ايڊيٽوريلنئون

سڄي دنيا مان آمريڪي سفارتخانن کي شاگردن جا ويزا جاري نه ڪرڻ جو حڪم

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو چونڊن ۾ هڪ خاص ايجنڊا تي چونڊون کٽي آمريڪا جو صدر بڻجي هن وقت سڄي دنيا کي حيران ۽ پريشان ڪري رهيو آهي، سندس ايجنڊا مطابق “آمريڪا سڀ کان پهرين” جي مطابق هو هر روز ڪا نه ڪا اهڙي خبر ميڊيا کي ڏئي ٿو، جيڪا سڄي دنيا کي ڇرڪائي ڇڏي ٿي يا وري دنيا کي دٻاءُ جو شڪار ڪري ڇڏي ٿي. جيئن ته ان ڳالهه جي سڀني کي خبر آهي ته ايشيا ۾ اسرائيل جو سڀ کان وڏو حامي آمريڪا آهي يا ايئن کڻي چئجي ته اسرائيل آمريڪا جو پاليل ٻار آهي، جنهن جي جسماني نشو و نما کان وٺي دفاعي صلاحيتن تائين آمريڪا پنهنجون ذميداريون نڀائي رهيو آهي.

هينئر ايشيا جي سڀني ملڪن کي جيڪڏهن ڪنهن به سختيءَ کي منهن ڏيڻو پوي پيو ته ان سڀ کان وڏو سبب ڪٿي نه ڪٿي وڃي اسرائيل جي وجود سان ڳنڍجي ٿو. عرب ملڪ هجن يا انڊيا پاڪستان يا وري ايران سڀني جي مٿان جيڪي به ٿوريون گهڻيون سختيون آهن اهي آمريڪا جي انهن پاليسين جو نتيجو آهن جيڪي اسرائيل جي دفاع جي لاءِ جوڙيون ويون آهن.

آمريڪا هڪ اها رياست آهي جيڪا جمهوري قدرن جي سڀ کان وڏي علمبردار رياست چئي سگهجي ٿي، اتي دنيا جي هر ماڻهوءَ کي اچي ڪم ڪرڻ، پڙهڻ ۽ پنهنجي زندگيءَ جي لاءِ نوان موقعا تلاش ڪرڻ جي اجازت هئي. آمريڪا اهو ملڪ آهي جنهن جي پنهنجي ڪابه اصلوڪي مقامي آبادي ناهي، بلڪه اتي رهڻ وارا سڀيئي ماڻهو ڪنهن ٻئي خطي کان اچي آباد ٿيا ۽ آمريڪا ۾ انهن پنهنجي قسمت آزمائي ڪري پنهنجو مستقبل سنواريو، پر ڪجهه عرصي کان آمريڪا جا ڪجهه ماڻهو ٻين ملڪن مان آيل ماڻهن جي مخالفت ڪن ٿا ۽ انهن جي اتي غير قانوني طريقي سان رهڻ تي قانون سازي ڪرڻ لاءِ رياست مٿان دٻاءُ وجهي رهيا هئا، ان حد تائين ته شيون قابل قبول آهن. ڇو ته ڪنهن به ملڪ ۾ هڪ درجي تائين آباديءَ جو غير قانوني دٻاءُ برداشت ڪري سگهجي ٿو، پر ان کانپوءِ اهو دٻاءُ برداشت ڪرڻ جي قابل نٿو رهي ۽ رياست کي قانون سازي ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي.

هن وقت آمريڪا ۾ صورتحال اها آهي جو سالن کان وٺي رهندڙ گرين ڪارڊ رکندڙ به پنهنجو پاڻ کي اتي محفوظ نٿا محسوس ڪن، ڇو ته انهن جي لاءِ به آمريڪا جي زمين کي تنگ ڪيو پيو وڃي ۽ ٽرمپ انتظاميه جي طرفان اهڙا نوٽيفڪيشن جاري ڪري انهن کي به ملڪ بدر ڪيو پيو وڃي. آمريڪا جيڪو نوجوان شاگردن جي لاءِ هڪ وڏو موقعو آهي جتي دنيا جا شاگرد خانگي طور تي يا آمريڪا جي طرفان ڏنل اسڪالرشپن تي اچي تعليم حاصل ڪري پنهنجن ملڪن ڏانهن موٽي وڃن ٿا ۽ جڏهن اهي پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس وڃن ٿا ته اهي آمريڪا جا سفير به بڻجي وڃن ٿا. هن وقت انهن شاگردن جي لاءِ آمريڪا پنهنجي زمين تنگ ڪري ڇڏي آهي. بي بي سي نيوز جي هڪ رپورٽ مطابق سفارتي مشنن کي موڪليل هڪ ميمو ۾ پرڏيهي وزير مارڪ روبيو اها هدايت ڪئي آهي ته شاگردن کي ويزا نه ڏنو وڃي ۽ صرف انهن شاگردن کي ويزا ڏنو وڃي جن کي في الحال انٽرويو جي تاريخ ملي چڪي آهي، ڇو ته شاگردن کي ويزا ڏيڻ جي لاءِ حڪومت هڪ نئين پاليسي تيار ڪري رهي آهي ۽ ان پاليسيءَ جي تياري کان اڳ شاگردن کي ويزا ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي.

هي قدم هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا جي ڪجهه يونيورسٽين سان ٽرمپ جو تڪرار جاري آهي. ٽرمپ انهن کي کاٻي ڌر جي حامي يونيورسٽين ۾ شامل سمجهي ٿو ۽ سندس چوڻ آهي ته ڪيترين ئي يونيورسٽين جي ڪئمپسن ۾ يهود دشمنيءَ کي هوا ڏني وڃي ٿي ۽ امتيازي داخلا پاليسين کي برقرار رکيو ويو آهي. يقينن آمريڪا ان قدم کڻڻ جي پٺيان ڪا نه ڪا سوچ رکي ٿو، ڇو ته ڪجهه مهينا اڳ آمريڪا جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ بين الاقوامي توڙي آمريڪي شاگردن غزه ۾ ٿيندڙ ننڍڙن ٻارن، صحافين، عورتن، ڊاڪٽرن، اسپتالن ۽ اسڪولن جي مٿان ٿيندڙ حملن جي خلاف وڏا وڏا احتجاج ڪري آمريڪا کي تمام گهڻي شرمندگيءَ جو شڪار ڪري ڇڏيو هو. هن پاليسي جو مقصد به اهو ئي آهي ته هاڻي جيڪي به شاگرد آمريڪا ۾ پڙهڻ ايندا ته انهن جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ چيڪ ڪيا ويندا، انهن جي سختيءَ سان نگهداشت ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن اهي شاگرد ڪيترا به اهل ڇو نه هجن، پر انهن جو واسطو جيڪڏهن ڪنهن به طريقي سان فلسطين جي حمايتي طور نظر اچي ويو ته شايد مستقبل ۾ اهڙن شاگردن کي آمريڪا ۾ داخلا نه ڏني ويندي.

هونئن ته نوجوان شاگردن کي گهرجي ته اهي پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ پنهنجي پڙهائيءَ تي توجهه ڏين، پر نوجوان جيڪڏهن سياسي نظريو نه رکندا ته پوءِ مستقبل ۾ ليڊر ڪٿان پيدا ٿيندا. آمريڪا ته هڪ اهو ملڪ آهي جيڪو جمهوريت جي آزاديءَ جو علم بلند ڪري ٿو، ڳالهاڻ ۽ لکڻ جي آزادي ڏئي ٿو ۽ فرد جي آزاديءَ کي ڪنهن به ٻئي ملڪ جي آئين کان وڌيڪ تسليم ڪري ٿو. هن وقت ٽرمپ آمريڪا کي هڪ غير جمهوري رياست جي طور تي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

اهو عمل آمريڪي عوام جي لاءِ شايد گهڻي دور تائين قابل قبول ڳالهه نه رهندي. اهي بين الاقوامي شاگرد جيڪي آمريڪا ۾ اچي پڙهن ٿا اهي نه صرف تعليم حاصل ڪن ٿا، پر انهن تعليمي ادارن جي لاءِ هڪ وڏي معاشي مدد به فراهم ڪن ٿا، جن جي پئسي سان اهي يونيورسٽيون پنهنجو قيام ممڪن بڻائين ٿيون. ڏسجي ته مستقبل ۾ آمريڪا ڪهڙيون پاليسيون ٺاهي شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اجازت ڏئي ٿو. اهو به ڏسڻو آهي ته اهي نيون پاليسيون ڇا آمريڪا جي لاءِ مستقبل ۾ جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪومت نه رهندي تڏهن به قابل قبول هونديون يا وري انهن ۾ ڪا تبديلي ايندي؟