بلاگنئون

بنيادي جمهوريت ۽ حڪومت جي هجڻ جو سوال

حقيقت ۾ ماڻهو پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ٿا ڪن ته ايندڙ حڪمران انهن جو ڪير هجي يا هوندو، پوءِ ڀلي اهي ٺلهن نعرن جي ور چڙهي وڃن. اهي پنهنجن پراون کي ووٽ ڏين يا پوءِ اهي ڪنهن نظريي يا سياسي اصول جي هيٺان اچي وڃن، پر آهن ته اهي پاڻ جيڪي جيڪو چاهين ته ڪري سگهن ٿا. پوءِ ووٽ کي عزت ڀلي نه هجي، ووٽر جي ڀلي عزت نه هجي، پر ٽڪي جي ووٽ کي طاقت ته آهي نه، جو ان ٽڪي جي ووٽ تي ٽڪي جا ماڻهو وزير، مشير ۽ امير بڻجي ٿا وڃن. پوءِ اهڙي ووٽ جي طاقت عوام ڇو ٿو ڏيکاري؟ ڳالھ ته سادي آهي ته ڀلا ووٽ نه ڪن، ان ۾ ڪا آلجبرا ناهي، ڳالھ اها به آهي ته ڪنٽينرن تي چڙهي جي اهڙا سچا، پڪا ۽ پختا حڪمران به ڪوڙ هڻي ڪرسي ڦري ويا ۽ اهڙن قهرن، ظلمن ۽ ڪلورن کانپوءِ به وقت ٽپائي ويا ته پوءِ هاڻي وري روڊن تي جيڪي سياسي ڊوڙون ٿا پائين اهي وري ڪرسيءَ تي ويهي رهندا ته پوءِ ايندڙ اليڪشن ۾ عوام جي آڏو سياسي ضمانت ڪير رکندو؟ ڪهڙي پارٽي حامي ڀريندي، ڪهڙي پارٽي ان ڳالھ جو ثبوت پيش ڪندي ته اهي عوام سان سچا ٿي هلندا، ڊالر ڪرندو، پيٽرول ڪرندو، گئس جا اگھ گھٽ ٿيندا، بجلي سستي ٿيندي، عام واهپي جون شيون سستيون ٿينديون، غريب جي زندگي آسان ٿيندي، غريبن جي ٻن ويلن جي ماني (هاڻي کڻي ٽن ويلن مان گھٽجي وئي آهي، پر دستياب ته هجي نه) يا جنهن اسپيڊ سان مهانگائي وڌي ٿي ان اسپيڊ سان سڪي جي ميعار ۽ ملھ ۾ به اضافو ٿئي ته پوءِ ڀلو آهي يا جيئن مهانگائي جي شرح وڌي ٿي، ان اسپيڊ سان رپئي جي قدر ۾ به اضافو ٿئي يا توازن برقرار هجي. منيمم ويجز به ساڳي اسپيڊ سان وڌن، وفاق جي 37 هزار ٿو چئي ته صوبائي سرڪار 50 هزار چيو بيٺي آهي، پوءِ غريب به ڏچي ۾ آهي.

پر ڳالھ اها به آهي ته رپئي جي اگھ ۽ عزت (ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ ٻيو بحث آهي) تڏهن برقرار رهندي يا مستقل رهندي جڏهن هر ماڻهو ايمانداري سان ڪم ڪري، هر ماڻهو سچو ٿي هلي، هر ماڻهوءَ ۾ وطن جو جذبو ۽ غريب ماڻهن سان همدردي هجي، پر هتي ته هر ماڻهو ڏينهون ڏينهن امير ٿيندو ٿو وڃي، ملڪ جي لاءِ سوچي ۽ لوچي ڪير ٿو. ڪير آهي جيڪو اهو ٿو چاهي ته سڀ دولتون ميڙي ملڪ ۾ صنعتي ڄار وڇائجن، ملڪ جي لاءِ فيڪٽريون ۽ فرم هڻجن، ننڍڙيون ننڍڙيون فيڪٽريون ۽ صنعتون جيڪي گهريلو صارفين جي پورت ڪري سگهن، پر نيڪ نيت ته ڪير به ناهي، جي اڳيان حڪمران چور هئا ته هي حڪمران به عوام کي پنائڻ ۾ گھٽائين نٿا. مڙئي عوام کي چريو ڪري ڇڏيو اٿن، ساڳيو ئي عوام ڪشتو کڻي انڪم سپورٽ پروگرام جي پٺيان ڀڄي ڊڪي ٿو، هرو ڀرو پيو ٿو لائينون هڻي، هرو ڀرو ٿو پيو ڊڪي، زائيفائون الڳ پريشان، مرد انهن جي پٺيان پنهنجو وقت پيا ذيان ڪن، نه ڪم جا نه ڪار جا. زرعي سيڪٽر ۾ پاڻي جي الڳ کوٽ، ماڻهن ۾ بيرزگاري الڳ، ڪيڏانهن ويون ڪروڙين نوڪريون، ڪيڏانهن ويون ڊاڙون ته ٻاهرين ملڪن مان ماڻهو نوڪري ڪرڻ اسان جي ملڪ ۾ ايندا، هتي ته رهيل کهيل ماڻهن جو به ساھ سڪي ويو آهي، غريب ماڻهو ڪيڏانهن وڃي.

