بلاگنئون

آمريڪي جارحيت ۽ ڪئناڊا جو جواب

صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻئي دور جي ڪرسيءَ جو افتتاح ٿي ويو ۽ ان دور ۾ جڏهن ٽرمپ جي شروع جي بيانن دنيا کي ۽ خاص مغربي دنيا کي ٻاري رکيو آهي. حالانڪه ٽرمپ پنهنجي پهرئين دور ۾ جارحيت جون ڳالهيون ترڪ ڪري ڇڏيون هيون. ڊسمبر 2021 ۾ ٽرمپ جي افغان طالبان جي لاءِ وڏي خوشخبري اها به هئي ته افغانستان مان الائيڊ فورسز (نيٽو فورسز) جو انخلا ٿيندي، جنهن خيال طالبان کي ٻيهر افغانستان فتح ڪرڻ جي وٿي فراهم ڪئي ۽ انخلا بنا ڪنهن چونڊن جي طالبان کي ڪرسي ۽ بادشاهت جو تاج ڏياريو، پر هاڻي جي بيانن آمريڪا کي روس ۽ چين سان گڏ بيهاري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ اها ڳالھ هاڻي چوڻ بيجا آهي ته روس يوڪرين مان نڪري، ان ڪري ته دنيا جون طاقتون ڪولڊ وار ۽ پوسٽ ڪولڊ وارز کانپوءِ هاڻي وري ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ لڳي ويون آهن، جنهن مان چين به آجو ناهي. اهي ٽئي وڏا ملڪ جنهن ۾ روس، آمريڪا ۽ چين پنهنجو پاڻ جنگين ۾ لٿل آهن، جيڪي بايولاجيڪل وارز سان گڏ هاڻي معاشي جنگيون به وڙهن ٿا. هاڻي اهي وڏا هاٿي ته ننڍن ملڪن جي مٿان هلان ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪن، جنهن ۾ آمريڪا جو هاڻي ٽرمپ طرفان اعلانيل ڪئناڊا ۽ گرين لينڊ تي قبضي ڪرڻ واري ڳالھ به آهي. آمريڪا چاهي ٿو ته هو اتر آمريڪا کنڊ ۾ پاڻ پنهنجي 50 رياستن سان گڏ ڪئناڊا کي به ويڙهي وڃي ۽ پوءِ سمورو کنڊ آمريڪا جو هجي، جو اڌ گول جي بجاءِ آمريڪا سڄي گول تي حڪومت ڪري، جيڪا ڳالھ کڻي ممڪن هجي، ان ڪري ته ڪئناڊا جا باسي يا رياست به ان ڳالھ ۾ ٿي سگهي ٿو راضي هجن ته ائين ٿئي، باقي رهيو گرين لينڊ جنهن تي آمريڪا ڊينمارڪ کي چيڙائي سگهي ٿي. حيرت اتي اها به آهي ته هيل يا 2025 کانپوءِ مسلمان رياستن سميت جنگيون هاڻي مغربي ملڪن ۾ به ڪاهي پيون آهن يا ان ڳالھ کي سولو ڪجي ته غير مسلم ملڪ به هاڻي پنهنجن ئي غير مسلم يا عيسائي رياستن کي هٿ ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن.

هاڻوڪي ڪيليفورنيا ۽ لاس اينجلس واري باھ جي عذاب آمريڪا جي پنهنجي اسٽريٽجي سميت اسرائيل کي به پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، پر ٽرمپ ته هيل جنگين جا نوان ورَ کڻي لهندو ۽ هاڻي لڳي ٿو ته هو اسرائيل جي جارحيت کان گهڻو پاڻ جارحانا ٿي ڏيکاريندو، جنهن جو فائدو مسلمان ملڪن کي گهڻو ۽ مغربي ملڪن کي گهٽ ٿيندو. توڙي جو هاڻي واري شامي انقلاب ايران، روس ۽ ترڪي سميت مليشيا کي به ڏٺو ڪري وڌو، جو انهن جيتري شام جي حمايت پئي ڪئي، اوتري ئي شامي (بشارالاسد) جي سرڪار پڙُ ڪڍي بيهي رهي ۽ آساني سان ملڪ مان فرار ٿي پاڻ به ڪمزور ٿي ويا (هڪ سياسي تبصري مطابق) ۽ پنهنجن ساٿي ملڪن کي به خوار ڪري ويا. ان سان جيڪي پراڪسي جنگيون هيون جيڪي حوثي، (انصارالله)، حزب الله، القاعده، طالبان ۽ پاڪستاني گروهن سان جڙيل هيون سي جهڪيون ٿي وينديون، ان ڪري ته انهن ۾ آمريڪا جا جيڪي مفاد هئا سي ساڀيان نه پيا، پر هاڻي جيڪڏهن آمريڪا پاڻ جنگ ۾ لهي گرين لينڊ ۽ ڪئناڊا تي قبضو ڪري ٿو وڃي ته اهو انهن جي پنهنجي مفاد جي لاءِ بهتر ثابت ٿيندو. آمريڪا پاڻ زميني توسيع سان گڏ معاشي ۽ اقتصادي بهتري ماڻي سگهي ٿو، ڇو ته رڳو پراڪسي وارز ۾ مسلمان جو ساھ سُڪائڻ به ڪنهن صورت آمريڪا کي ڪجھ فائدو ڏئي نه سگهيو، جو سي آءِ اي جُتيون گسائي ڇڏيون، پر افغان وار ۾ انهن جي ڪا دال نه ڳري نه ئي طالبان (افغان) هنن جي هڪ ٻُڌي يا پنهنجي ضد تان هٽيا، پر اهي طالبان پنهنجي مفاد ۾ آمريڪا جهڙي ملڪ کي گهمائي ويا جو ايتري امداد هوندي به اهي طالبان آمريڪا سان سچا ٿي نه هليا.

