جل تون جلال تون آئي بلا ٽال تون
ڪالم جو عنوان ڏسي پريشان ٿيڻ جي ڳالھه نه آهي، مان جيئن ڪاليج اندر گهڙيس ته منهنجي پويان ويگو ڳاڏي آئي، جنهن کي ڪاليج جو پٽيوالو ڏسي چوڻ لڳو جل تون جلال تون آئي بلا ٽال تون، مون نهاري چيو خير ته آهي ڇا مونکي ڏسي پيو چئين؟ جنهن تي چوڻ لڳو نه سر اوهان ته اسان جا مهربان استاد آهيو، اوهان جي پويان ويگو گاڏي آئي جنهن کي ڏسي مون چيو، مون چيو شايد نگران سي ايم سنڌ اچي ويو، ڇو ته اهو حيدرآباد ٻن ڏينهن لاءِ آيل آهي، هر ڊپارٽمينٽ ۾ خوف جي فضا ڇانيل آهي، ادارن جي آفيسرن اسان کان رات ڏينهن صفائي جو ڪم وٺي اسان جي بيک ڪڍي ڇڏي آهي، باٿ رومن ڏي ته بار بار وڃي چيڪ ڪن پيا، چون ٿا سي ايم باٿ روم به ڏسي پيو. ڪاليج کان ٻاهر وڃون ٿا ته بلديا وارا رستن کي صاف ڪندي نه ٿا ٿڪجن، سي ايم صاحب سڀ کان پهريان تعليمي اداري ۾ پيو وڃي، ڪالھه هيليڪاپٽر تان لهندي مونو ٽيڪنيڪ ڪاليج ڪوهسار ويو، ٻي ڏينهن تي به تعليمي ادارا ٽارگيٽ ڪيا، ان جو ٻيو ٽارگيٽ اسپتالون آهن، ڪنهن ڪم سانگي سول اسپتال حيدرآباد وڃڻ ٿيو الائي ڪيترا ڊاڪٽر اسٽاف نظر آيا، جيڪي مون ان تعداد ۾ ڪڏهن نه ڏٺا هئا، مزي جي ڳالهھ انهن کي هڪ جڳھه تي ويهڻ به نه پيو اچي، ڪنهن وقت وارڊ ۾ پيا وڃن ڪنهن وقت آپريشن ٿيٽر ته ڪنهن وقت پاڻ در، دريون، گرلون ۽ گليون ڏسندا پيا وتن، ايڏو پريشاني جو عالم مون هنن ۾ ڏٺو جيڪو مون پوري زندگي نه ڏٺو هو، مريضن کي منٿون ڪن پيا ته سي ايم اڳيان اسان جي ڪا شڪايت نه ڪجو، ٻيلي اسان جي عزت رکجو، ان کي چئجو ته ڊاڪٽر صاحب مسيحا آهن، اسان کي ڇو تڪليف ڏيندا، سر هڪ ٻي ڳالهھ ٻڌايان سول اسپتال ۾ هڪ بهادر عورت هئي جيڪا سي ايم کي کريون ٻڌائڻ لڳي، ڪنهن شهيد ڊي ايس پي جي گهرواري هئي، ان پئي دانهون ڪيون ته اسپتال ۾ ڪا به ٽيسٽ ايڪسري، الٽرا سائونڊ، ايڪو پيسن کان سواءِ نه ٿو ٿئي، وڏيون وڏيون دانهون ڪندي رهي ان جي ڪنهن به نه ٻڌي ويتر ڊاڪٽرن اسپتال جو عملو ۽ پوليس وارا ان عورت کي پوئتي ڌڪيندا رهيا، ايترو ته کين پوئتي ڌڪي ويا جو عورت جا پگهر نڪري ويا، سر مونکي ٻڌايو ته ڇا سي ايم ان عورت جون دانهون نه ٻڌيون هونديون. مون کين چيو بابا تون ڇو ٿو پريشان ٿين، هي روز جو معمول آهي، اهڙا واقعا روزانو پوري سنڌ ۾ ٿين پيا ٻئي ڪا ڳالهھ ڪر، تنهنجي پريشان ٿيڻ سان ڪا تبديلي ايندي، جنهن تي چوڻ لڳو سر مون اها ڳالھه وڃي گهروارن کي ٻڌائي اهي پريشان ٿي ويا، ڇا سي ايم ان عورت جون ڳالهيون ٻڌي پريشان نه ٿيو هوندو، مون وري کين چيو بابا تون پريشان ٿي پنهنجي رت کي نه سڪاءَ هي جهان الله جو آهي الله پيو هلائي الله ئي ماڻهن کي سي ايم بڻائي ته ڪنهن کي پي ايم، الله جنهن کي عزت بخشي، بخشي سگهي ٿو. اها ٻي ڳالهھ آهي ته ان عهدي تي ڪو پورو نه ٿو لهي ته کين پڇاڻو به سخت ڪندو، ان ڳالهھ تي ته اوهان جو يقين آهي نه، ان ڳالهھ کان پوءِ ڪجهھ ٿڌو ٿيو ۽ چوڻ لڳو برابر اوهان سچا آهي.
