ادبنئون

”هائپرسومنيا“
ناول: باب ٻيون

آسمان ۾ ڪڪر اڃا به موجود ھئا… خوشگوار ٿڌي ھوا لڳي رھي ھئي. عبدالرحيم پکين کي داڻو ڏيڻ شروع ڪيو… ۽ ”آ…آ… آ…“ جا آواز ڪڍندو رھيو ھو. سندس انھن آوازن ۾ پکين سان ڳالھائڻ ھو… ھن جو خيال ھو ته پکي سندس ٻولي سمجهي سگهن ٿا… پر پاڻ سندن ٻوليون سمجهڻ کان قاصر ھو، کيس انھيءَ جو ڏک ھو.

ھو چوندو ھو: ”جانورن ۽ پکين جي ٻولي نه سمجهڻ انسان جي ناڪامي آھي!“ پر کيس انھيءَ ڳالھه تي خوشي به ھئي ته، انسان حيوانن جا احساس سمجهي سگهن ٿا.

ھو پکين کي داڻو ڏئي، ھيٺ لھي آيو ھو.

ان وقت سندس زال ماريه شام جي چانھه ٺاھي رھي ھئي… ھو واش روم مان ٿي، ٻاھر آڳنڌ ۾ اچي ويٺو ھو. ماريه چانھه کڻي آئي، ھن کيس مسڪرائي ڏٺو… ۽ ٽيبل تي چانھه رکي، اندر ڪمري ۾ ھلي وئي ھئي. ھڪ پينسل سندس موڙي ڏنل وارن ۾ لڳل ھئي.

ماريه تعليم کاتي ۾ ليڪچرار ھئي… ۽ عبدالرحيم پنھنجي نوڪري ڪجهه عرصو اڳي ڇڏي چڪو ھو. عبدالرحيم خوشحال گهراڻي سان تعلق رکندڙ ھو، سندس ورثي ۾ سوين ايڪڙ زمين آئي ھئي، جنھن جي آمدني ھڪ تنھا خاندان لاءِ کوڙ ھئي.

عبدالرحيم به تعليم کاتي ۾ ليڪچرار ھو… ھنن ٻنھي کي گڏ نوڪري ملي ھئي. بلڪه ھو ٻئي يونيورسٽيءَ ۾ پڙھيا به گڏ ھئا.

عبدالرحيم نوڪري پنھنجي طبيعت جي ڪري ڇڏي ڏني ھئي، ھو بظاھر بيمار به نه ٿيو ھو… پر کيس لڳندو ھو ته ھاڻي ھو بيمار ٿي رھيو آھي… کيس پنھنجو علاج ڪرائڻ گهرجي، پر ان کان به اھم ڳالھه ته ھن چاھيو ھو ته ھو پنھنجي زندگي کائيندي، پيئندي، گهمندي ۽ آرام ڪندي گذاري… ڪنھن پل اڪيلي ويٺي اچانڪ کيس اھو خيال ڇرڪائي ڇڏيندو ھو ته ھو زندگيءَ کان موٽ کائي رھيو آھي!

ھن کي خوابن ڏسڻ جي بيماري ٿي پئي ھئي… پر حقيت ۾ ائين چوڻ غلط ٿيندو ته کيس خوابن ڏسڻ جي بيماري ھئي، درحقيقت کيس ننڊ ڪرڻ جي بيماري ٿي پئي ھئي… جنھن کان پوءِ کيس خواب ايندا ھئا… ھو جنھن به جاءِ تي اڪيلو ويھندو ھو ته اڪثر کيس ننڊ اچي ويندي ھئي، انھيءَ ننڊ ۾ ٿڪاوٽ جو به ھڪ خاص عمل دخل ھوندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن اھا ننڊ طويل ھوندي ھئي نه ته اڪثر ڪجهه گهڙين جي ھوندي ھئي، کيس اچانڪ ننڊ جو جهوٽو اچي ويندو ھو، ھو ان جهوٽي ۾ به طويل خواب ڏسندو ھو… پر ڪڏھن ته سندس طويل ننڊ به خواب کان خالي ھوندي ھئي، ائين جيئن ڪنھن ديس جي اڪيلي درياءَ ۾ ڪا به مڇي نه ھجي!