ٽرمپ جي اهڙي تجويز کي ڪئناڊا جي هڪ سينئر صحافي ننديو آهي ته ائين نه ٿيندو جو ڪئناڊا پنهنجي شناخت ختم ڪري آمريڪا جي رياستن ۾ ضم ٿي وڃي، جيڪا شيءِ ٿيڻي ناهي، پر ان ڳالھ جي ڀيٽ ۾ آمريڪا ڪئناڊا کي اقتصادي ترقيءَ جي لاءِ بهتر قرار ڏئي ٿي. ساڳي جاءِ تي ڪئناڊا به ان ڳالھ جي تجويز ڏئي ٿو ته هو آمريڪا کان الاسڪا، مينيسوٽا ۽ منيپولس خريد ڪري سگهن ٿا، پر اهي قطعي طور تي آمريڪا جو حصو نه بڻبا. ٽرمپ کڻي مذاق به ڪندو هجي، پر سوشل ميڊيا تي ان ڳالھ کي سنجيده پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪئناڊا جي وزيراعظم چيو ته هو استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي، پر اها ڳالھ به مڃي ٿو ته ڪئناڊا جا ماڻهو پاڻ آمريڪا جي رياست بڻجڻ چاهين ٿا، آمريڪا ريفرينڊم به ڪرايو ته اهي ڪئناڊا کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ويندا. ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو پنهنجي عوام کي ان ڳالھ جي تنبيهه به ڪئي آهي ته اهي آمريڪا جي رياست بڻجڻ سان روسي ۽ چيني جهازن جي خطري ۽ ٻين ملڪن جي سازشن کان بچي ويندا، ٻي صورت ۾ آمريڪا فوجي طاقت به استعمال ڪري سگهي ٿو، جنهن سان خطي ۾ بدنظمي ۽ جنگي ماحول پيدا ٿيندو، جيڪو ڪئناڊا جي عوام جي لاءِ برداشت جوڳو نه هوندو. ان جي ڀيٽ ۾ ٽرمپ ان ڳالھ کي آمريڪا جي فتح واري صبح سڏي ٿو. ٽرمپ جي نظر ۾ اها آمريڪا جي سونهري صبح هوندي جو الاسڪا (جيڪا رياست ڪنهن دور ۾ روس جو حصو هوندي هئي) ۽ هاڻي گرين لينڊ کانپوءِ ڪئناڊا جي مٿان اکيون رکي ويٺو آهي، جيڪو واقعي ئي ڪري ويندو. ان کان علاوه ڪئناڊا طرفان ٽرمپ جي معاشي طاقت بڻائڻ واري خطري کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪئناڊا کي آمريڪا ۾ جذب ڪرڻ واري ڳالھ کي دوزخ ۾ سِنوبال اڇلائڻ وارو موقعو سڏيو آهي، پر ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جي استعيفيٰ جي فيصلي ڪئناڊا کي ضم ڪرڻ جي تجويز کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي. ڪجھ ملڪن ان کي ٽرمپ جي پراڻي مذاق يا محض پوسٽرنگ سمجهي ٽرمپ جي ان تجويز کي رد ڪن ٿا ته ڪئناڊا کي 51 هين رياست ٿيڻ گهرجي. جڏهن ته ٻيا ان کي خراب سياسي خيال طور رد ڪن ٿا، پر ٽرمپ اقتصادي قوت کي بنياد بڻائي گرين لينڊ خريد ڪرڻ ۽ پاناما ڪينال کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڳالهين سان گڏ اهو به سمجهي ٿو ته هو آمريڪي طاقت کي وڌائي ويندو، جيڪو ان جو بنيادي مقصد به آهي.

