بلاگنئون

سنڌ جو عوام پيپلز پارٽيءَ مان مايوس نه ٿيو آهي

مرڪز توڙي صوبي ۾ نگران حڪومت هجڻ جي باوجود پيپلز پارٽي بلدياتي ضمني چونڊون کٽي چڪي آهي. اهو ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته سنڌ جو عوام اڃا به پيپلز پارٽي کي پسند ڪري ٿو. خاص طور تي گادي واري شهر ڪراچيءَ ۾ جيڪا پذيرائي پيپلز پارٽي کي ملي پئي، ان مان محسوس ٿئي ٿو ته ڪراچي جو عوام پڻ مذهبي، لساني ۽ نفرت پکيڙڻ واري انتهاپسند سياست کي پسند نه ٿو ڪري. انهيءَ ڪري هن پيپلز پارٽي جي شڪل ۾ هڪ اعتدال پسند ۽ روشن خيال پارٽي کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آهي. يقينن انهيءَ جو فائدو پيپلز پارٽي کي ايندڙ عام چونڊن ۾ ٿيندو. ڪراچي سوڌو پوري سنڌ ۾ ٿيل بلدياتي ضمني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي اڪثريت سان ڪاميابي اڃا تائين به پيپلز پارٽيءَ جي مقابلي ۾ ٻي ڪنهن به پارٽي جي نه هجڻ جو ثبوت آهي. ان کان پهرين جماعت اسلامي پيپلز پارٽي جي ميئر کي سنڌ حڪومت جي آشيرواد سان کٽيندڙ سمجهي هر هر طعنيٰ ڏئي رهي هئي ۽ هر هر مٿس ڌانڌليءَ سان کٽي اچڻ جو الزام مڙهي رهي هئي، پر ضمني چونڊون ان ڳالهه جي واضح نفي ڪري رهيون آهن. ميئر ڪراچي جيتوڻيڪ گِذري جي علائقي جي هڪ يو.سي مان بنا مقابلي چونڊجي چڪو هو، ان جي باوجود به هن چاهيو ته صدر جي علائقي يوسي 13 ۾ چونڊ وڙهان، جتي هن لڳ ڀڳ 4 هزار ووٽ کنيا. جڏهن ته جماعت اسلامي جي اميدوار کي صرف 1500 وٽ پيا آهن. ايم ڪيو ايم پنهنجي ساک چونڊن ۾ بائڪاٽ ڪرڻ کانپوءِ بچائي ورتي آهي، پر ايندڙ عام چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي حيثيت ظاهر ٿي پوندي. هن وقت به ايم ڪيو ايم جيڪي ڪراچي جي مختلف ٽائونز ۾ جلسا ڪري رهي آهي، عوام طرفان کيس مايوس ڪندڙ موٽ ملي رهي آهي. گذريل 15 سالن کان صوبي ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت رهي آهي، جتي پيپلز پارٽي تمام سٺا ڪم ڪيا آهن، اتي عوام پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني، ڪرپشن ۽ تعليم ڏانهن غير سنجيده رويي تي ناراض به آهي. جتي روڊ رستا ڀڳل ٽٽل، اسڪولن جون عمارتون ڊٺل، امن امان جي صورتحال تمام خراب آهي، ميرٽ جي لتاڙ ايستائين جو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جهڙي اداري تي الزامن جي برسات، روزگار جو نه هجڻ ۽ ڪيتريون ئي قباحتون صوبي اندر موجود آهن. ايستائين جو ماڻهن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي به فراهم نٿو ڪيو وڃي. پوءِ به سنڌ جو عوام اڃا تائين پيپلز پارٽيءَ سان گڏ بيٺل نظر اچي ٿو. شايد انهيءَ ڪري ئي پي پي کي ووٽ ڪري ٿو جو ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ هو هِن پارٽي کي سنڌ جو هڏڏوکي، روشن خيال ۽ انتها پسندي جي سوچ کان نفرت ڪندڙ پارٽي سمجهي ٿو. هاڻي فرض پيپلز پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن تي پهرين کان گهڻو ٿئي ٿو ته اهي چونڊون کٽي اچڻ کانپوءِ عوام جي خدمت لاءِ ۽ بهتر حڪمراني لاءِ چونڊن کان اڳ ڪو پروگرام ڏين ۽ ان تي سنجيدگيءَ سان عمل ڪن. عوام ته پنهنجي مٿان چڙهيل قرض نسلن کان لاهيندو اچي، پر ڇا پيپلز پارٽي عوام جي قرض کي لاهڻ جي ڪوشش ڪندي؟ هن وقت جتي سڄي ملڪ ۾ انتهاپسندي وڌي رهي آهي، اتي سنڌ ۾ به انتهاپسندي پنهنجو رستو ٺاهيندي نظر اچي رهي آهي، جنهن جا ڪيترائي واقعا مختلف وقتن تي سامهون ايندا رهن ٿا، ان جو سڀ کان وڏو سبب سنڌ اندر سرڪاري اسڪولن جي انفرااسٽرڪچر جو خراب هجڻ ۽ نياڻين جي لاءِ تعليم تي سنڌ حڪومت جو ڌيان نه هجڻ وڏو سبب آهي. جنهن سبب مدرسن جو ڄار سڄي سنڌ ۾ پکڙجي چڪو آهي، جتان مذهبي منافرت ۽ انتهاپسندي جو ٻج پوکي وڏو ڪيو وڃي ٿو ۽ ان سان سنڌ اندر انتهاپسندي واري سوچ طاقتور ٿيندي نظر اچي ٿي. پيپلز پارٽي کي ان طرف پهرين کان وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو. هن هميشه عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ انهن جي لاءِ سٺي قانونسازي ڪئي آهي، ان لاءِ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ به پيپلز پارٽي کي تمام گهڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پڙهيل لکيل مائرون پيدا ڪري هن سماج کي ترقي پسندانه روش ڏئي سگهجي.

