ايڊيٽوريل

بجلي ٽيرف ۾ اضافي سان ٽيڪسٽائل انڊسٽري بحران جو شڪار

جيئن ته نگران سرڪار وقت بوقت بجلي، گئس ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌائيندي رهي ٿي. ڇاڪاڻ جو ملڪ جو گردشي قرض ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. انهيءَ مسئلي ۾ ماضي جون حڪومتون به ذميدار آهن. اسان وٽ ادائگين جي توازن نالي لڳي ٿو ته ڪابه شئي نه آهي، انهيءَ ڪري سرڪار پنهنجي مالي ضرورتن لاءِ هڪڙوئي رستو وٺندي آهي. اها پيٽرول، بجلي، گئس جون قيمتون وڌائي ملڪ جو ڪاروبار هلائي ٿي. حقيقت ائين آهي ته ملڪ جي زراعتي ۽ صنعتي ترقي لاءِ تيل ۽ بجلي بنهه ضروري شيون آهن. اسين هتي بجلي جي واڌو اگهه ۽ پاڪستان جي ٽيڪسٽائل انڊسٽري جي بحران جو ذڪر ڪري رهيا آهيون. اهو بحران جيترو جلدي حل ٿي سگهي، اوترو اسان جي ملڪ جي ترقي ۽ ناڻي جي بچت لاءِ ضروري آهي. ڇاڪاڻ جو پاڪستان جي اهم ايڪسپورٽ ٽيڪسٽائل جي ايڪسپورٽ آهي.
ملڪ جي ٽيڪسٽائل مصنوعات جي سڄي دنيا ۾ کپت آهي، ۽ گڏوگڏ اها صنعت پاڪستان جي ماڻهن کي وسيع پيماني تي روزگار به ڏئي ٿي. ملڪ جي واپار ۾ به ٽيڪسٽائل انڊسٽري جو وڏو ۽ اهم حصو آهي. پاڪستان جي ڪپڙي جون مصنوعات جن جي ٻاهرين ملڪن ۾ به گهر آهي ۽ ملڪ جي ماڻهن کي به ان جي ضرورت آهي. پاڪستان جي ٽيڪسٽائل جي صنعت هڪ طرف ته لوڊشيڊنگ جي ڪري توانائي جي قلت جو شڪار آهي ۽ افراط زر (Inflation) جي ڪري پيداواري لاڳت حد کان وڌي وئي آهي. انهيءَ ڪري ملڪي مارڪيٽ ۾ توڙي عالمي منڊي ۾ اسانجي ڪپڙي جون مصنوعات مهانگيون هونديون آهن. اهو عمل اسانجي برآمد تي اثر وجهندو رهي ٿو، ڇاڪاڻ جو عالمي مارڪيٽ ۾ ته آهي ئي مقابلو. جيڪڏهن ٻين ملڪن جي ڪپڙي جون مصنوعات اسان کان سستيون هونديون ته اسانجي برآمدات تي اثر پوندو. سڀ کان اهم ڳالهه ته ايڪسپورٽ مان ملندڙ گهربل ناڻو گهٽجڻ سان اسانجو ادائيگين جو توازن متاثر ٿيندو. معاشي ماهر واضح طور سان اها ڳالهه ڪن ٿا ته ٽيڪسٽائل انڊسٽري جو بحران ملڪ ۾ زرِ مبادلا جي بحران کي تقويت ڏيندو. ايڪسپورٽ برآمدات ۾ گهٽتائي سان بيروزگاري وڌندي ۽ معاشي مسئلا ڳنڀير شڪل اختيار ڪري ويندا. اهڙي وقت ۾ ضروري آهي ته ملڪ جي سڀني کان وڏي ايڪسپورٽ انڊسٽري جي پيداواري لاڳت گهٽ ڪجي.
توانائي جي بحران کي دور ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. هڪ حل اهو به ٿي سگهي ٿو ته پاڻي، بجلي ۽ توانائي جي وزارت ٽيڪسٽائل انڊسٽري کي سولر انرجي تي منتقل ڪرڻ لاءِ صنعتڪارن کي سهولت ڏئي. هتي اسين واضح ڪندا هلون ته ٽيڪسٽائل انڊسٽري ۾ رڳو وڏا ڪارخانا نه آهن، پر اها وڏي پئماني تي گهرو انڊسٽري به آهي ۽ ننڍي پئماني جا پاور لومز به آهن. انهن وٽ ناڻي جي وسعت ايتري ناهي جو اهي توانائي جي هڪ ذريعي کان ٻئي ذريعي تائين هڪدم منتقل ٿي سگهن. اهو ڪم سرڪار ڪري سگهي ٿي جو ٽيڪسٽائل جي صنعت کي متبادل توانائي جي سهولت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ۽ اها آهي شمسي توانائي. توانائي جي متبادل طور گذريل ڪجهه سالن ۾ اسين ڏسون پيا ته شمسي توانائي گهرو استعمال کان وٺي صنعتي استعمال تائين توانائي جو متبادل بڻجي رهي آهي. اسان وٽ ڇاڪاڻ جو سج جي توانائي 12 ئي مهينا موجود آهي ته پوءِ اسان وٽ سڀني صنعتي سيڪٽرز ۽ زراعتي سيڪٽرز ۾ شمسي توانائي جو رواج وڌو وڃي. زراعت ۾ به شمسي توانائي جو استعمال ٿي رهيو آهي، عام طرح جيڪڏهن اسين شمسي توانائي تي هلندڙ ٽيوب ويلن جو مشاهدو ڪريون ته اسين بخوبي آگاهه ٿي سگهون ٿا ته شمسي توانائي هڪ متبادل انرجي آهي. بجلي جي اگهن ۾ اضافي سان ٽيڪسٽائل انڊسٽري جو بحران ڏينهون ڏينهن شديد ٿي رهيو آهي. بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ گذريل ٽن مهينن کان ماهوار 26 سيڪڙو ۽ ٽماهي ٽيرف ۾ 18 سيڪڙو اضافي سان ٽيڪسٽائل انڊسٽري جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ٽيرف ۾ وڌيڪ 7 رپيا 13 پيسا وڌائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ان سان صنعت ۾ وڌيڪ مايوسي پکڙجي وئي آهي. پاڪستان ٽيڪسٽائل ايڪسپورٽرز ايسوسئيشن مطابق توانائي جي بحران سبب 50 سيڪڙو اسپننگ ملز ۽ 10 پروسيسنگ ملز ۽ سوين ويونگ يونٽ پهرين ئي بند پيا آهن ۽ ٽيڪسٽائل ملون جيڪي جزوي طرح هلي رهيون آهن، موجوده حالتن ۾ اهي به بند ٿيڻ شروع ٿي وينديون.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ ٽيڪسٽائل انڊسٽري هڪ اهم صنعت آهي ۽ ان کي مسابقتي اگهن تي بجلي ۽ گئس جي فراهمي جاري رکڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ٻيو اسان شمسي توانائي جيڪا متبادل توانائي آهي، ان جي ڳالهه ڪئي آهي ته اها وقت جي ضرورت آهي. سرڪار ۽ صنعتڪار گڏجي ان تي سوچين ته ٽيڪسٽائل صنعت ۾ بجلي سان گڏ سولر انرجي جو استعمال پيداواري لاڳت کي گهٽائيندو ۽ انهيءَ سان عالمي مارڪيٽ ۾ اسان مناسب اگهه تي پنهنجون مصنوعات فراهم ڪري سگهنداسين ۽ اسانجي ٽيڪسٽائل انڊسٽري جي برآمدات وڌي سگهندي.