ھاڻي، ھو اڪثر رات جي ڀرپور ننڊ ڪرڻ کان پوءِ به ڏينھن جو ننڊ پئجي ويندو ھو، کيس انھيءَ ڳالھه پريشان ڪري رکيو ھو… پر ھن پنھنجي اھا پريشاني لڪائڻ چاھي ھئي، سندس انھيءَ لڪائڻ واري سوچ جي پٺيان زندگيءَ جي ماٺار ھئي.

ھو ايترا خواب ڏسندو ھو جو پريشان ٿي ويندو ھو. شروع ۾ ته، ھو حيران ٿي ويو ھو ته، آخر ھو خواب ۾ ڪھڙي ڪھڙي دنيا ڏسي ٿو. ھو ھر ڀيري ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ ماريه کي پنھنجو خواب ٻڌائيندو ھو.

پھرين ته ماريه کي پنھنجي محبوب مڙس جا خواب عجيب لڳندا ھئا، ھوءَ حيران ٿي ويندي ھئي… پر پوءِ ھوءَ سوچيندي ھئي ته مان مھينن کان پوءِ ڪو خواب ڏسندي آھيان ۽ ھي آھي سو اڪثر ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ خواب ڏسڻ جي ڳالھه ڪندو آھي… سندس ھر نئون خواب پھرين کان گهڻو مختلف ھوندو آهي، ھو اھڙا خواب ڏسي ٿو، جيڪي مان تصور ۾ به سوچي نه ٿي سگهان!

عبدالرحيم جا خواب ماريه جي سوچ کان وڌيڪ وسيع، پراسرار ۽ خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندڙ ھئا، ھوءَ پنھنجي مڙس جي خوابن تي ويچاريندي ڳڻتيءَ ۾ اچي ويندي ھئي… دراصل اھا ڳڻتي کيس ھر جاءِ تي عبدالرحيم جي ننڊ ڪرڻ جي ھئي، ھوءَ سندس اھڙي طبيعت کي ڏسي پريشان ٿي وئي ھئي.

پنھنجي ھمسفر جي اھڙي ڳڻتيءَ کي محسوس ڪندي عبدالرحيم فيصلو ڪيو ھو ته ھاڻي ھو پنھنجن خوابن کي پاڻ تائين محدود رکندو، ماريه سان ڪڏھن به انھن جو ذڪر نه ڪندو… ڀلي خواب ۾ ھو پنھنجي پاڻ کي مئل ڏسي! خوابن ۾ پاڻ سان پيش ايندڙ سمورن حادثن کي اڪيلي سِر منھن ڏيندو، ماريه کي پنھنجي مدد لاءِ ھرگز نه سڏيندو اھو فيصلو سندس موتمار اڪيلائيءَ جي شروعات ھئي.

جڏھن عبدالرحيم ڪنھن ڪم ۾ مصروف ھوندو ھو يا ڪو ماڻھو ساڻس ڳالھائيندو رھندو ھو ته کيس ننڊ نه ايندي ھئي. ظاھر ۾ ته ھو ھڪ توازن ڀري زندگي گذاري رھيو ھو… پر اھا صرف کيس خبر ھئي ته سندس زندگي ڇا مان ڇا ٿي وئي ھئي. انھيءَ ننڊ جي جهوٽن جي ڪري، ھن پنھنجي دوستن ڏانھن وڃڻ ڇڏي ڏنو ھو، پنھنجي زندگيءَ مان دوستن جو نڪري وڃڻ کيس بيحد اداس ڪري ويو ھو، ھو ڪو عرصو دوستن سان نه ملڻ جي پنھنجي پاڻ سان جنگ وڙھندو رھيو ھو، نيٺ پاڻ اھڙي جنگ ۾ کٽيائين ۽ دوستن کي ھميشه لاءِ پنھنجي زندگيءَ مان ڪڍي ڇڏيو ھئائين.

