بلاگنئون

8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينھن

  (عورت مارچ جي حوالي سان ڪجھہه گذارشون)

سماج آزاد، عورت آزاد

انسان ھڪ ئي وقت پنھنجي اندر ڪيتريون مختلف زندگيون جيئي ٿو ۽ ڪيئن نه ڪيترا قيد خانه ۽ آزاديءَ جا پرچم کڻي ھلي ٿو. اھڙي ڪيفيت مان ھر انسان گذري ٿو. جي ڏسجي ته اسان جھڙي شديد طبقاتي سماج ۾ جھڙي طرح ھن ملڪ جو عام ماڻھو ھر ڏينھن ذلت آميز روين، بيروزگاري گھريلو تشدت اڻبراري انساني ظلم ۽ جبر کي ڀوڳي رھيو آھي، ان جو اختتام ته ڪٿي به نظر نٿو اچي ھا البته ذھني سجاڳي ڪري ان کي ڪنھن حد تائين گھٽائي يا ختم ڪري سگھجي ٿو. پاڪستان ۾ موجوده غربت جي سطح 34.2 مان وڌي 39.4 ٿي آھي جنھن جي معنيٰ اھا آھي ته  ھر ڏينھن ملڪ جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي غربت جھڙي بي رحم مار مان گذري ٿي. ڪنھن به سماج جي تعمير نو ۾ سياسي ۽ معاشي ترقي لازم ھجي ٿي، پر جي ڏسجي ته پاڪستان جو سياسي ۽ معاشي ماڊل مقامي قومن ۽ تھذيبن لاءِ جبر جي صورت اختيار ڪري رھيو آھي، ھي ملڪ انساني حقن جي سوال کي قومن جي بياني کان ڏسڻ جي بجاءِ رياستي بياني تي قائم آھي جيڪو پنھنجي مڪمل جوھر ۾ غير انساني غير جمھوري ۽ ھڪ قسم جي انتھا پسندي آھي. پاڪستان جي اھڙي ماڊل ڪري ملڪ جا ڪمزور طبقا ۽ ان جا پرت خاص طرح عورت ۽ ٻار وڌيڪ ڪمزور، محروم ۽ ناانصافي جو شڪار ٿيا آھن. آخر ملڪ جا حڪمران غير انساني سياسي ۽ معاشي حالتن کي جيئن جو تيئن رکڻ جي حق ۾ ڇو آھن.؟ پھرين اچو ته ان کي سمجھون.

(1) سرمائيدارانه صنعت ۽ جاگيردارانه جيڪو نظام ھاڻ ويج ليبر ۾ تبديل ٿيو آھي ان لاءِ سستو ليبر (عورت مرد ٻئي).

(2) پاڪستان ۾ منشيات ڦھلائيندڙ مافيائن،  جاسوسي جي ادارن ۽  جھادي تنظيمن لاءِ افرادي قوت (عورت مرد ٻئي)

(3) عورتن جي اڌ آبادي رکندڙ پاڪستان ۾ عورت ڏانھن اسان جا رويا انتھائي پسمانده، انھن جي زندگي ۽ حقن متعلق سطحي، محدود معلومات ۽ اسان جي سوسائٽي ۾ پوشيده ۽ ظاھر خوفناڪ خيال ۽ مفاد.

(4) سماجي ۽ معاشي تنگدستي کان سڌي طرح عورتن ۽ ٻارن جو متاثر ٿيڻ.

(5) ننڍي عمر جي شادين کي جائز سمجھڻ.

(6) پوليس ۽ رياستي ادارن پاران گھر ٻار جي حقن کي پائمال ڪرڻ.

(7) بدعنوان ۽ انتھائي فرسود معاشري، جھڙي طرح پنھنجي چوڌاري نالي ماتر اخلاقيات، ظالماڻه اخلاقي قدر ۽ رويا قائم ڪيا آھن، ان مان عورت شديد متاثر ٿي آھي خاص طرح ملڪ جون اقليتون، جيڪي جبرن مذھبي تبديلي، مقامي ۽ گھيريل تشدد جو شڪار آھن.

(8) خاص طرح نياڻين جي تعليم کي غير ضروري سمجھڻ.

(9) مرد جي نسبت عورت جو آساني سان استحصال وارو رويو.

