اسرائيلي ٻار سُک سان سمهن، ان جو واحد رستو اهو ئي آهي ته فلسطيني ٻار به سُک سان سمهن
ڏکڻ آمريڪي ملڪ ڪولمبيا جي صدر گستاووپيٽرو چيو آهي ته اسرائيلي ٻارن جي سُک سان سمهڻ جو واحد رستو اهو ئي آهي ته اهي فلسطيني ٻارن کي به سُک سان سمهڻ ڏين. گستاووپيٽرو جو چوڻ آهي ته جنگ سان ڪڏهن به اهو حاصل نه ٿو ٿي سگهي، اهو صرف هڪ امن جي معاهدي سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿو، جيڪو بين الاقوامي قانون ۽ ٻطرفي آزاديءَ جي حق جو احترام ڪندو هجي. ان موقعي تي ڪولمبين صدر اسرائيل هٿان شهيد ٿيندڙ ڪيترن ئي فلسطيني ٻارن جون تصويرون به شيئر ڪيون ۽ چيو ته اهي تصويرون انهن فلسطيني ٻارن جون آهن، جن کي ان سرزمين تي غير قانوني قبضي سبب قتل ڪيو ويو. هن چيو ته هو ننڍي عمر کان ان ويڙهه جو اڀياس ڪري رهيو آهي، 1948 کان وٺي فلسطينين تي ٿيندڙ بيپناهه ناانصافين کان واقف آهي، ساڳئي ريت جيئن 1933 ۾ يورپ ۾ نازين هٿان يهودين سان ٿيندڙ ناانصافين جي باري ۾ ڄاڻ اٿس.