ڪي پي جي عوام کي ڳڻتي نه هئي ڇو جو عمران خان هنن جو وزيراعظم هو جنهن جي دل ڌڙڪي رڳو ڪي پي جي ماڻهن، وزيرن، مشيرن ۽ اميرن جي لاءِ پئي، ان ڪري ته هن جي دور ۾ صوابديدي فنڊ به انهن جا، صحت ڪارڊ به انهن جا، لائف انشورنش به انهن جي، ميڊيڪل ڪارڊ به انهن جا، آر بي ٽي بسين جا پروجيڪٽ به انهن جا، آءِ ٽي پروجيڪٽ به انهن جا، وفاق ۾ نوڪريون به انهن جون اسان جي صوبي ۾ به نوڪريون انهن جون، معنيٰ اسان جي پگهار به انهن جي ۽ انهن جي پگهار به انهن جي، اهو آهي انصاف هن تحرڪ انصاف جو، جنهن چونڊن کان اڳ ماڻهن کي رڳو بيوقوف بڻايو، ٻيو ڪجھ به نه. ڇو ته اليڪشن کان اڳ جيئن عوام کي ڪا خبر نه هئي تيئن حڪومت ۾ اچڻ سان وري هن کي ڪا خبر نٿي پئي ته آخر هي غريب (عمران) ڪري ته ڇا ڪري. وري ٻيو ڪجھ ڪري نه ڪري سگهيو، پر صوبن کان اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ پئسا ضرور ڦري ويو، آءِ ايم ايف وٽ ايترا ڀيرا ويو جو هن ملڪ کي گروي رکڻ ۾ دير ئي نه ڪيائين، (پر غريب رياست جو هڪ سبب اهو به آهي، معنيٰ جڏهن ملڪ کي پاڻ پالڻ لاءِ به ڪجھ ناهي، ته پوءِ ايٽمي هٿيار رکي ڇا ڪندا؟ انهن جي هلائڻ لاءِ ناڻو ڪٿان اچي، جهڙا سوال ته ڪرُ کڻن ٿا ته پوءِ ناڻي جي هاڻوڪي ڳنڀير صورتحال ۾ هي حڪمران اندر اندر ئي ڪو معاهدو ڪري ڀڄي نه وڃن، جو اهي ملڪ جي تابوت جو آخري ڪوڪو ثابت نه ٿين.)

اليڪٽورل پروسيس ڀلا اهو به آهي ته چونڊون ٿين ٿيون، ماڻهو ووٽ ڪن ٿا، ڀلي پوءِ اهو وڌ ۾ وڌ 34 سيڪڙو ٽرن آئوٽ ڇو نه هجي يا عوام ووٽن جو بائيڪاٽ ڪري، ووٽ ٿيڻ نه ڏين، ڀلا ضمانت ڪير ٿو ڏئين ته هيل جيڪي به حڪمران ايندا اهي سڀ ڪم آسان ڪندا، اهي سڀ ڪم سولا ڪندا، مهانگائي ختم ڪندا، غريبن جون ڏکيائون ختم ٿينديون. ٿيندو ڪجھ به نه. ڳالھ اها به آهي ته ماضي جون حڪومتون جي پنهنجا پير سڌا ڪن ها ته هن وقت جي وليءَ (عمران) کي موقعو نه ملي ها، جو هي به ان ڪرسيءَ واري راند جو حصو بڻجي ها. سڀ پنهنجي جاءِ تي، پر هنن ماضيءَ جي چورن مان هڪ اميد ضرور آهي ته اهي عوامي ماڻهو آهن انهن جون پاڙون وري به عوام ۾ آهن، اهي سڀ ڪجھ ڪري سگهن ٿا، اهي سڀ ڪم پوءِ به آسان ڪري سگهن ٿا. ڳالھ وري اها به هوندي ته جيڪا به سرڪار اچي ٿي اها ماضيءَ جي حڪومتن تي الزام هڻي هڻي وري پنهنجو وقت ڪڍي ٿي وڃي، جيئن ان کان اڳ به نون جي سرڪار به ائين چوندي هئي ته پ پ وارن جي ڪري هي سڀ ڪجھ ٿيو آهي، نه ته هي ملڪ مغربي ملڪن کان به اڳتي نڪري وڃي ها. ڳالھ اها به آهي ته ايف اي ٽي ايف ۾ آندل 27 مسلمان ملڪن تي اهو الزام به آهي ته انهن جي ملڪن ۾ ڪرپشن، چوري، ڌاڙا، انساني حقن جي پائمالي، صحت ۽ تعليم جون سهولتون نه هجڻ جي برابر، اسمگلنگ، مني لانڊرنگ، دهشتگرد تنظيمون، اسلامي شدت پسند جماعتون يا اهڙا ٻيا امن امان جا مسئلا، زنا ڪري يا وري اهڙيون گھڻيون ئي بدڪاريون وغيره وغيره جهڙيون برايون ڀلا اسان جهڙن ملڪن مان ڪڏهن ختم ٿينديون، جي ختم نه ٿينديون ته پوءِ اسان وٽ خوشحالي ۽ امن امان به خوابيده آهي، جيڪو ڪڏهن به ٿيڻو ناهي، پوءِ ڀلي ڇا به ٿي پوي، ڇو ته يورپ جي طرز جو ملڪ ٿيڻ به قيامت جي نشاني هوندي.

