سيد حسام الدين راشديءَ جو لکيل قصو
سنڌ جي ڪيترن ئي علمي، ادبي شخصيتن قصن ۽ ڪهاڻين ۾ دلچسپيون ورتيون آهن ۽ سنڌ ۾ اهڙن موضوعن کي صدين کان وٺي وڏي حيثيت حاصل پئي رهي آهي. هر ڪنهن عالم، شاعر ۽ اديب پنهنجي پنهنجي مرضي سان قصن کي ڪچهرين، محفلن ۽ مضمونن ۽ ڪتابي صورتن ۾ پيش پئي ڪيو آهي، ليڪن حامد علي هڪ محقق ۽ نقاد جي حيثيت سان هن قصي کي تحقيقي ۽ سائنسي انداز سان ڏٺو ۽ پرکيو آهي.
الزليخا: سيد حسام الدين راشديءَ جي تخليقي ادب جي حوالي سان قصي نويسيءَ جي صنف ۾ سڀ کان پهرين تاليف آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ مذهبي قصي، يعني ”يوسف زليخا“ جي داستان کي روايتي قصن جي انداز کان هٽي، جديد رنگ ۾ هڪ ناوليٽ جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ پاڻ ان ڏس ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿيو آهي. پير حسام الدين ناوليٽ 12 جولاءِ سن 1930ع ۾ لکي پورو ڪيو، جو سن 1933ع ۾ اول حافظ شمس الدين، تاجر ڪتب، نئين سکر واري، حافظ عبدالحميد ولد حافظ جان محمد ڀٽيءَ جي محموديه پريس سکر مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ان زماني ۾ پير حسام الدين ذوق سخنوريءَ سبب صحافت ۽ ادب جي ميدان ۾ پنهنجي تخلص ”فدائي“ ۽ ”راشدي“ سان مشهور معروف هو. هن ڪتاب جي سر ورق تي به سندس تخلص ”فدائي، راشدي“ نمايان نظر اچي ٿو. پهريون ڇاپو ترت ناياب ٿيڻ ڪري، پبلشر ٻيو ڀيرو ڪتاب ڇپايو. اهو ڇاپو به مقبوليت سبب ختم ٿي ويو ته سال 1951ع ۾ ٽيون ڇاپو ساڳئي پريس مان تاجر ڪتب ڇپائي پڌرو ڪيو. ان ٽئين ڇاپي ختم ٿيڻ کان پوءِ اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو يعني ٻاونجاهه سال ڪتاب ڏسڻ لاءِ به دستاب ڪونه پئي ٿيو، جو ڊاڪٽر حامد علي خانائي ان افسانوي ادب جي تاريخي موضوع، نامور مصنف ۽ ناوليٽ جي اهميت کي محسوس ڪندي، ان کي نئين سر نئين تحقيقي زاويي سان پير حسام الدين جي وفات (1 اپريل 1982ع) کان ايڪيهه سال پوءِ 2003ع مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ/ حيدرآباد سنڌ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڇاپي ۾ ناوليٽ ٻاونجاهه صفحا بيٺو آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر خانائي جو مقدمو ٽيهٺ صفحن تي مشتمل آهي. مقدمي ۾ هن ناوليٽ کان اڳ يوسف زليخا جي موضوع تي سنڌي زبان ۾ لکيل ڏهن منظوم داستانن ۽ ڏهن نثري داستانن جو سربستو احوال لکيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ”الزليخا جو علمي، ادبي ۽ تواريخي جائزو“ ننڍن عنوانن تحت لکيو ويو آهي. مقدمو نهايت ئي علمي تحقيق جو اهڙو سرمايو آهي، جنهن مان ڊاڪٽر خانائي جي گهڻ رخي علمي، ادبي مذهبي لساني ۽ سماجي ڄاڻ جا پڪا پختا دليل چٽائيءَ سان نظر اچن ٿا. مقدمو نون ۽ نوجوانن محققن جي سکيا جو اهڙو ذريعو آهي، جنهن مان ڪنهن به شهپاري متعلق راءِ قائم ڪرڻ جي تربيت حاصل ڪري سگهجي ٿي. مواد جي وضاحتن، سندن ۽ حقيقتن بيان ڪرڻ لاءِ ڪيترن صفحن تي لکيل حاشيا ڊاڪٽر خانائيءَ جي دانائيءَ جي علامت ثابت پيا ٿين. هن موضوع تي فارسي زبان ۾ سڀ کان اول فردوسيءَ مثنوي لکي. فردوسي 416هه 1025ع ۾ وفات ڪئي. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن حياتي جي ايام ۾ 1000ع کان 1025ع جي وچ واري مدت ۾ لکي هجي. سنڌي زبان ۾ احمد نالي هڪ شاعر سن 1180هه – 1766ع ڌاري الف اشباع واري قافيي ۾ ان کي منظوم ڪيو. اهڙيءَ ريت حضرت يوسف عليه السلام جي پيدائش معجم القرآن جي حوالي سان 1745ق – م ڄاڻائي ٿو ۽ چوي ٿو ته ڊاڪٽر غلام جيلاني برق جو سن وڌيڪ سالم ۽ صحيح نظر اچي ٿو.“ (قريشي: 2003ع، ص: 48) ان جي برعڪس هو مولانا مودودي جي تفهيم القرآن ۽ دائره معارف اسلاميه جهڙن علمي ماخذن جا پڻ حوالا ڏئي ٿو. حُسنِ يوسف جي متعلق هو حواشي ۾ لکي ٿو، ته: ”حضرت يوسف عليه السلام جي باري ۾ حضرت وهب بن منبه کان روايت آهي ته دنيا ۾ موجود سموري حُسن جا ڏهه حصا ڪجن ۽ انهن مان هڪ حصو دنيا جي سموري مخلوق کي ڏجي ۽ باقي نَو حصا حضرت يوسف عليه السلام جو حُسن ٿيندو. (بحوالا مولانا محمد اسحاق دهلوي: ص 11)
”الزليخا“ متعلق ڊاڪٽر خانائي هڪ هنڌ پنهنجي راءِ ظاهر ڪندي لکي ٿو، ته سيد حسام الدين راشدي پنهنجي قصي ”الزليخا“ کي حضرت يوسف عليه السلام ۽ بيبي زليخا جي نڪاح ڪرڻ واري واقعي تي پهچائي. ان جو خاتمو ڪيو آهي ۽ پنهنجي طرفان ڪتاب متعلق ڪو به اخلاقي يا اصلاحي نُڪتو اخذ ڪري پڙهندڙن لاءِ بيان نه ڪيو آهي.“ (قريشي، 2003ع ص 73 ۽ 74).
ڊاڪٽر خانائي ان جي اڀياس ۽ تجزيي کان پوءِ اخلاقي، اصلاحي، تهذيبي ۽ تمدني نُڪتا نروار ڪيا آهن ۽ اختتام ڪندي لکي ٿو ته ”بهرحال هي داستان پنهنجي دامن ۾ انساني زندگيءَ ۽ معاشري لاءِ تمام گهڻيون خوبيون ۽ خصوصيتون رکي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن سڀني ڳالهين کي دل سان هنڊائجي ۽ غور ۽ فڪر ڪرڻ گهرجي!“ (قريشي، 2003ع ص 76).
ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي ”الزليخا“ جي مقدمي ۽ ڪتاب جي اشاعت لاءِ بيحد محنت، مشقت ۽ تحقيق جي جوهر مان ڪيئي علمي، ادبي، اشاعتي، تاريخي ۽ سماجي نڪتا نروار ٿين ٿا. سندس علمي ۽ ادبي ذوق جي سچائي، شين ڏانهن مثبت رويو، اشاعتي ڪوششون ڪري حفاظتي اقدام اختيار ڪرڻ، تاريخي ذميوارين نباهڻ ۽ سماج کي مفيد لاڙن سان همڪنار ڪرڻ جا خلوص ڀريا رويا قابل داد ۽ قابل تحسين آهن.