جيتوڻيڪ، اها ڳالھ ڪينيڊين جي وچ ۾ گهڻو ڪري غير مقبول ٿي رهي آهي ۽ ٽروڊو جي سياسي اسٽيج مان نڪرڻ سان اهو واضح ناهي ته ٽرمپ جي تبصرن جو اثر نون اڳواڻن جي تحت يو ايس- ڪئناڊا جي لاڳاپن تي پوندو. آمريڪا ۽ ڪئناڊا کي ضم ڪرڻ لاءِ ٽرمپ جي ڳالهين بابت هتي اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته ملائڻ جون اهڙيون ڪوششون آمريڪي تاريخ جي اوائلي تاريخ ڏانهن واپس وڃن ٿيون، جڏهن آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ اتحاد صدين تائين رهيو، جڏهن آمريڪي اڳواڻن ڪيوبيڪ تي حملو ڪيو. ڪجھ ڏهاڪن کانپوءِ آمريڪا 1812 جي جنگ دوران ڪئناڊا تي ناڪامي طور تي حملو به ڪيو هو، جڏهن رائل نيوي آمريڪي ملاحن کي پنهنجن ٻيڙين ۾ آڻڻ لاءِ مايوسي ٿي ۽ اهي 1812 دوران جنگ وڙهيا، ڪينيڊين پهرين عالمي جنگ ۾، ٻي عالمي جنگ ۾، ڪوريا ۾ ۽ نار جي جنگ ۾ آمريڪين سان وڙهيا، جڏهن آمريڪي سپاهي ڪئناڊا لاءِ مري ويا ۽ جڏهن ڪئناڊا جا سپاهي آمريڪا لاءِ مري ويا، پر گذريل هڪ صدي کان وٺي اڄ ڪئناڊا ۽ يو ايس وڌيڪ مضبوط فوجي ۽ اقتصادي ڀائيوار آهن، پر ڪجھ حيران ڪندڙ حقيقتون اهي به آهن ته ڇا ٽرمپ پنهنجي ملڪ جي ڊگهي اتحادي جي خلاف ڪنهن جنگ جو اشارو ڏئي سگهي ٿو ته هو مغربي اڌ گول جي وڌيڪ ڪنٽرول ڪري ويندو؟ ڇا ڪئناڊا وري 1812 ۽ 1860 ڏانهن واپس وڃڻ چاهيندا؟ ٿي سگهي ٿو ٽرمپ ڪري وڃي، پر ڪينيڊين کي ان ڳالھ جي پڪ ناهي ته آمريڪي ائين ڪندا. هڪ ليجر- پُول جنهن مان معلوم ٿيو آهي ته 82 سيڪڙو ڪينيڊين ايندڙ رياست طور آمريڪا ۾ شامل ٿيڻ جي خيال جي مخالفت ڪن ٿا. گذريل آڪٽوبر جي هڪ ٻئي ليجر- پُول مان اهو معلوم ٿيو ته ڪئناڊا جا ماڻهو ڪهڙي آمريڪي اميدوار جي حمايت ڪندا يا ڪهڙا ڪينيڊين 2024 جي مقابلي ۾ ووٽ ڏئي سگھن ٿا، جنهن ۾ تقريبن ٻه ڀاڱي ٽي ڪينيڊين نائب صدر هيرس جي حمايت ڪئي ۽ صرف 21 سيڪڙو ٽرمپ جي حمايت ڪئي هئي، جن سمجهيو ته هنن کي اهو احساس آهي ته ڪئناڊا هڪ جمهوري رياست آهي، هو اهو به سمجهن پيا ته ڪئناڊا ڪيليفورنيا جي سائيز جهڙي نيري رياست آهي، اهي اها ڳالھ به سمجهن پيا ته آمريڪي جمهوريت جي مقابلي ۾ ڪئناڊا هڪ آئيني بادشاهت آهي ۽ اڳ ۾ ئي اها 10 صوبن ۾ ورهايل آهي. ڪئناڊا وارا سمجهن ٿا ته ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ گهڻو ڪجھ هڪ جهڙو آهي، ڪئناڊا جو چوٿون حصو فرانسيسي ڳالهائي ٿو، پر ڪيوبيڪ جو صوبو اڃان تائين ڪئناڊا جي آئين جو حصو ناهي، ان ڪري ڪينيڊين آمريڪي آئين جو حصو ٿيڻ نه چاهيندا. انهن جي مطابق اهي اڃان تائين ڪجھ ميرٽ ۽ جمهوريت ڏسڻ چاهين ٿا، جيڪي ڪينيڊين صدر جي چونڊيل تجويز پيش ڪن ٿا، پر جسٽن ٽروڊو کي اها خبر هئي تنهنڪري هن استعيفيٰ ڏني. جيڪڏهن ٽرمپ پنهنجي اتحادي تي دٻاءُ وڌائڻ بابت سنجيده آهي ته ان کي به جمهوري طريقي سان جواب ملڻ گهرجي، هن کي جلد ئي نون اڳواڻن سان مسئلو حل ڪرڻو پوندو ۽ ڪئناڊا ۾ ڪيترن ئي هن جي ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن جو پيغام آهي ته ڪئناڊا ڪڏهن به آمريڪا جي 51 هين رياست نه ٿيندي.