بلاگخاص

جسم ۾ موجود عنصرَ اعجاز منگي

جسم ۾ موجود عنصرَ

اعجاز منگي

انساني جسم ۾ ويهه کن عنصر موجود آهن انهن مان ڪيترائي لکين سال پراڻن ستارن ۾ موجود هئا ۽ مختلف طبعياتي عملن ذريعي ڌرتيءَ تائين پهتا. ڌرتيءَ تي پهچڻ بعد اهي عنصر ڪيترن هزارن سالن جي ارتقائي عمل بعد انساني جسم جو حصو بڻجي ويا. جيڪڏهن انساني جسم کي، جنهن جو وزن اسي ڪلو گرام هجي ٽوڙي ائٽم ۾ تبديل ڪريون ته مختلف عنصرن جي ترتيب هيٺئين ريت ٿيندي.

  1. آڪسيجن 51 ڪلو گرام

آڪسيجن عنصر انساني جسم جو اڌ ٺاهي ٿو اڌ کان به ٿورو وڌيڪ مايو (Mass) آڪسيجن جو ٺهيل آهي.

  1. ڪاربان 14.4 ڪلو گرام

انساني زندگي ڪاربان زندگي آهي، ڇو ته ٻارنهن سيڪڙو ائٽم ڪاربان جا آهن، ڪاربان هڪ اهم عنصر آهي. لکين سال آڳاٽن مليل انساني هڏن جي عمر هڪ ڪيميائي عمل ڪاربان ڊيٽنگ جي ذريعي معلوم ڪئي ويندي آهي. ڪاربان اسان جي چوڌاري موجود آهي. جاندار کاڌي خوراڪ مان ڪاربان 14 پنهنجي جسم ۾ ڪٺو ڪندا رهن ٿا. جڏهن انسان يا جانور مرن ٿا ته ڪاربان استعمال ڪرڻ جو عمل بند ٿي وڃي ٿو ۽ ڪاربان 14 مئل جاندارن جي جسم مان آهستي آهستي خارج ٿيندو رهي ٿو. جسم جو ماس ته ختم ٿي وڃي ٿو، پر هڏا بچن ٿا اهي هڏا به ڪاربان خارج ڪندا رهن ٿا. هڏن ۾ موجود ڪاربان جي مقدار مان ان جاندار جي اصل عمر جو ڪاٿو لڳايو ويندو آهي.

  1. هائيڊروجن 8 ڪلو گرام

بگ بينگ (Big Bang) عظيم تخليقي ڌماڪي سان هائيڊروجن ائٽم ٺهيا ٻيا عنصر بعد ۾ ستارن منجهان ٺهندا رهيا ۽ سپر نووا (Super Nova) جي نتيجي ۾ خلا مان سفر ڪندا اچي ڌرتيءَ تي پهتا انسان جي جسم کي ان لاءِ (Star Dust) ستارن جي دز به چوندا آهن.

  1. نائيٽروجن 2.4 ڪلو گرام

چار عنصر انساني جسم ۾ مکيه آهن، اهي آڪسيجن، نائيٽروجن، ڪاربان ۽ هائيڊروجن آهن. جسم 99 سيڪڙو انهن عنصرن مان ٺهيل آهي. انهن کان علاوه ٻيا عنصر ۽ انهن جو مقدار هيٺئين ريت آهي:

ڪيلشيم 1.11 ڪلو گرام،

فاسفورس 880 گرام،

سلفر 200 گرام،

پوٽاشيم 200 گرام،

سوڊيم 120 گرام،

فلورين 120 گرام،

ميگنيشيم 40 گرام.

ميگنيشيم انتهائي اهم عنصر آهي جيڪو انسان جي تنتي نظام (Nervous System) کي مضبوط رکي ٿو.

آئرن 4.8 گرام: انساني جسم جي رت جي ڳاڙهن جزن ۾ آئرن موجود هوندو آهي. آئرن جي کوٽ يا واڌ صحت تي خطرناڪ اثر ڇڏيندي آهي.

فلورين 3 گرام: فلورين ڏندن کي مضبوط رکي ٿي، پر هي  عنصر زندگيءَ جي لاءِ جز ناهي.

زنڪ 2.6 گرام: زنڪ جي کوٽ، واڌ، ٿڪاوٽ جو سبب ٿئي ٿي.

اسٽارنيشيم 0.37 گرام: اسٽارنيشيم (Strontium) انساني هڏن ۾ موجود هوندو آهي، ٻارن ۾ هن عنصر جي کوٽ سندن واڌ ويجهه کي روڪيندي آهي.

آيوڊين 0.0128 گرام: جيڪڏهن جسم ۾ آيوڊين جي گهٽتائي ٿي وڃي ته ڳلي ۾ ڳوڙها ٺهي ويندي آهن  ان لاءِ هي عنصر به ضروري آهي. آيوڊين مليل لوڻ کائڻ گهرجي ان سان گهٽتائي جي پورائي ۾ مدد ملندي آهي.

ڪاپر 0.08 گرام: جيڪڏهن جسم ۾ ڪاپر جي ڪمي ٿي وڃي ته دماغ جا ۽ رت جا مسئلا شروع ٿي ويندا آهن جيڪي دورن جي صورت ۾ به ظاهر ٿيندا آهن.