رياست جي دٻڙ دئونس پنهنجي جاءِ تي، عسڪري ادارن جي مداخلتون پنهنجي جاءِ تي جيڪي ڪڏهن به ختم ناهن ٿيڻيون، بنگلاديش به جي سيڪيولر رياست ٿي ويو ته پوءِ اسان جي دهشتگردي ڪٿي توڙ ڪندي، ڀارت ۾ به ڪو بنيادي جمهوريت جي ايڏي وڏي ڳالھ ناهي يا انهن جي جمهوريت جو ناموس اهڙو ناهي جنهن جي واهه واھ ٿيندي هجي، پر هڪڙي ڳالھ ضرور آهي ته انهن جي سول معاملن ۾، انتظامي معاملن ۾ ۽ جمهوري طور طريقن ۾ فوج ڪڏهن به ٽنگ ناهي اڙائي. 1937 ۾ جڏهن پهريون دفعو (تڏهن جي بريصغير ۾ چونڊون ٿيون هيون) تڏهن انڊين نيشنل ڪانگريس حڪومت (انگريزن جي راڄ ۾) سنڀالي هئي، پر انهن جي پٺڀرائي ۾ ۽ واڳ ڌڻي پوءِ به انگريز ئي هئا ۽ ان ٽائيم تي جيڪي به صوبا هئا، انهن وٽ رياست جهڙا اختيار هئا، جيڪي 1935 کان 1942 تائين جيئن جو تيئن هلندا آيا. حڪومتون ته پوءِ به عوامي هلنديون آيون، پر اسان وٽ ته سسٽم ئي انڌو ۽ اونڌو آهي، جو رياستي ادارا ته ان ڳالھ جي انتظار ۾ رهندا ايندا آهن ته رڳو عوامي حڪومتون فيل ٿين ته انهن جي جاءِ تي اهي عسڪري قيادت يا ٽيڪنوڪريٽ حڪومت کڻي اچن ۽ ڪرسيءَ کي اهڙو چنبڙي ويهن جو وڃڻ جو نالو نشان نه هجي. پي ٽي آءِ واري معاملي ۾ ماڻهن ته ووٽ ڏئي پڇتايو. مثال: جڏهن پاڪستان ڪا راند يا ميچ کٽندو آهي ته دل چوندي آهي ته اها ميچ ڏسجي ها يا جڏهن هارائيبدو آهي ته دل چوندي آهي ته اجايو ٽائيم ذيان ڪيوسين، ساڳي ڳالھ هنن حڪمرانن کي ووٽ ڏيڻ جي به آهي، هاڻي ماڻهن جو پيٽ ڀرجي ويو آهي، دل پڪي ڪري ڇڏي اٿن ته هاڻي ائين ئي ڪنهن کي ڪنٽينرن تي يا جلسن ۾ بيٺو ڏسي ڇتا نه ٿيندا، پر ڪجھ هوش کان به ڪم وٺندا. اهي ماڻهو اليڪشن کان پهرين اهڙا ئي ڪوڙ سَٽيندا آهن جو اهي ڪوڙ چونڊن کانپوءِ وري به ڪوڙ ئي ثابت ٿيندا آهن. ڪهڙو به حڪمران اچي، اهو غريب عوام سان ائين هوندو آهي جهڙو ماڻهو شاديءَ کان اڳ ڪوڙا واعدا ڪندو هجي، جهڙا محبوبائن سان ڪبا آهن، جيڪي شاديءَ کانپوءِ سچ ثابت ناهن ٿيندا، پر هاڻي عوام اهڙي هوش کان ڪم وٺي جنهن ۾ ووٽ ان کي ڏين جيڪو انهن جا اهنج سمجهي، جيڪو غريبن جو هڏڏوکي ثابت ٿئي، جيڪو عوامي ڪم ڪري ڏيکاري، جنهن جي واعدن ۾ وفا هجي.