اصل ۾ پير حسام الدين راشديءَ جي تاليف آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1933ع ۾ سکر جي محموديه پريس ڇپيو. عوام ۾ ايترو مقبول ٿيو جو ان جا ٽي ڇاپا کپي ويا. حامد علي خانائي صاحب ان ڪتاب جي اهميت ڏسي نئين ڇاپي جي ضرورت لاءِ تيار ڪيو. هن ڪتاب جي منڊ ۾ داستان گوئي ۽ قصي نويسيءَ جي فن ۽ ارتقا تي لکيو. جنهن ۾ هن مذهبي ۽ تواريخي قصي جي سنڌ ۾ مقبوليت تي به لکيو. ٻين لکيل قصن ۽ هن لکيل قصي تي، تي ڀيٽ ڪئي آهي ان بابت ڪتاب جي منڊ ۾ هڪ تفصيلي ۽ عالمانه نوعيت جو مقدمو لکيو آهي، جنهن ۾ پنهنجي مطالعي ۽ ڳوڙهي اڀياس ڪرڻ بعد مستند حوالي سان تاريخي ماخذن سان ڀرپور انداز ۾ روشني وڌي آهي، ان کان پوءِ هن تواريخي مذهبي قصي جي سنڌ ۾ جملي ڇپيل ”يوسف زليخا“ جي نثري حوالا نظمي داستان جو مختصر تعارف ۽ جائزو پيش ڪيو آهي. مقدمي ۾ هن قصي جي قدامت، ٻولي، محاورن، تشبيھن، استعارن، اصطلاحن ۽ ڪناين جو ڀرپور ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب جي ٻين نسخن جي مطالعي بعد مختلف پهلوئن تي روشني وجهي، هن داستان جي ڪاميابي جو راز به ٻڌايو ويو آهي. الزليخا جي ڳوڙهي اڀياس ۽ تحقيقي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ڪيترن مبهم اشارن کي نمايان ڪيو اٿس. الزليخا چوٿون ڇاپو جيڪو 2003ع ۾ ڇپيو آهي. هن قصي ۾ داستان گوئي جي صنف لوڪ ادب جو اهم حصو آهي. ڊاڪٽر حامد علي خانائي تنقيد جي اصولن تي تحقيق ڪري هي ڪتاب کي ايڊٽ ڪيو آهي. هن ڪتاب لکڻ لاءِ ويھ (20) ڪتاب مطالعو ڪيا اٿس. جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته هي ڪتاب اصل ۾ حسام الدين راشدي صاحب جو لکيل آهي، قريشي حامد علي ان جي مصنف جو احوال سان گڏ هڪ مفصل نموني سان هن ڪتاب تي تبصرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي شروع ۾ ص 9 کان 12 تائين ”پيش لفظ“ ۽ ان کان پوءِ ص 13 کان 76 تائين مقدمو لکيو آهي. ان کانپوءِ هن قصي جو تعارف، عام معلومات، تشريح، تحقيقي حاشيا، ڏنل آهن، 135 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي مارئي اڪيڊمي سڪرند، حيدرآباد سنڌ طرفان سال 2003ع ۾ هن ڪتاب کي شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽرخانائي هن ڪتاب جو گهرائي سان مطالعو ڪيو آهي، هن هن قصي جي طبعزاد صورت بابت قريشي حامد علي خانائي لکي ٿو ته ”هن قصي کي قرآن پاڪ ۾ حضرت يوسف عليه السلام جو قصو سڀ کان نمايان طور بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ حضرت يوسف عليه السلام ۽ بيبي زليخا جي محبت ۽ عشق جو ذڪر ڪيل آهي. انهيءَ داستان کي دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو مختلف انداز م پيش ڪيو ويو آهي. سنڌي ادب ۾ اهو داستان ترڪي ۽ فارسي ٻولين ذريعي پهتو.“ (قريشي، 2003ع، ص، 15) (ص 17 تي پير حسام الدين جي لکيل انهيءَ داستان ”الزليخا“ جو جائزو وٺندي حامد علي خانائي لکي ٿو ته ”يوسف زليخا“ جو قصو مذهبي نوعيت جو آهي ۽ ان جو قرآن مجيد ۾ ”احسن القصص“ جي نالي سان ذڪر ڪيو ويو آهي. اسان هتي مضمون جي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ ”يوسف زليخا“ جي منظوم داستان جو مختصر احوال ڏيون ٿا.“ (قريشي، 2003ع، ص، 17)
حامد علي خانائي پوءِ ”يوسف زليخا“ مختلف قصن جو تعارف پيش ڪيو آهي.
