجي سوال جو جواب ڇو نٿو ڏين او سپاهي،“ ڪمانڊر چيو. هُو هتي اسان سڀني کان اڳ ۾ پهتو هو ۽ ٿي سگهي ٿو ته اِنهن، هُنن کي ٻُڌائي ڇڏيو هجي.“
”اسڪائوٽ مري چڪا آهن،“ ڪمانڊر اعتراض ڪندي چيو.
اُن جو اِهو مطلب ته ناهي جو اُنهن سربن کي خبر ناهي ڏني.“
”اگر اُنهن ڏني هجي ها ته اُنهن کي اسان سان گڏ گڏ اچڻ ۽ مري وڃڻ کان وڌيڪ ڪو طريقو معلوم هجي ها…“
”ڪير اڳڪٿي ڪري ٿي سگهيو ته اسان پاڻ ئي پنهنجن ماڻهن کي مارينداسين؟“ حَسن چيو.
حارث نٿي ڄاتو ته هُو پنهنجن هٿن سان ڇا ڪري، ۽ هُو پنهنجي ڪرائي تي هڪ پٿر چُڀڻ جي ڪري ٿيڻ واري رَهڙ کي کَنهڻ لڳو. پوءِ هُن پنهنجا هٿ کِيسن ۾ وجهي ڇڏيا.
ڪمانڊر، حارث کي مٿان کان هيٺ تائين ڏٺو. ”تنهنجا کيسا ايترا ڀَريل ڇو آهن؟ خالي ڪر پنهنجا کيسا!“
ڇا مون کي اِهو سڀ برداشت ڪرڻ گهرجي، حارث سوچيو۔منهنجو خيال آهي ته فوجي نظام اِن ريت ڪم ڪندو آهي: مزاحمت تي نه، فرمانبرداري تي،
جيئن تائومت ۾ ٿيندو آهي. هُن پنهنجا کِيسا خالي ڪيا. واڪي ٽاڪي گاھ تي ڪري پئي.
”توکي ڪنهن سان ڳالهائڻ جي ضرورت اچي پئي؟“ڪمانڊر پُڇيو.
”مون کي ڪا ضرورت نه هئي.“
سارجنٽ پنهنجن ڦِڪن ڦِڪن ڏندن مان سائي رنگ جي ٿُڪ ٻاهر اُڇلائي.”مون کيس پاڻ سان ڳالهيون ڪندي ٻُڌو هو، هُن اسان جي جانچ پئي ڪئي. هي جهنگ ۾ لِڪي ويو هو!“
”اِهو مطلب نه ڪڍ. مون کي واڪي ٽاڪي هتان ملي، هِنن جي ڪيمپ جي زمين تي ۽ فطري طور تي مون اُن کي کڻي ورتو. ڇا تون نه کڻين ها؟“
”۽ تون وڻن جي هيٺان ڪنهن سان پئي ڳالهيون ڪيون؟“ سارجنٽ پُڇيو.
”اڙي اُهي ته يوگا جا مَنتر هئا.“
گَدو؟ ڪمانڊر پنهنجين ڊگهين آڱرين سان پنهنجي ڏاڙهي کنهيندي چيو.
”تنهنجو مطلب آهي ته تون وڻن جي هيٺان سُتو پيو هئين؟“
”نه، مَنتر، جيڪي هندوئن ۽ ٻُڌمت جي مَڃيندڙن جون دُعائون هوندا آهن، ننڍڙيون ننڍڙيون دُعائون.“
هڪڙو فينٽم جيٽ طيارو هُنن جي مَٿن کان گُذريو ۽ ڪجهه دير جي لاءِ هُنن کي ڪجهه به ٻُڌڻ ۾ نه آيو.
”امير حراميو، اُڇلايو پنهنجا بَم يا پوءِ هليا وڃو! “حَسن رَڙيون ڪندي چيو.
”ٿورو ڏسون ته سهي ته هِن جو رابطو ڪنهن سان آهي. ”ڪمانڊر واڪي ٽاڪيءَ جو بَٽڻ کوليو، ۽ چيو، ”اي ماڻهو، ڪير آهين تون، اوور.“
”تنهنجو آواز عجيب طرح سان ٿو اچي. پِيتي ته ناهي تو، اوور“
ڪاش ايئن ئي هجي ها. تون ٻڌاءِ؟ آهي ڪا بيئر ٻيئر؟“
”نه، بس کوڙ سارا چڪر آهن، آلو بخارن جي برانڊي آهي ۽ اَڇو وائن.“
”ٺيڪ آ، مٽايون ٿا، مون وٽ يو اين جون موڪليل شراب جون کوڙ ساريون شراب جون بوتلون آهن. بوز و بُوز هاڻ تون ڪٿي آهين؟“
”تنهنجو ڇا خيال آهي؟ اوور.“
”ها ها خبر آهي. ٺيڪ آ مان سُڀاڻ اچان ٿو.“
ڪمانڊر، واڪي ٽاڪيءَ جو بَٽڻ بند ڪري ڇڏيو.