مونکي هڪ ڳالھه سمجھه ۾ نه ٿي اچي ڪجهھ ماڻهن جو الله تي ۽ ان جي رسول تي ڇو ڪچو ايمان ٿيندو پيو وڃي، مولانا وحيد الدين پنهنجي ڪتاب “خدا ڪي دريافت” سائنس ڪي روشني مين خدا، پر ايمان ۾ لکن ٿا ته، هن دنيا کي الله ڪيڏي نه سليڪي سان ٺاهيو آهي، ليڪن نه مڃڻ وارا چون ٿا اسان خدا کي نه ٿا ڏسون ته اسان يقين ڪيئن ڪريون، انهن جي انڪار جو اهو انڪار بلڪل مڃڻ وارو نه آهي، مزيد ڪتاب ۾ لکي ٿو ته اسان جڏهن ڪنهن ريل گاڏي ۾ سفر ڪيون ٿا، ان ريل گاڏي ۾ ڪيئي گاڏا آهن، ٽرين 110 ڪلو ميٽر ڪلاڪ جي حساب سان هلي رهي آهي، اسان ان جي اندر ويٺا آهيون ظاهري طرح اسان ريل گاڏي جي ڊرائيور کي به نه ٿا ڏسون، پر اسان کي يقين آهي ته گاڏي جو ڪو ڊرائيور آهي جيڪو ان کي هلائي رهيو آهي جڏهن اسان پنهنجي منزل تي پهچون ٿا ته اهو ڪڏهن ارادو نه ٿا ڪيون ته ريل جي انجڻ ڏانهن وڃي ڊرائيور کي ڏسون. جي وڃي ڏسنداسين به ته اهو هڪ هٿن پيرن اکين وارو ئي انسان هوندو انجڻ ته تمام وڏي آهي اها ڪيئن پئي هلي ان تي ڪڏهن غور نه ڪندا آهيون، وڌيڪ لکي ٿو ته ماکي کي تيار ڪرڻ ۾ 550 ماکي واريون مکيون ملي ڪري 20 لک دفعن کان مٿي گلن جو رس چوسين ٿيون، تڏهن وڃي هڪ پاءَ ماکي تيار ڪن ٿيون.
بهرحال هي موضوع تمام وڏو آهي بهتر آهي ته اچون پنهنجي ڳالھه ڏانهن ته سي ايم سنڌ جو حيدرآباد وارو ٻن ڏينهن وارو طوفاني دورو پوري حيدرآباد ۾ ٿرٿلو مچائي ويو، ان دوري جا ڪهڙا نتيجا اچن ٿا اهو وقت ٻڌائيندو، پر ظاهري طرح سان اڪثر ماڻهن جواهو گمان آهي ته هي سڀ ڪجهھ ڏيکاءُ کان سواءِ ڪجھه نه آهي ڪجھه ٿيڻو نه آهي، اجائي ٻه ڏينهن حيدرآباد جهڙي خوبصورت شهر کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ويو، آفيسر ساڳيو ئي پنهنجن آفيسن ۾ موجود مستيون ڪرڻ لڳا آهن، سندن ٻه ڏينهن جيڪي ڌنڌا بند ٿيا هئا ان جو اوور ٽائيم ڏئي ڪم کي پورو ڪن پيا.