ھاڻي ھو پنھنجي گهر ۾ ئي رھندو ھو. اڪيلائي ڏائڻ مثل ھوندي آھي، جيڪا ماڻھوءَ سان وڙھي، سندس وجود کائيندي آھي… پر عبدالرحيم جي اڪيلائيءَ ڏائڻ جي روپ بجاءِ ماريه جھڙي مھربان عورت جو روپ اختيار ڪيو ھو، کيس ان ۾ رھندي راحتن جو احساس ٿيندو ھو.

عبدالرحيم جي ننڊ جي ڪري ھنن ھڪ ملازم به رکيو ھو، جيڪو ماريه کي ڪاليج ڇڏي ايندو ھو ۽ گهر جو سامان وغيره وٺي اچڻ سان ٻيا به ضروري ڪم ڪندو ھو… ملازم رکڻ جو اصل سبب اھو ھو ته ھنن کي ھڪ ڊرائيور جي ضرورت ھئي.

عبدالرحيم چانھه پيئڻ کان پوءِ اخبار پڙھي رھيو ھو ته ماريه تيار ٿي ٻاھر نڪري آئي ھئي، کيس جينز جي پينٽ تي ويڪري سرمئي شرٽ پھريل ھئي… ھن عبدالرحيم کي چيو ته: ”تيار ٿي، پاڻ کي منيزه جي ڌيءَ جي سالگرھه پارٽيءَ ۾ ھلڻو آھي!“

”ٺيڪ آھي“ ھن اخبار رکندي چيو، ۽ وري تڪڙو کائنس پڇيائين: ”منيزه ڪھڙي؟“

”منھنجي ساھيڙي آ، ڪاليج ۾ ليڪچرار آھي!“ ماريه کيس جواب ڏنو.

سندس جواب ٻڌڻ کان پوءِ، ھو تيار ٿيڻ جي لاءِ ھليو ويو ھو… کيس جنم ڏينھن ملھائڻ غير ضروري لڳندو ھو، پر منيزه جي ڌيءَ جو جنم ڏينھن ھجڻ جي ڪري، کيس پارٽيءَ ۾ ويندي خوشي ٿي رھي ھئي… ٿوري ئي دير ۾ ھن منيزه کي پنھنجي تصور ۾ چٽو ڪري ورتو ھو.

سج لھي چڪو ھو، منيزه جي گهر ۾ رنگين روشينون ھيون، چمڪا ڏيندڙ بلب روشنيءَ جون تيز لھرون پيدا ڪري رھيا ھئا، ھڪ بلب بار بار پنھنجي روشنيءَ جو رنگ بدلائي رھيو ھو… بلبن نائٽ ڪلب جھڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو ھو… لان جي ڪنڊ ۾ رکيل لائوڊ اسپيڪرن مان جديد موسيقيءَ جو آواز اچي رھيو ھو، موسيقيءَ جو بار بار بدلجڻ کيس برھم ڪري رھيو ھو.

سڄي پارٽيءَ جي دوران ماريه کي اھو ئي ھڪڙو خيال پريشان ڪندو رھيو ھو ته، عبدالرحيم کي ڪرسيءَ تي ننڊ نه اچي وڃي! تنھنڪري بار بار ساڻس ڪنھن نه ڪنھن بھاني ڳالھائڻ ايندي رھي ھئي.

آسمان ۾ ڇڊن ڪڪرن جي موجود ھجڻ ۽ ٿڌين ھوائن جي ڪري موسم دلڪش ھئي، عبدالرحيم ۽ ماريه گڏ ويٺا ھئا ته منيزه اچي کين سلام ڪيو ۽ ماريه سان مخاطب ٿي: ”شڪر آ ته، بارش نه ٿي! نه ته سڄي پارٽي خراب ٿئي ھان!“

منيزه جو جملو ”شڪر آ ته، بارش نه ٿي!“ عبدالرحيم کي نه وڻيو، کيس انھيءَ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي ھئي، پر ماريه جي موجودگيءَ سندس بگڙجندڙ مزاج کي قابو ۾ رکيو ھو.

