زندگي جي هر موڙ تي انسان پنهنجن خوابن کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ جتن ڪندو رهي ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن اهي خواب هڪ اهڙو ساڳيو الميو بڻجي وڃن ٿا، جيڪو نه رڳو فردن جي زندگي، پر سڄي سماج جي اجتماعي شعور کي لوڏي ڇڏيندو آهي. مراڪش جي ويجهو ٻيڙيءَ جو حادثو هڪ اهڙو ئي الميو آهي جيڪو انساني اسمگلنگ جي لعنت ۽ ان سان جڙيل انساني محرومين جي انتها کي ظاهر ڪري ٿو. هي حادثو نه رڳو انهن ماڻهن لاءِ درد جو ڪارڻ بڻيو جيڪي بهتر مستقبل جي تلاش ۾ پنهنجو سڀ ڪجھ وڪڻي پنهنجي جانين کي خطري ۾ وجهي ان سفر تي روانا ٿيا، پر انهن لاءِ به هڪ تنبيهه آهي جيڪي انساني زندگين کي رڳو هڪ واپاري جنس سمجهي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪن ٿا. ان حادثي ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زندگين کان محروم ٿي ويا ۽ سندن لاش مراڪش جي سامونڊي ڪنارن تي ڌوپجي آيا. انهن مظلومن ۾ اهڙا ماڻهو به هئا جيڪي پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين هڪ محفوظ ڪناري جي اميد رکندا هئا.
جاچ مان اها ڳالھه سامهون آئي آهي ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث هڪ عورت غلام فاطمه، جيڪا پنهنجي پٽن سان گڏجي هن ڏوهن جي دنيا ۾ شامل هئي، ڪيترن ئي بيگناھ ماڻهن کي پنهنجي رستا روڪ جو شڪار بڻايو. هوءَ جيڪا هڪ ماءُ هجڻ جي حيثيت ۾ انساني محبت ۽ حفاظت جو مثال بڻجي سگهي ٿي، پاڻ ئي انساني زندگين جي خريد و فروخت ۾ شامل هئي. سندس ڪاروبار جي پٺيان هڪ اهڙو نظام ڪم ڪري رهيو هو، جيڪو سينيگال کان موريطانيا ۽ پوءِ مراڪش تائين، ماڻهن کي هڪ بهتر مستقبل جي خوابن جي نالي تي دنيا جي خطرناڪ ترين سامونڊي رستن تي ڌڪيندو رهيو.
سينيگال کان شروع ٿيندڙ هي سفر، جيڪو موريطانيا ۽ مراڪش کان ٿيندو اسپين جي هڪ ٻيٽ تائين پهچڻ جو واعدو ڪندو هو، ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ زندگي جو آخري سفر ثابت ٿيو. اهي انسان، جن جا خواب ۽ اميدون ڪجهه لکين رپين جي قيمت ۾ خريد ڪيا ويا، ان وقت هڪ بي رحم سامونڊري تڪرار جو شڪار ٿي ويا، جڏهن مقامي اسمگلرز کان اضافي رقم جي تقاضا ٿي. ان تڪرار جي نتيجي ۾، نه فقط ٻيڙي ٻڏي وئي، پر انساني زندگيون به ڪنهن بي نام ڪناري تي ختم ٿي ويون.
هي حادثو انساني ضمير جي ان تاريڪ پهلو کي ظاهر ڪري ٿو، جتي لالچ ۽ بيحسي انساني قدرن کي برباد ڪري ڇڏين ٿا. جاچ دوران معلوم ٿيو ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث گروپ پنهنجن مقصدن لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، موبائل ڊيٽا ۽ بينڪ اڪائونٽن جو استعمال ڪندا هئا. انهن ماڻهن پنهنجي زندگي آسودگي سان گذارڻ لاءِ ٻين ماڻهن جا خواب چوري ڪيا.
حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ڪارروايون ۽ جاچ ڪرڻ هڪ ضروري قدم آهي، پر ڇا هي سڀ ڪجھ ڪافي آهي؟ ڇا اسان هڪ اهڙو سماج بڻجي چڪا آهيون، جتي انسانن جا خواب رڳو هڪ واپار بڻجي وڃن ٿا؟ ڇا اسان کي انهن حالتن کان سبق سکڻ لاءِ وڌيڪ حادثن جي ضرورت آهي؟
مراڪش جي حادثي ۾ نه رڳو انسانن جا لاش سامونڊي ڪنارن تي مليا، پر انهن سان گڏ اسان جي سماج جي اجتماعي شعور جو لاش به ڏٺو ويو. هي حادثو اسان لاءِ هڪ واضح پيغام آهي ته جيڪڏهن اسان پنهنجي سماجي نظام ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ سنجيده نه ٿياسين ته پوءِ اهي معصوم انسان جيڪي هڪ بهتر مستقبل جي اميد رکن ٿا، هميشه لاءِ خاموش ٿي ويندا ۽ اسان جي تاريخ جي هڪ المناڪ باب ۾ دفن ٿي ويندا.
انساني اسمگلنگ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ صرف قانوني ڪارروايون ڪافي نه آهن. ان لاءِ هڪ اخلاقي انقلاب جي ضرورت آهي، جيڪو ماڻهن کي سندن ذميواريون سمجهائي ۽ انهن کي انسانيت جي حقيقي معنيٰ سان واقف ڪرائي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انساني قدر ۽ محبت جو شعور ختم ٿي وڃي ته پوءِ انساني سماج ۾ ڪجھ به باقي نه بچندو.