اهي ٻه حصا الف ۽ (ب) جي سري هيٺ رکيا ويا آهن، جن مان الف، سري هيٺ هن قصي بابت لکيل منطوم داستانن جو جائزو ورتو ويو آهي.
(ب) سري هيٺ نثري داستانن جو فاضل محقق ٻنهي حصن ۾ ڏهن ڏهن داستانن کي زير مطالعه رکيو آهي“ .(شاھ، 2011ع، ص، 237)
حامد علي خانائي صاحب آخر ۾، هن قصي يا ناوليٽ جي ”اصلاحي ۽ اخلاقي نڪتي“ جو بيان ڪري ٿو ۽ لکي ٿو: ”قصي گو يا داستان نويس ڪنهن خاص مقصد يا نظرئي کي سامهون رکي ڪتاب لکندو آهي، هو اها ئي ڪوشش ڪندو آهي ته ان مان انساني سماج ۽ معاشري جي اصلاح ٿئي، پر راشدي صاحب هن قصي کي يوسف زليخا جي نڪاح واري واقعي تي اچي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
هن ڪتاب کي هن طرح ورهايو ويو آهي:
(الف) منظوم داستان: 1. يوسف زليخا: احمد، 2. سير بُستان عرف قصص الانبياءِ: مولوي محمد حسين ٺٽوي، 3. تفسير احسن القصص: مخدوم عبدالله نرئي وارو، 4. سنڌي بيت زليخا: ديوان خوشيرام، 5. يوسف زليخا: ميان عبدالواحد ”سائل“ حيدرآبادي، 6. سنڌي يوسف زليخا منظوم: سيد مرتضائي ”ٺٽوي“، 7. يوسف زليخا/اخوان يوسف: مولوي غلام الله عباسي، 8. پرت نامه سنڌي: مولانا سيد تاج محمد امروٽي، 9. يوسف زليخا: سگهڙ محمود شيخ، 10. بياض جيلاني: سيد زين العابدين جيلاني ”زينل“.
(ب) نثر داستان: 1. يوسف زليخا جو وڏو قصو: ميان عبداللطيف، 2. جمن دلپذير عرف يوسف زليخا سنڌي: منشي سلامتراءِ، 3. يوسف مصري: ديوان پرمانند ميوارام، 4. دُرِيتيم يا گوهر ناياب: ميان فتح محمد قريشي، 5. يوسف زليخا: رشيد احمد لاشاري ۽ ماستر نور احمد ”نُور“، 6. داستان يوسف زليخا: ميان گل محمد ”آزاد“ صوفي ۽ شيخ عبدالرسول، 7. شعله عشق: ضياالله جي. غلام علي، 8. احسن القصص: پروفيسر لطف الله بدوي، 9. يوسف زليخا: مولوي عبدالحئي شڪارپوري، 10. قصو يوسف زليخا: قاضي ميان عبدالرحمان.
پير حسام الدين راشديءَ جي هن قصي جي ادبي حوالي سان وڏي اهميت آهي جنهن تي موضوع جي مطابقت موجب ذڪر هيٺ آڻيندس: ”الزليخا“ هڪ اهڙو قصو آهي، جو پير حسام الدين راشديءَ ان جي قصي واري هيئَت مٽائي ناوليٽ واري هيئت ۾ آڻي هڪ نئين روايت قائم ڪئي.
سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ۽ سڌريل ٻولين مان هڪ آهي، ان ۾ وڏي تعداد ۾ قصا ۽ داستان ملن ٿا، جي سنڌي ادب جو هڪ اهم حصو آهن. سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ اهو داستان ترڪي ۽ فارسي ٻولين جي ذريعي پهتو. فارسي زبان ۾ فردوسي اول ”يوسف زليخا“ مثنوي 1025ع ۾ لکي، جا شايع ٿيل آهي. سنڌي زبان ۾ ”يوسف زليخا“ 1180هه/1766ع ۾ احمد نالي هڪ شاعر الف اشباع واري قافيي ۾ ان کي منظوم ڪيو.
ڊاڪٽر خانائي لکي ٿو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”مشهور سنڌي قصا“ ڪتاب (ص 12) ۾ شاعر جو نالو محمد ملوڪ (وفات 1180هه) ڄاڻايو، جو درست ناهي. ڊاڪٽر ڪرسٽوفر شيڪل انڊيا آفيس لائبريري ۾ موجود نسخي تان احمد نالو تحرير ڪيو“ (مهراڻ: 3 ـــ 1986ع ص، ص، 93، 94) پير حسام الدين راشدي ”يوسف زليخا“ اوڻيهن ورهين جي ڄمار ۾ اهو سن 1930ع ۾ تاليف ڪيو.
سنڌي زبان ۾ ”يوسف زليخا“ ڏهه منظوم داستان لکيا ويا ۽ ڏهه نثري. پير حسام الدين راشدي جي الزليخا جي ڇاپن ۾، هي ڇاپو 2003ع ۾ جديد ڇپائي جي مرحلن مان گذريو. پير صاحب جو متن ستيتاليهه صفحا آيل آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر خانائي جو مقدمو اصل ڪتاب کان به طويل آهي. مٿي آيل مواد به مقدمي جو ئي ماخذ آهي. اچو ته هيٺ ڊاڪٽر خانائي جي اڀياس جي حاصلات ۽ نتيجن تي نظر ڪريون، جن کي نڪتن ۾ نروار ڪرڻ تي اڪتفا ڪنداسين ورنه سمورو مقدمو اهڙو ته علمي، ادبي ۽ تحيقي جواهر پارو آهي، جو جيڪر سمورو پيش ڪري سندس محنت ۽ ڄاڻ جو اعتراف ڪجي. سيد حسام الدين راشدي ”الزليخا“ پنهنجي ڏاڏي، پير سيد پير شاهه جي فرمائش تي لکيو هو.
راشدي صاحب ڪٿي به اهو نه ڄاڻايو آهي ته پاڻ هي ڪتاب ڪنهن ٻي ٻوليءَ مان ترجمو ڪيو اٿائين. البت هن ڪتاب جي ڳوڙهي اڀياس مان ڪيترين جاين تي اهڙا مبهم اشارا ملن ٿا. جن مان اهو گمان ٿئي ٿو ته جي هي ڪتاب ڪنهن ڌاري ٻوليءَ جو هوبهو ترجمو نه آهي ته به ان جو پلان ڪنهن معتبر مذهبي ڪتاب يا تفسير کي سامهون رکي ورتو ويو آهي ۽ ان کان پوءِ هن قصي کي پنهنجي نوعيت ۾ لکيو ويو آهي.
قصي گوئي جا فني اصول هي مقرر ڪيل آهن. 1. پلاٽ، 2. ڪردارن جي سيرت، 3. ڪردارن جي گفتگو، 4. منظرنگاري ۽ واقعا نگاري، 5. عبارت، 6. اخلاقي نڪتو.
ڊاڪٽر خانائي مٿين فني اصولن تي ”الزليخا“ کي پرکيو آهي ۽ پرک جا سندس علمي، ادبي فني، تنقيدي ۽ تقابلي قابليت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، تنهن جي سرانجامي سندس همعصر دور جي ڪنهن ٻئي محقق ۾ به هجي!