(10) مذھب ۽ سياست جو غير انساني ميلاپ ۽ ان جو ڪمزور طبقي خلاف ھٿيار طور استعمال ڪرڻ، ان جو مثال صفيه بي بي جو اھو ڪيس آھي جنھن ۾ حدود آرڊيننس جي نتيجي ۾ اکين کان محروم صفيه بي بي عصمت دري جي نتيجي ۾ شاھد پيش نه ڪرڻ ڪري انصاف کان محروم ڪئي وئي.

(11) اسانجا وراثتي سماجي قانون پڻ عورت دشمني تي قائم آھن.

(12) قصاص ۽ ديت جھڙا قانون اڃان تائين قائم آھن جيڪي ڊڪٽيٽر جي دور جي پيداوار آھن.

(13) مسنگ پرسن جھڙا رياستي جبر ۽ خاندان خاص طرح نوجوان نارين سان غير انساني سلوڪ ۽ رويا.

(14) ٻھراڙي جي گھراڻن مان گھٽ عمرجي ٻارن کي چائلڊ ليبر طور شھري آسودن گھرن ۾ پورھيو ڪرائڻ جون غير انساني روايتون.

الميو اھو آھي پاڪستان جي 74 سالا تاريخ جنھن جمھوريت جو اھو دور به شامل آھي، جنھن ۾ اھو خيال ڪيو پئي ويو ته عورتن متعلق اھي ڪارا قانون جيڪي اڻبرابري، غير انساني ۽ ناانصافي تي ٻڌل آھن ختم ڪيا ويندا، ان ۾ ھڪ عورت وزير اعظم جو دور به شامل آھي. اوھان کي خبر ھوندي ته پياري پاڪستان آءِ ايل او عورتن جي 9 ڪنوينشن مان صرف ھڪ نقطي تي صحيح ڪئي آھي، جيڪا گرڀ دوران عورت کي موڪل ڏيڻ متعلق آھي. پاڪستان جي گذريل ڪابه حڪومت آءِ ايل او جي باقي عورتن جي حقن متعلق ڪابه دلچسپي نه ڏيکاري آھي. ھيستائين جمھوري يا غير جمھوري حڪومتون پاڪستان کي عورتن جي لاءِ جھنم بڻائينديون آيون آھن. اسان اھو سوال ڪيون ته پاڪستان ۽ خاص طرح سنڌ جي ناري دنيا جي جديد، مھذب ۽ ترقي يافته دور ۾ پنھنجي ڪھڙي سڃاڻپ رکي ٿي ته شرمساري کانسواءِ ڪجہه به نظر نه ايندو. 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينھن آھي ته اسين ان ڳالہه جو مطالبو ڪيون ته آءِ ايل او جي 9 ڪنوينشن جي مڪمل نقطن تي عمل ڪيو وڃي. ملڪ ۾ معاشي اصلاحات ۾ عورت کي شامل ڪيو وڃي. مقامي قدرتي وسيلن تي 70 سيڪڙو مقامي آبادي جي حق کي تسليم ڪيو وڃي ۽ ان حق ۾ 40 سيڪڙو عورتن جو حصو ھجڻ گھرجي. زراعت جي اعتبار کان سنڌ جو معاشي ڍانچو زرعي معيشت وارو آھي ان ۾ عورت جي موروثي ۽ وراثتي حق تي عمل ڪيو وڃي، سمال انڊسٽري ننڍا صنعتي يونٽ قائم ڪري عورتن کي پنھنجن پيرن تي بيھڻ لاءِ انھن ۾ ان کي شريڪ ڪيو وڃي. انڊيا ۾ ته ڪنھن حد تائين لينڊ رفارم ٿيا، پر پاڪستان ۾ اڃان تائين نو آبادڪاري جي باقيات  جاگيرداري، وڏيرائپ قائم آھي، جيڪي 70 سالن کان راڄ ڪندا پيا اچن. اڄ جڏھن عورتن جو عالمي ڏينھن آھي، پاڪستان ۾ زرعي اصلاحات جو پڻ مطالبو ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته جيستائين مرد ۽ عورت معاشي طرح آزاد خود مختيار نٿا ٿين، تيستائين عورتن جي آزادي خواب جيان ئي رھندي. ڏسجي ته پاڪستان جاگيردارن، سردارن، نوابن، بيوروڪريٽن، جنرلن، لاءِ جنت بڻيل آھي ۽ ان جي نسبت عورت ۽ محڪوم ڪلاس لاءِ دوزخ. ان لاءِ اچو ته انصاف تي ٻڌل سماج قائم ڪرڻ لاءِ عورت مارچ سان گڏ بيھون. سماج آزاد عورت آزاد.