ان جي مقابلي ۾ سنڌ گورنمينٽ اهڙو ڪوبه منصوبو تيار نه ڪيو آهي ته جيئن انهن ٻارن کي جيڪي مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، انهن کي ڪيئن اسڪولن ۾ آندو وڃي ۽ ڪيئن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي تعليم ڏئي سندن مستقبل کي روشن ڪيو وڃي. هن وقت سائنسي تعليم جي سنڌ سميت پوري ملڪ کي اشد ضرورت آهي. لکين ٻار اڄ به اسڪولن کان ٻاهر آهن، ۽ اهي غربت جا سٽيل مائٽ جڏهن انهن ٻارن کي مدرسن ۾ اماڻين ٿا، ته اتان اهي انتهاپسندي جي تعليم حاصل ڪري ٻاهر نڪرن ٿا. انهيءَ کي روڪڻ انهيءَ پارٽيءَ جو فرض آهي، جيڪا 15 سالن کان حڪومت ڪري رهي هئي ۽ ممڪنه طور تي ايندڙ حڪومت به پيپلز پارٽي جي ٺهندي نظر اچي رهي آهي. جڏهن ڪراچي جهڙي شهر ۾ جتي پيپلز پارٽي کي ماضي ۾ ڪا خاص پزيرائي حاصل نه هئي، پر ڪيترن ئي ترقي جي منصوبن تي ڪم ڪرڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي پنهنجو ميئر، ڊپٽي ميئر چونڊرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، جتي سندس مقابلو ايم ڪيو ايم، پي ٽي آئي، جماعت اسلامي سان رهيو آهي. اتي ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ جي ڊي اي ۽ نون ليگ لاءِ هڪ وڏو چئلينج اهو پڻ آهي ته هو اتي پي پي کي سياسي شڪست ڪيئن ڏين، ڏئي به سگهن ٿا يا نه؟ اهو پڻ هڪ سوال آهي. بلدياتي ضمني چونڊن ۾ کٽي اچڻ تي پيپلز پارٽي کيرون لهڻي، پر پنهنجي فرض کي ضرور ياد ڪري، سنڌ جي عوام جون انهيءَ پارٽي ۾ تمام گهڻيون اميدون آهن، جيڪي پوري ڪرڻ ۾ پيپلز پارٽي اڄ تائين مڪمل طور تي ڪامياب نه ٿي آهي. هاڻي جڏهن پوري سنڌ جي بلدياتي حڪومت هن وٽ آهي ۽ ايندڙ سنڌ حڪومت به سندس ٺهندي ته ميرٽ کي اڳڀرو ڪجي، حقدار کي پنهنجو حق ڏجي، ڪرپشن جو خاتمو ڪجي ته جيئن پيپلز پارٽي اڃا وڌيڪ ماڻهن ۾ پزيرائي حاصل ڪري سگهي.