پلاٽ = سموري قصي جو پلاٽ حضرت يوسف عليه السلام ۽ بيبي زليخا سان تعلق رکي ٿو. (قريشي: 2003ع ص، 41)
ڪردارن جي سيرت نگاري= هن قصي ۾ جيڪي به ڪردار آهن، تن جي سير نگاريءَ کي چٽڻ ۾ راشدي صاحب وڏو انصاف ڪيو آهي. انهن ڪردارن جي سيرت نگاريءَ ۾ جمالياتي عنصر جو گهڻو دخل نظر اچي ٿو. (قريشي: 2003ع ص، 44)
ڪردارن جي گفتگو = هر هڪ ڪردار جي گفتگو تي راشدي صاحب جي ان ڪردار جي نسبت سان گفتگو جي ادائگي ۽ بيان کي پيش ڪيو آهي.
حضرت يوسف عليه السلام جي گفتگو ۽ مڪالمن مان سندس نبوي سيرت، بلند اخلاقي، مستقل مزاجي ۽ ٻين ڪيترين خصوصيتن ۽ خوبين جا اهڃاڻ ملن ٿا. (قريشي: 2003ع ص، 65) ان گفتگو کي ڪردارن جي ئي زبان ۾ ڪاميابيءَ سان توڙ تائين پهچايو آهي.
منظر نگاري ۽ واقعا نگاري = منظر نگاري ۽ واقعي چٽڻ ۾ بيشڪ جس لهڻي. هن عزيز مصر جي درٻار جو دلفريب منظر پڻ اهڙي نموني پيش ڪيو آهي، ڄڻ ته پڙهندڙ خود انهيءَ درٻار ۾ موجود آهي. (قريشي: 2003ع ص، 67)
عبارت ۽ ٻولي = راشدي صاحب ويهين صديءَ جي ابتدائي نثرنگارن مان هڪ ٿي گذريو آهي. ان وقت تائين جديد نثرنگاريءَ کي رواج ۾ آڻي مني صدي مس گذري هئي. نثر نگاريءَ ۾ پختگي گهڻي قدر موجود هئي. ”الزليخا“ ۾ نثر جا ٻه پهلو نظر اچن ٿا: هڪ سليس ۽ سادو نثر يعني عاري ۽ ٻيو بامحاوره رنگين نثر يعني مسجع يا مقفيٰ، سندس نثر دلڪش ۽ رنگينين سان ڀرپور آهي.
اصلاحي يا اخلاقي نڪتو= راشدي صاحب ’الزليخا‘ کي حضرت يوسف عليه السلام ۽ بيبي زليخا جي نڪاح ڪرڻ واري واقعي تي پهچائي، ان جو خاتمو ڪيو آهي ۽ پنهنجي طرفان ڪتاب متعلق ڪوبه اخلاقي يا اصلاحي نُڪتو اخذ ڪري، پڙهندڙن جي آڏو بيان ڪونه ڪيو آهي.
وضاحتون: قرآن پاڪ ۾ آيل ان قصي ۾ خداوند تعاليٰ ڪٿي به ”زليخا“ جو نالو ڪتب نه آندو آهي. ان کي فقط عورت جي اشاري سان بيان ڪيو ويو آهي. زليخا جو نالو راعيل بنت رعابيل هو ۽ لقب زليخا سندس پيءُ جو نالو طيموس هو جو بادشاهه هو. حضرت يوسف عليه السلام 927 ق. م ۾ ڄائو ان وقت سندس والد حضرت يعقوب عليه السلام جي عمر ٽيهتر ورهيه هئي. حضرت يوسف جي ماءُ جو نالو ”راحيل“ بنت لابان هو. لابان حضرت يعقوب عليه السلام جو مامو هو. حضرت يوسف عليه السلام 1635 ق.م ۾ رحلت ڪئي. سندس قبر فلسطين ۾ ”ناملس“ جي علائقي ۾ آهي. ”الزليخا“ پير حسام الدين راشدي جي مطالعي ۽ محنت جو نتيجو آهي، جنهن کي علمي ۽ ادبي مقدمي سان آراسته ڪري قريشي حامد علي خانائي نئين حياتي ڏيئي شايع ڪرائي هڪ ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
***

