صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻئي دور جي ڪرسيءَ جو افتتاح ٿي ويو ۽ ان دور ۾ جڏهن ٽرمپ جي شروع جي بيانن دنيا کي ۽ خاص مغربي دنيا کي ٻاري رکيو آهي. حالانڪه ٽرمپ پنهنجي پهرئين دور ۾ جارحيت جون ڳالهيون ترڪ ڪري ڇڏيون هيون. ڊسمبر 2021 ۾ ٽرمپ جي افغان طالبان جي لاءِ وڏي خوشخبري اها به هئي ته افغانستان مان الائيڊ فورسز (نيٽو فورسز) جو انخلا ٿيندي، جنهن خيال طالبان کي ٻيهر افغانستان فتح ڪرڻ جي وٿي فراهم ڪئي ۽ انخلا بنا ڪنهن چونڊن جي طالبان کي ڪرسي ۽ بادشاهت جو تاج ڏياريو، پر هاڻي جي بيانن آمريڪا کي روس ۽ چين سان گڏ بيهاري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ اها ڳالھ هاڻي چوڻ بيجا آهي ته روس يوڪرين مان نڪري، ان ڪري ته دنيا جون طاقتون ڪولڊ وار ۽ پوسٽ ڪولڊ وارز کانپوءِ هاڻي وري ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ لڳي ويون آهن، جنهن مان چين به آجو ناهي. اهي ٽئي وڏا ملڪ جنهن ۾ روس، آمريڪا ۽ چين پنهنجو پاڻ جنگين ۾ لٿل آهن، جيڪي بايولاجيڪل وارز سان گڏ هاڻي معاشي جنگيون به وڙهن ٿا. هاڻي اهي وڏا هاٿي ته ننڍن ملڪن جي مٿان هلان ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪن، جنهن ۾ آمريڪا جو هاڻي ٽرمپ طرفان اعلانيل ڪئناڊا ۽ گرين لينڊ تي قبضي ڪرڻ واري ڳالھ به آهي. آمريڪا چاهي ٿو ته هو اتر آمريڪا کنڊ ۾ پاڻ پنهنجي 50 رياستن سان گڏ ڪئناڊا کي به ويڙهي وڃي ۽ پوءِ سمورو کنڊ آمريڪا جو هجي، جو اڌ گول جي بجاءِ آمريڪا سڄي گول تي حڪومت ڪري، جيڪا ڳالھ کڻي ممڪن هجي، ان ڪري ته ڪئناڊا جا باسي يا رياست به ان ڳالھ ۾ ٿي سگهي ٿو راضي هجن ته ائين ٿئي، باقي رهيو گرين لينڊ جنهن تي آمريڪا ڊينمارڪ کي چيڙائي سگهي ٿي. حيرت اتي اها به آهي ته هيل يا 2025 کانپوءِ مسلمان رياستن سميت جنگيون هاڻي مغربي ملڪن ۾ به ڪاهي پيون آهن يا ان ڳالھ کي سولو ڪجي ته غير مسلم ملڪ به هاڻي پنهنجن ئي غير مسلم يا عيسائي رياستن کي هٿ ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن.