نئون

آمريڪي اسڪول ۽ فائرنگ، پاڪستاني شاگردياڻي سميت 10 ڄڻا قتل

جمعي ڏينهن آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر هيوسٽن جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ هڪ شاگرد داخل ٿيندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستاني شاگردياڻي سبيڪا عزيز شيخ سميت 10 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. سبيڪا جي والد جو چوڻ آهي ته سندس نياڻي ٽن ڀينرن ۾ سڀ کان وڏي هئي، يوٿ ايڪسچينج اينڊ اسٽڊي پروگرام تحت 21 آگسٽ 2018 تي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا وئي هئي. هن پروگرام لاءِ ورتل ٽيسٽ ۾ 6000 شاگردن کان ٽيسٽ ورتي وئي هئي پر صرف 75 ئي پاس ٿيا هئا ۽ سبيڪا به انهن مان هڪ هئي. سبيڪا جي والد چيو ته هن کي 9 جون تي واپس پاڪستان اچڻو هو، پر اسان کي يقين ئي نٿو اچي ته هوءَ هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي وئي آهي.