ماريه منيزه سان اٿي ھلي وئي ھئي ۽ عبدالرحيم اڪيلو رھجي ويو ھو… اڪيلائيءَ جي انھيءَ ئي ساعت ۾ ھن بيحد سنجيدگيءَ سان ويچاريو، مينھن وسي ھان ته، ممڪن آھي مان مري وڃان ھان… پر… پر منھنجي خواھش آھي ته مان مينھن وسندي مران!

ٿوري ئي دير ۾ منيزه جي ڌيءَ جي سترھين جنم ڏينھن جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ پوءِ ھو ڊنر ڪري ٻين مھمانن جيان واپس پنھنجي گهر ھليا آيا ھئا… عبدالرحيم خاموشيءَ سان سوچي رھيو ھو ته مان مينھن وسندي مرڻ ڇو ٿو چاھيان!؟ گهر پھچڻ تائين کيس پاڻ کان پڇيل انھيءَ سوال جو جواب ملي نه سگهيو ھو.

ھونءَ عام ڏينھن ۾ به ھو اھا ڳالھه سوچيندو رھندو ھو ته، مينھن وسندي مرڻ جو خيال سندس دماغ ۾ ڇو آيو آھي ۽ ڇو نڪري ئي نه ٿو!؟

ائين ئي ھڪ ڏينھن ھن خواب ڏٺو ھو ته، صبح جو وقت آھي، ماريه جي ڪاليج وڃڻ کان ٿوري ئي دير پوءِ، مينھن وسڻ شروع ٿي ويو آھي ۽ ھو لائونج ۾ آرام ڪرسيءَ تي ويٺو آھي… جتان اچانڪ مينھن جي ڪڻين تي ٺھندڙ پاڻيءَ جي ڦوٽن تي سندس نظر پئي، تنھن ساعت ئي ڇرڪ ڀريائين ته، ھاڻ مري ويندس… ھو انھيءَ ڇرڪ ۾ سجاڳ ٿي ويو ھو، ھن ڏٺو ته، ھو واقعي لائونج ۾ ئي آرام ڪرسيءَ تي ويٺل ھو… پر ان وقت مينھن وسي نه رھيو ھو.

ماريه ڪمري جي بيڊ تي پنھنجو پرس ڇڏيندي، آرس ڀڃي ٿڪاوٽ جي ڳالھه ڪئي… ھن پيار ڀرين مدھوش نگاھن سان مڙس ڏانھن ڏٺو، ۽ پوءِ وڌي وڃي ڀاڪر پاتو ھئائينس… سندس اندر جي جذبن انھيءَ ڀاڪر کي وڌائڻ چاھيو ھو، جنھن کان پوءِ ھوءَ وھنجڻ ھلي وئي ھئي.

ڪجهه دير کان پوءِ ھوءَ واش روم مان نڪتي، کيس اڇو ٽوال ويڙھيل ھو، جنھن سندس ڇاتي ۽ چيلھه ڍڪي رکي ھئي… ھن عبدالرحيم کي فريش ٿيڻ جو چيو… ۽ پاڻ ھيئر ڊرائير سان پنھنجا وار سڪائڻ لڳي وئي ھئي، ھوءَ عبدالرحيم کي بي پناھه چاھيندي ھئي، سندس ئي چاھت عبدالرحيم کي خوشگوار زندگي ڏني ھئي… پر ھاڻي ھن جي اھا زندگي نه رھي ھئي، ماريه کيس اڌ ماڻھو سمجهندي ھئي، کيس مڙس جي اڌ ماڻھو ٿيڻ جو ڏک کائي رھيو ھو.

***