”اَڇا ته اِهو آهي تنهنجو ساٿي؟ تو اڳ ۾ ئي هُن کي خبردار ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻ هُو هيٺ پهچي چڪا آهن، وادي ۾ هر پاسي، ۽ شايد اسان جو شڪار ڪرڻ لاءِ مدد به گُهرائي ورتي هجي اُنهن. منهنجو خيال آهي ته هاڻ اسان کي هتان نڪري هلڻ گهرجي.“
”پر ڪيئن ٿا وڃي سگهون اسان؟ هي ته جنگي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان ڏاڍي سُٺي جاءِ آهي،“ سارجنٽ چيو.
هُو گهڻو پري تائين نه ويا آهن… خيمن کان فقط ٻَه سو گز پري پهتا آهن، جتي هنن جي ساٿين مان کوڙ سارن جا لاش پيا هئا.
ٻن سپاهين حارث کي هڪڙي وَڻ سان ٻَڌي ڇڏيو ۽ ڪمانڊر چيو: ”منهنجي اڳيان ثابت ڪر ته تو اسان سان غداري ناهي ڪئي. ڪجهه سوچ، ڪا ڀلي ڪهاڻي گَهڙ. تو وٽ هڪ ڪلاڪ آهي. جيڪڏهن تنهنجي ڪهاڻي سُٺي نه هوندي ته اسان توکي هِنن سڀني مُردن سان گڏ جيئرو ئي پوري ڇڏينداسين جن جو موت تنهنجي ڪري ٿيو آهي.“
گهٽ ۾ گهٽ اَڌ ڪمپني زنده بَچي وئي هئي. هُو هوريان هوريان وڻن جي ميڙ ۽ ڇِپن جي پويان ظاهر ٿيا ۽ اُنهن کڏا کوٽڻ ۾ مدد ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڪجهه هڪ ٻئي جي مَلم پَٽي ڪرڻ لڳا، ۽ ڪجهه هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي جانچ جونچ ڪرڻ لڳا جيڪو چاقوءَ جي کوڙ سارن مليل زخمن جي ڪري مرڻ تي هو، جڏهن ته کوڙ سارا پهرو ڏيڻ جي لاءِ بيهي رهيا.
اُنهن سرب کاهين مان کنيل بيلچا استعمال ڪيا ۽ صنوبر جي وڻن جي ويجهو پٿرائين زمين ۾ کوٽائيءَ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳا. ايترن ڌاتن جي ڇِپن سان ٽَڪرائجڻ ڪري پيدا ٿيڻ واري ڌُوڙ جي دُونهين جھڙي بُوءِ حارث کي محسوس ٿي، جيڪا وَڌڻ لڳي. هنن لاشن جي ٻانهُن ۾ پَيل گَهڙيون ۽ ٻَٽون گڏ ڪيا جن ۾ اُنهن جرمن مارڪ ڳوليا، اُنهن تماڪ ۽ سگريٽ گڏ ڪيا. اُنهن هر کڏي ۾ چئن لاشن کي وڌو. کوڙ سارا ماڻهو حارث کي عجيب عجيب نظرن سان ڏسندا رهيا ۽ پوءِ هُنن، اُنهن تي مٽيءَ جا ڳنڍا به اُڇلايا. هڪڙو ڳنڍو حارث کي پاسرين ۾ لڳو. حارث جي ڀَر مان مرزو گُذريو ته هُن حارث جي مُنهن ۾ ٿُڪيو. سارجنٽ، حارث کي ٿَڦَڙ هنئي جيڪا هُن کي ڪَن جي مٿان لڳي، جتي اڳ ۾ ئي پٿر لڳي چڪو هو.
حارث جي اکين اڳيان سائي روشنيءَ جون لهرون ڦِري ويون، جيئن اُتر کان ايندڙ روشني پَنن مان ڇڻي ايندي آهي، ۽ سندس نظر ڌُنڌلائجي وئي. هُو پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري نه رکي سگهيو ۽ هُن، اُن کي هيٺ ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي ڄاڙي پنهنجي سيني سان لائي ڇڏي. رَسي سندس ڪَراين ۾ گِهڙندي پئي وئي. اُن وقت باقي ماڻهو دُعا ڪندي، قرآن جي تلاوت ڪندا رهيا. کوڙ سارا ماڻهو واويلا ڪري رهيا هئا، ڪجهه ماٺ ۾ روئي رهيا هئا، ڪجهه پنهنجن نِراڙن تي گُهنج وجهي رهيا هئا ۽ هڪڙو ماڻهو، جنهن جو دماغ ڦِري ويو هو، وقت به وقت وڏا ٽهڪ ڏئي رهيو هو، توڙي جو حَسن، ٺونشو هڻي اُن جو نَڪ رتو رت ڪري ڇڏيو هو. اُن کان پوءِ اُهو ماڻهو هِڏڪڻ لڳو ۽ نَڪ مان شُون شُون ڪرڻ لڳو.
