فيض آباد ڌرڻو: فوج جو حڪومت کي جواب
فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ڌرڻي بابت حڪومت جيڪو فيصلو ڪندي اهو فوج کي قبول هوندو. هن وڌيڪ چيو ته بهتر ٿيندو ته ان مسئلي جو ڪو پرامن حل ڳوليو وڃي. هن اهو به چيو ته ملڪي سلامتي جي معاملي تي سول ۽ عسڪري قيادت هڪ ئي پيج تي آهن. ياد رهي ته فوج طرفان اهڙو بيان قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي ليڊر خورشيد شاهه جي ان بيان بعد سامهون آيو جنهن ۾ هن چيو هو ته حڪومت ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ فوج کان مدد وٺي ڌرڻي مان ٻنهي شهرن جي عوام کي سخت مشڪلاتون آهن. خورشيد شاهه چيو هو ته ڌرڻي جي ڪري 20 لک ماڻهو يرغمال آهن حڪومت ان کي ختم ڪرڻ لاءِ قانوني طاقت جو استعمال ڪندي، فوج جي مدد طلب ڪري. ياد رهي ته مذاڪرات جي ٻن دورن باوجود حڪومت ۽ ڌرڻي وارن ۾ ڪابه اڳڀرائي ٿي نه سگهي. جنهن کان علاوه پنجاب هائوس ۾ وڏي مدي وارا اجلاس گهرايا ويا جنهن ۾ حڪومت ۽ مقامي اعليٰ حڪام کان علاوه سياستدانن به شرڪت ڪئي ۽ ڌرڻي ختم ڪرڻ لاءِ جلد ڪو فيصلو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
… [Trackback]
[…] Information to that Topic: humsari.com/asif-ghafoor/ […]
… [Trackback]
[…] Read More Information here on that Topic: humsari.com/asif-ghafoor/ […]
… [Trackback]
[…] Here you can find 68223 additional Information to that Topic: humsari.com/asif-ghafoor/ […]
… [Trackback]
[…] Read More Info here to that Topic: humsari.com/asif-ghafoor/ […]
… [Trackback]
[…] Read More Info here to that Topic: humsari.com/asif-ghafoor/ […]