ماتلي ۾ رڪشائن ۽ موٽرسائيڪلن ۾ ھٿرادو طور تي ڦاٽل سائيلينسر لڳائي وڏي ۽ بڇڙي آواز ۾ گاڏيون ھلائي شھرين جو ڏينھن توڙي رات ۾ سڪون ڦٽائڻ جو رجحان تيزي سان وڌي ويو آھي، جنھن سان اسڪولن ۾ تعليمي عمل تي به برا اثر پون پيا ته بازارن ۾ گوڙ ۽ گدلاڻ ۾ شدت سان اضافو اچي ويو آھي ۽ رات جو ماڻھو ان آواز سبب بيچين رهن ٿا ۽ سندن ننڊ ۾ خلل پوي ٿو ۽ ان خلل جي ڪري ماڻهن جي صحت ۽ مزاج تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.
گوڙ گدلاڻ خلاف قانون ٺھيل آھن، وڏي آواز ۾ لائوڊ اسپيڪر به چالو نٿا رکي سگھجن نه ئي موٽرسائيڪلن ۽ چنگجي رڪشائن ۾ اھڙا سائيلينسر لڳائي سگھجن ٿا جيڪي گوڙ ۾ اضافي جو سبب بڻجن. سنڌ جي ٻين شھرن ۾ به اھو ظلم ھوندو، پر ماتلي ۾ اھو ناحق ھيڪاندو وڌي ويل آھي. اسان جي پياري پوليس اھڙن معاملن تي ڪن نٿي ڌري ۽ ستل نظر اچي ٿي، ٽريفڪ پوليس جو به ڪو رول نه آھي. گوڙ گدلاڻ مزاجن، طبيعتن، ذھنن ۽ ماڻھن جي بلڊ پريشر تي ڪيئن ٿي اثر انداز ٿئي اھو دنيا جي سڌريل ملڪن جو ته ھڪ وڏو موضوع آھي، پر اسان وٽ ھتي اھو سمجھائڻ به ڏکيو آھي ته گوڙ گدلائڻ به اھڙي خراب شيءِ آھي جيئن پاڻي ۽ ماحول جي گدلائڻ خراب آھي. بھرحال ماتلي شھر ۾ ڦاٽل سائلينسر وارن رڪشائن ۽ موٽرسائيڪلن جو تعداد ھاڻ سوَن ۾ نه ھزارن ۾ آھي ايتري وڏي گوڙ وارا سائيلينسر دڪانن تي سرِ عام وڪرو به ٿين پيا ۽ شوقين نوجوان اھڙا سائيلينسر اسپيشل آرڊر تي به ٺھرائين ٿا.
ويچاري پوليس ڪجھ به نه پئي ڪري. سال ۾ ڪو ھڪ ڀيرو به ھڪ ڏينھن لاءِ انھن خلاف قانوني ڪارروائي جي مھم نٿي ھلي، جنھن سان ڪنھن حد تائين نوجوانن کي اھو احساس ڏياري سگھجي ته وڏي آواز وارا سائيلينسر گاڏين ۾ لڳائي گاڏيون ڊوڙائي شھر ۾ گوڙ کي وڌائڻ قانوني جرم آھي. اسان ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪنداسين ته ماتلي ۾ شور ڪندڙ سائيلينسرن خلاف قانوني ڪارروائي جا حڪم جاري ڪري ۽ ماتلي پوليس کي پابند ڪيو وڃي ته جيڪي جيڪي ماڻھو رڪشائن ۽ موٽرسائيڪلن ۾ اھڙا سائيلينسر لڳائي گھمن پيا انھن تي قانون لاڳو ڪيو وڃي. ماتلي ۾ ٻيو ستم اھو به آھي جو موٽرسائيڪل توڙي رڪشا وڏي تعداد ۾ 18 سالن کان گھٽ عمرين جا نوجوان به ھلائين پيا شام جي وقت سوين نوجوان موٽرسائيڪلون کڻي مين روڊن تي ڊوڙائين ٿا ان عمل سان ڪيترائي حادثا به ٿيا آھن جن ۾ ماتلي جي نوجوانن جون جانيون به ويون آھن، ان باوجود مائٽ پنھنجن ٻارن کي موٽرسائيڪلون ڏيندا رھن ٿا ۽ ذري جو به انھن کي خوف نه آھي ته اھو عمل ڪيترو خطرناڪ ٿي سگھي ٿو.
ھڪ ٻيو مسئلو اھو به آھي ته موٽرسائيڪلن ۾ تيز روشني واريون ڪرسٽل ھيڊ لائيٽون ۽ وڏي آواز ۾ وڄندڙ ٽيپ رڪارڊر به عام ٿي ويا آھن جيڪي غير قانوني آهن ۽ قانون ان طرف بلڪل به نظر نٿو ڊوڙائي. اميد آهي ته هن پاسي ڌيان ڏنو ويندو ۽ اهڙن غير قانوني شين کي ختم ڪيو ويندو.