دفنائڻ جو عمل سنجيدگي ۽ شان شوڪت سان هلندڙ هو.
هي حقيقيت هئي ته ڪمپنيءَ جا اَڌ سپاهي دفن ٿي ڪيا ويا، جيڪو هڪ الميو هو، پر اُن سان گڏ گڏ هي موقعو هڪڙي قسم جي فتح جو به هو. جبل جي ڪنڌي ۽ دريائي واديءَ جي رستن جو ضابطو ڪمپني جي هٿ ۾ اچي چڪو هو. هي امڪان ته پهرين ئي کان هو ته هنن کي ڪو نه ڪو نقصان کڻڻو پوندو، ۽ هي حقيقت هئي ته هي نقصان دوستاڻي فائرنگ سان ٿيو هو، اِن ڳالھ کان نٽائي نٿو سگهجي ته هاڻ جبل جو ضابطو اُنهن وٽ هو ۽ هاڻ هُو اُن جبل کان هيٺ زمين ۽ کوڙ سارن رستن تي گوليون هلائي ٿي سگهيا.
حارث جا هَٿَ، جيڪي مٿي جي هيٺان ٽارين سان ٻَڌل هئا، رت جي گردش گهٽ ٿيڻ ڪري ساڻا ٿي پيا هئا. هُن جي اُنَ مان ٺهيل پَتلون کيس خارش ڪرڻ لڳي ۽ دُن جي هيٺان وهندڙ پگهر تنگ ڪرڻ لڳو. هُو اُن ڪري جيتري بيوسي محسوس ڪرڻ لڳو، خارش اوتري ئي وڌڻ لڳيس ۽ هُن سوچيو ته هُو جيڪڏهن هِن نڀاڳي مُونجهاري کي صحيح طريقي سان کنهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو ته اُن جي لاءِ هُو پنهنجون هڪ ٻه آڱريون ڪٽرائڻ لاءِ به تيار آهي. اهو سڀ گيان ۽ ڌيان کان ڪهڙي ريت الڳ آهي، هُن سوچيو؛ جيڪڏهن هُن سٺي طرح گيان ۽ ڌيان ڪيو هجي ها ته هُو پنهنجي حالت کي وڌيڪ سُٺي نموني وَس ۾ ڪري سگهي ها. هُو جنگ جي ميدان ۾ ايئن هلي سگهيو ٿي جو ڪير به هُن کي ڏسي نه سگهي ها، هُن جو جسم گُم ٿي وڃي ها ۽ جيڪڏهن هُن کي ڪيرائي به ڇڏجي ها ته هُن ۾ ايتري سمجهه ضرور هجي ها جو مٿي تي گهڻي ڌَڪ لڳڻ سان گڏ زندگيءَ ڏانهن موٽي اچڻ ۽ مَرڻ پُڄاڻان جيئرو ٿيڻ ۽ ٽياس تي ٽنگجڻ واري ٻِٽي عذاب کان سواءِ مري وڃان ها. ”اسان جو ڪجهه به آهيون انجام آهيون اُن جو،جيڪو اسان سوچيو: اسان جو بُنياد اسان جي سوچن تي آهي، ۽ اسان پنهنجين سوچن مان جُڙيا آهيون. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو غلط خيال سان ڳالهائي يا عمل ڪري ٿو ته درد به اُن جو پيڇو ڪندي هليو ايندو آهي، جيئن ڪو ڦيٿو، ڇڪڙي کي ڇِڪڻ واري ڏاند جي پيرن پويان هليو ايندو آهي. “هُن کي ياد نٿي آيو ته کيس غلط خيال ڪڏهن آيو هو، پر کيس اِها پَڪ هئي ته آيو ضرور هوندو. هُن ٻيهر اُن شعر تي سوچيو ۽ ڏاند جي پيرن جي پويان هليو ايندڙ ڦيٿو لاڳيتو ڦرندو ۽ ڏاند جي ويجهو ايندو رهيو. ڀلا ٻُڌايو، ڏاندن جي جوڙيءَ ڪو غلط سوچيو هو ڇا جو هُو ڀُڃجي وئي؟ هُن پنهنجي سُڪل چَپن تي زبان ڦيري ۽ کيس خشڪ نِڙيءَ سُرڪندي محسوس ٿي.
(هلندڙ)
***